728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

22 May, 2011

رپورٽون




حضرت پير سائين پاڳارا 7 جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو جو ٻن ”شهداء ڪانفرنسن“ کي خطاب لاجواب

فقير مولا بخش مهر سڪندري

ماھِ محرم الحرام 1432ھ جي 26 تاريخ مطابق 02-01-2011ع تي بروز آچر ڳوٺ دولو فقير مهر لڳ ماڙي گئس کوھ نمبر 6 حضرت پير سائين سردار جي بنگلي جي سائي شريف ۾ شاندار ”ذڪرِ شهداء ڪانفرنس“ جو انعقاد ٿيو، جنهن جو اهتمام فقير مولا بخش مهر سڪندري ۽ حر جماعت دعوت دولو فقير ڪيو، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ عاشقانِ رسولﷺ شرڪت ڪئي. محفل جي مير، نشانِ سڪندري، سلطان الواعظين حضرت علامہ مفتي عبدالرحيم سڪندري هئا.
محترم جناب فقير قادر بخش مڱريو، منٺار فقير مڱريو، الياس فقير ۽ سيد فخرالدين شاھ کان علاوه علماءِ ڪرام جي جماعت جم غفير موجود هئي. ان ۾ مولانا عبدالڪريم سعيدي، مولانا محمد آدم قادري، مولوي محمد ابراهيم سعيدي کان علاوه سڪندري عالمن ۽ حافظن جو وڏو تعداد پڻ موجود هو، جنهن ۾ مولوي عبدالعزيز سڪندري، حافظ مولوي محمد يونس مهر سڪندري، جان محمد سڪندري، غلام ياسين سڪندري، قمرالدين عباسي سڪندري، قاري محمد علي سڪندري، قاري عبداللطيف سڪندري، قاري حافظ حمزه علي سڪندري، قاري عطاءُ الله سڪندري، حافظ نظير احمد سڪندري، حافظ محمد پنهل ۽ حافظ الهڏنو سڪندري وغيره شرڪت ڪئي. هزارن جي تعداد ۾ سامعين منتظر هئا.
پروگرام جو آغازڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿيو. حمد و نعت کان پوءِ اسٽيج تي سامهون اچڻ لاءِ ”ڀيڄ پاڳارا“ جي فلڪ شگاف نعرن جي گونج ۾ فقير خليفي قادربخش کي خطاب جي لاءِ مدعو ڪيو ويو.
خليفي صاحب پنهنجي خطاب ۾ آيل مهمانن  جي مان ۾ چيو ته ”آءٌ قبله مفتي عبدالرحيم سڪندري صاحب جن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي شاهپور چاڪر کان ڪهي آيا ۽ اسانجي محفل کي شانائتو بنايو ۽ اسٽيج تي ويٺل سيد فخرالدين شاھ، محترم الياس فقير، ٻيا علماءِ ڪرام ۽ منهنجي مرشد ڪريم جي ۽ سموري جماعت اوهان سڀ خوشنصيب آهيو، جو هن ڀلاري محفل ۾ آيا آهيو. مان توهان سمورن کي اهو چوندس ته اهڙا پروگرام هر هنڌ هئڻ گھرجن. صرف هتي مولوي مولا بخش وٽ ڇو؟ بلڪه سموري جماعت سجاڳ ٿيڻ گھرجي. سموري جماعت هڪ قوم آهي، اهوئي مرشد ڪريم جو فرمان مبارڪ آهي. جڏهن اسان هڪ قوم آهيون ته پوءِ اسان ۾ ڪو به ويڇو نه هئڻ گھرجي، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ محبت سان رهڻ گھرجي. جماعت جي هر ڳوٺ، هر وستي، هر واهڻ ۾ اهڙا پروگرام منعقد ڪجن. مفتي صاحب کي گھرائي جلسا ڪرايو، ته جيئن جماعت جو پاڻ ۾ رابطو ۽ تعلق قائم رهي. اسان جي مٿان وڏي ذميواري آهي. منهنجو والد صاحب هميشه هن جماعت جي پروگرامن ۾ ايندو هو. هيءَ منهنجي ذميواري آهي، ته مان اوهان کي درگاھ شريف جو پيغام ڏيان ۽ توهان ان تي عمل ڪريو. حضرت پيرسائين جي حڪمن مبارڪن تي هلو. وڌيڪ مفتي صاحب جن اوهان کي سهڻي انداز ۾ درگاھ شريف ۽ جماعت جي اصولن کان واقف ڪندا. مان توهان کي اهو پيغام ٿو ڏيڻ چاهيان ته توهان پاڻ ۾ با اخلاق، باڪردار رهو، ته توهان کان پاڙي وارا خوش رهن. ڪنهن کي به تڪليف ۽ ايذاءُ نه رسايو. خدا حافظ_السلام عليڪم“ چئي فقير صاحب جن اسٽيج تي ويهي رهيا. ان کانپوءِ جناب حضرت مفتي عبدالرحيم سڪندري صاحب جن تقريباً ٻه ڪلاڪ کن من موهيندڙ خطاب ڪيو. خطاب دوران هر ماڻهوءَ جي زبان تي سبحان الله جو آواز هو. ڪيترن ئي عاشقن کي ڏٺو ويو ته سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا. مفتي صاحب خطاب اندر آلِ رسولﷺ ۽ شانِ اهلبيت تي روشني وڌي. مفتي صاحب جي پرسوز ۽ سريلي انداز ۾ تقرير سامعين تي سحر تاري ڪري ڇڏيو. ظهر نماز تائين اهو سلسلو جاري رهيو. آخر ۾ جماعت ۽ سمورن آيل مهمانن لاءِ وافر مقدار ۾ لنگر جو بندوبست هو، جيڪو اتي ورهايو ويو.
جناب قادر بخش فقير شام تائين مدرسه صبغة العرفان ۾ شام تائين جماعتي مسائل جي حل لاءِ ويٺا رهيا. شام جو منٺار فقير ۽ الياس فقير سان گڏ اڳتي جماعتي پروگرام سان هليا ويا.
ٻيو پروگرام ڳوٺ شير محمد مهر ساڏورجو ۾ ٿيو، جتي حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ جي شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو. تلاوتِ ڪلامِ پاڪ ۽ نعت شريف کان پوءِ مولانا عنايت الله ڪيريو سڪندري جن خطاب ڪيو، جنهن سنتِ نبويﷺ جي احياء، پاڳارا خاندان جي راھِ خدا ۾ قرباني ۽ شهيدِ حق و صداقت حضرت سهڻي سورهيه بادشاھ جي قرباني جي شان ۾چيو ته عمر ڪوٽ ۾ ٻاهتر جان نثارن جو ٽولو آيو، جنهن عرض ڪيو ته قبلا! هي سر خدا جي راھ ۾ قبول پون. پاڻ فرمايائون” توهان پنهنجا سر الله ڪارڻ منهنجي حوالي ڪيا ۽ مان حضرت روضي ڌڻيءَ رحمة الله عليہ جي جھوليءَ ۾ وڌا. الله تعالى اوهان جا سر قبول ڪري، جيڪي حياتي هوندا اهي ڏسندا ته انهن سرن جو ملھ ڇا آهي؟!“ اڄ اسان واقعي ڏسون ٿا، ته حضرت سورهيه بادشاھ رحمة الله عليہ سندس جماعت جي قرباني الله تعالى قبول فرمائي ۽ حضرت ”شاھ مردان شاھ“ جهڙو ڪامل مرشد توهان ۽ اسان جي سامهون آهي. انهيءَ جماعت جي سرن جو صدقو آهي، جو اڄ اسان حُرَّ (آزاد) آهيون.

