اداريو
مفتي محمد رحيم سڪندري
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
مخدوم العلماء جڳ مشهور محقق سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رحمة الله عليہ چورانوي سال جي جهدِ مسلسل جي زندگي گذاري وصال ڪري ويو.
ڊاڪٽر صاحب جن سموري زندگي نظام الاوقات جي سخت پابندي سان گذاري. اسانجي بزرگن رات جي پوئين حصي کي ذڪر فڪر ۽ تحقيق لاءِ وڏي اهميت ڏني. رات جو آخري حصو مقبوليت جو هوندو آهي. الله جا پيارا ٻانها پوئين رات جو فقط ٻن نفلن کي دنيا جي دولت کان به وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. منهنجي اساتذه بالخصوص سائين مفتي محمد صاحبداد رحمة الله عليہ، استاد محمد صالح مهر، استاد سيد حسين امام اختر، حضرت استاد مولٰنا تقدس علي، منهنجو دوست بلڪه محسن ۽ بزرگوار فقيرعبدالحڪيم هنڱورو رحمهم الله عليهم اهي پاڪباز شخصيتون آهن جن آخري رات جي عبادت ڪڏهن به ڪانه ڇڏي.
سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب زندگي جي آخري سالن ۾ ڏينهن جو ٻه اڍائي ڪلاڪ آرام جو معمول اختيار فرمايو. صبح شام واڪ به سندن ضروري معمول هو. سندن باقي وقت علم ڏيڻ وٺڻ ۽ تحقيق کي قلم بند ڪرڻ ۾ گذريو. ٻين لفظن ۾ سندن سموري زندگي سفر ۽ حضر، رات جي محفل خواھ، خلوت علم، تحقيق، جستجو ۽ فيض بخشي جو نمونو هئي.
راقم الحروف درگاھ شريف کان علاوه حيدرآباد، اسلام آباد، ڪراچي، جعفر لغاري، خيرپور، سکر، رفيق مهيسر، قائم خان ڀنڀرو ۽ ٻين درجنن کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مختلف علمي حوالن سان سندن خدمت ۾ حاضري جو شرف حاصل ڪيو.
سندن محفل علم، تحقيق ۽ جستجو جي محفل هوندي هئي. پاڻ هميشه علم ۾ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ وقت جو بيحد قدر ڪرڻ جي اهميت بابت وصيت ڪندا هئا.
حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جي سموري تصانيف، حضرت پير سائين تجر ڌڻي، حضرت پير سائين بنگلي ڌڻي جي تصانيف نثر خواھ نظم جي ترجمي، تحقيق ۽ اشاعت ۾ هر سطح تي رهنمائي ۽ مدد فرمائيندا هئا. حضرت روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جي اهم ترين تصنيف (لغت ۾) جمع الجومع سندن آخري مهينن ۾ زيرِ نظر رهندي هئي. تاڪيد فرمائيندا هئا، ته ڪتاب جي طباعت ۾ غير ضروري دير نه ٿئي.
علمي دنيا ۾ مون ڊاڪٽر صاحب کي پهاڙ کان وڌيڪ بلندي تي فائز ڏٺو. الله تعالى مٿن ڪروڙين رحمتون فرمائي.
خدا رحمت کند، ایں عاشقان پاک طینت را۔
0 comments:
Post a Comment