728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

26 June, 2011

فتاوى سڪندريہ

فتاوى سڪندريه


ابو انَس مفتي دوست علي بروهي سڪندري

1. ڇا ٿا فرمائين علماء ڪرام هن مسئلي بابت ته هڪ عورت مسماة زينب، زيد جي نانيءَ جو کير پيتو آهي. بيان ڪندا، ته زيد جو زينب سان نڪاح ٿي سگھي ٿو؟
سائل قاري فيض الرسول خانبيله، پنجاب
الجواب هوا الملهم للصواب
مسماة زينب جڏهن زيد جي نانيءَ جو کير پيتو، ته زينب، زيد جي رضاعي ماسي ٿي وئي حديث شريف ۾ آهي، ته يحرم من الرضاع مايحرم من النسب يعني کير پيئڻ جي ڪري اهي رشتا حرام ٿيندا آهن جيڪي نسب جي ڪري حرام هوندا آهن لهٰذا جهڙيءَ طرح ماسيءَ سان نڪاح جائز نه آهي. اهڙيءَ طرح رضاعي ماسي سان به نڪاح جائز نه آهي. تنهنڪري زيد جو مسماة زينب سان نڪاح جائز نه آهي.
2. ڇا ٿا فرمائين علماء ڪرام هن مسئلي بابت، ته هڪ شخص کي ٻه زالون آهن. مسماة ظاهرھ ۽ مسماة نائلا. ظاهرھ مان کيس هڪ پٽ جميل آهي. بيان ڪندا، ته جميل جو نڪاح نائلا جي ڀيڻ سان جائز آهي يا نه؟
الجواب هو الملهم للصواب
نائلا جي ڀيڻ جميل جي محرمات مان نه آهي لهٰذا جميل جو نائلا جي ڀيڻ سان نڪاح درست آهي. الله تعالى محرمات جي بيان کان پوءِ فرمايو آهي، ته    ”و احل لکم  ما ورا۬ء ذالکم“ يعني محرمات کان سواءِ باقي عورتون توهان لاءِ حلال آهن.
3. ڇا ٿا فرمائين علماء ڪرام هن مسئلي جي باري ۾ ته هڪ شخص سکر جو رهواسي آهي، ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو. ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ڪوارٽر مليل اٿس، جتي پنهنجي زال ۽ ٻارن سوڌو رهي ٿو. عيد يا ڪنهن موڪل تي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ سکر اچي ٿو. بيان ڪندا، ته سکر ۾ هو سفر واري نماز پرهي يا پوري نماز پڙهي؟
الجواب هو الملهم للصواب
درمختار ۾ آهي، ته ”الوطن الاصلي وهو موطن ولادته اوتاهله اوتوطنه“  يعني ماڻهو جو وطن اصلي اهو آهي، جتي هو ڄائو يا شادي ڪيائين يا وري انکي پنهنجو وطن بڻايائين يعني مستقل رهڻ جو ارادو ڪيائين. مذڪورھ صورت ۾ ڪراچيءَ ۾ ان شخص جو رهڻ چونڪه نوڪريءَ جي غرض سان ۽ عارضي آهي، تنهنڪري ڪراچي ان جو وطن اقامت آهي، نه ڪي وطن اصلي بلڪه ان جو وطن اصلي سکر آهي. هدايه ۾ آهي، ”الاصل ان الوطن الاصلي تبطل بمثله دون السفر.“ يعني قاعدو هي آهي، ته وطن اصلي ٻئي ڪنهن شهر کي وطن اصلي بنائڻ سان ئي ختم ٿئي ٿو سفر ۽ اقامت سان نه. تنهنڪري مذڪورھ شخص سکر ۾ ڀلي هڪ ڏينهن لاءِ اچي پر نماز پوري پڙهندو.
4. ڇا ٿا فرمايئن علماء ڪرام هن مسئلي بابت، ته صبح جو سج اڀرڻ کان پوءِ اشراق پڙهڻ لاءِ ڪيترو وقت انتظار ڪجي ۽ اهڙيءَ طرح عصر نماز کان پوءِ ڪيتري وقت تائين قضا نماز پڙهڻ جائز آهي؟
سائل: وحيد علي منڱڻيجو _ نئونديرو
الجواب هوالملهم للصواب
سج اڀرڻ وقت ڪابه نماز پڙهڻ جائز نه آهي. اهڙي طرح جڏهن سج لهڻ جي قريب ٿئي ته ان ڏينهن جي ٽپهريءَ کان سواءِ ٻي ڪا به نماز پڙهڻ جائز نه آهي. جهڙيءَ طرح حديث شريف ۾ آهي، ته ”عن عقبة بن عامر قال ثلثة اوقات نھانا رسول اللھٖ ان نصلی وان نقبر فیھا موتانا عند طلوع الشمس  حتٰی ترتفع وعند زوالھا حتٰی تزول وحین تضیف للغروب حتٰی تغرب“ حضرت عقبه بن عامر رضي الله عنہ کان روايت آيه، ته ٽي وقت اهڙا آهن، جن ۾ نبي پاڪﷺ جن اسان کي نماز پڙهڻ ۽ جنازي پڙهڻ کان روڪيو آهي. هڪ سج اڀرڻ وقت ايسيتائين جو بلند ٿئي، ٻيو زوال يعني برابر بيهڻ وقت ايسيتائين جو سج لڙي وڃي ۽ ٽيون جڏهن سج لهڻ جي ويجهو ٿئي، ايسيتائين جو لهي وڃي. باقي رهيو مسئلو،  اڀرڻ کان پوءِ بلند ٿيڻ تائين جو وقت ڪيترو آهي. فقه جي ڪتابن ۾ ان وقت کي قدررمح (نيزو برابر) سان تعبير ڪيو ويو آهي. مقدار رمح جي وقت متعلق اعلى حضرت الشاه امام احمد رضا خان بريلوي رحمة الله عليہ پنهنجي فتوى ۾ لکيو آهي، ته اهو ويهه منٽن جو مقدار آهي. فتاوى رضويه جلد5 صفحو131 يعني سج اڀرڻ کان پوءِ ويهه منٽن تائين ڪابه نماز جائز نه آهي. ويهه منٽن کان پوءِ اشراق پڙهڻ گھرجي. اهڙيءَ طرح جڏهن سج لهڻ ۾ ويهه منٽ هجن، ته ان ڏينهن جي ٽپهري کان سواءِ ڪابه نماز پڙهڻ جائز نه آهي.

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: فتاوى سڪندريہ Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top