هاڃو ڪــــــــري هلـــــــــــــيا، ٿيا شير شهيد،
روزو رکيائون رڻ ۾، اڳيان ٿيندي عيد،
مــــــرشد ۽ مــــــــريد، هـــــــردوئي هيڪا ٿيا.

ان کان پوءِ درگاھ شريف جي پيش امام ۽ مدرسہ جامعہ راشديہ جي مهتمم، شيخ التفسير والحديث استادالعلماء مفتي محمد رحيم سڪندري صاحب جن جامع ۽ مانع خطاب فرمايو. مفتي صاحب خطاب دوران فرمايو، ته حضرت سورهيه بادشاھ جاھ و جلال، حشمت ۽ دٻدٻي رکڻ باوجود فقيري اختيار ڪئي. حضرت سورهيه بادشاھ جي فقيري ۾ جيڪو دٻدٻو ۽ هيبت هئي، انجو مثال ملڻ مشڪل آهي. آخري ڀيري جڏهن گرفتار ٿيا، ته ٽرين (ريل گاڏي) ذريعي وٺي ويا. اسٽيشن تي جڏهن ديدار جي جھلڪ نظر آئي، ته برِ صغير جي اخبارن ۾ خبر آئي، ته اڄ انگريز شهنشاھِ ايران يا روهڙيءَ جي پير صاحب پاڳاري کي گرفتار ڪري ويا. مفتي صاحب ٻڌايو ته، موجوده پير سائين سردار جن جماعت لاءِ پارس وانگر آهن، جو سمورن پاڳارا خاندان جي خدمت جو رنگ هن پير سائين سردار جي سجادگيءَ وانگر ظاهر ٿيو. جيئن اسان جو نبي ڪريمﷺ سمورن نبين سڳورن عليهم الصلوٰة والسلام جو جامع صفات هو. اهڙيءَ طرح موجوده پير سائين سردارسمورن پاڳارن جو جامع صفات آهي.
آنچہ خوباں ہمہ دارند۔ تو تنہاداری
روءِ راڻي جي ناھ ڪو، سوڍو سڀن سونهن،
لاٿائـــــــــين لطيف چـــــئي، مٿان دلين دونهن،
ڪانهـــــــــي ٻي ورونهن، ٿيو مڙوئي مينڌرو.

سندن زندگيءَ جو هر پهلو روشن ۽ بي داغ آهي، سندن قيادت ۽ فيضان نظر سان ملفوظات شريف، مڪتوبات ۽ سمورو لٽريچر الحمدلله جماعت جي هٿن ۾ آهي. حضرت ڪوٽ ڌڻي بادشاھ جو ڇپرايل ”تفسيرِ ڪوثر“ سؤ سالن کان پوءِ مفتي عبدالرحيم سڪندري جي ڪاوش سان منظرِ عام تي اچي چڪو آهي. ان شآءالله عنقريب حضرت پيرسائين روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جي مڪمل ملفوظات شريف اردو ترجمي سان ڇپجي منظرِ عام تي اچڻ واري آهي. اها جماعت لاءِ وڏي خوشخبري جي ڳالھ آهي. مفتي صاحب جي خطاب کان پوءِ خليفي قادر بخش فقير کي ”ڀيڄ پاڳارا“ جي نعرن جي گونج ۾ اسٽيج تي آندو ويو. فقير صاحب پنهنجي خطاب کي هن بيت سان شروع ڪيو.

هلو هلو مانجھيان، ويرين وڌو وير،
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، پوءِ کـــــــڻبا پير،
ٿيندو سڏ سوير، صبــح شهيدن کي.



فقير صاحب جي خطاب ۾ گھڻو ڪري تلخي ۽ شدت ڏٺي ويئي. واقعي وقت جي تقاضا مطابق فقير صاحب جي تکن ۽ تيز لفظن تمام گھڻا اثر ڇڏيا.
فقير صاحب خطاب جي شروعات ڪئي، ته اڄ کان اٺهٺ سال اڳ ۾ امامِ انقلاب حضرت پيرسائين سورهيه بادشاھ کي 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ شهيد ڪيو ويو هو. حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ سنڌ ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو تيرهن سؤ سال اڳ ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امامِ حسين عالي مقام رضي الله عنہ ۽ حر ڪري ڏيکاريو. پاڻ اسلام جي سربلنديءَ ۽ وطن جي آزاديءَ لاِ جهاد ڪيائون. سورهيه سائين 1937ع ۾ رتناگري جيل مان آزاد ٿيا ۽ ان بعد حج ڪيائون پوءِ اتر، ٿر ۽ جيسلمير جون دعوتون ورتائون ۽ جماعت کي ذڪر ۽ نماز جي تلقين فرمايائون. هر قسم جي نشي کان پرهيز، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ محبت سان رهڻ جو حڪم ڏنائون. فقير سائين هتي انداز بدلائيندي چيو، ته حضرت روضي ڌڻي جي ملفوظات شريف کي ڏسو، جڏهن پاڻ جيسلمير کان اڳتي لاٺي شهر ۾ آيا، توهان کي خبر آهي، ته لاٺي شهر ۾ حضرت پيرسائين سورهيه بادشاھ به دعوتون ورتيون. اتي جي فقيرن وٽ ٻه راتيون رهيا. اتي سورهيه بادشاھ فقيرن کان پڇيو، ته توهان کي خبر آهي، ته حضرت روضي ڌڻي رحمة الله عليہ هتي ڪهڙي جاءِ تي رهيا هئا؟ فقير جواب ۾ خاموش رهيا، ته پاڻ فرمايائون، جنهن جڳھ تي منهنجي کٽ جا پاوا آهن، پاڻ اتي ئي آرامي ٿيا هئا.
اتي حضرت پيرسائين روضي ڌڻي بادشاھ گھڻي سفر جي ڪري ٿڪجي پيا اتي پاڻ فرمايائون، ته جماعت ۾ راڳ وارو هجي، ته وٺي اچو، ته راڳ ٻڌون. اتي جماعت پوئتي سفر ۾ رهيل هئي سواءِ لنگھي جي ڪو به ڪو نه هو، اهو لنگھو سارنگي سوڌو حاضر ٿيو. پاڻ فرمايائون، ته سارنگي غير شرعي ڪم آهي، اسان کي سارنگيءَ جي بنان ٻڌاءِ، انتي ان لنگھي هنديءَ ۾ چيو:

ڪاڍ ڪليجا ڀون ڌرون، لي ڪــــــانگا اڏ جائو،
جس نگري ۾ ساجن بسي، او ديکي تم کائو.

حضرت روضي ڌڻي اگر ان ڏينهن سارنگي ٻڌي ها، ته اڄ اسان نچون ها. درگاھ شريف جي اصولن خلاف هلندڙ لاءِ ڪابه جاءِ ناهي. جيڪڏهن اوهان نٿا هلي سگھو، ته هليا وڃو، جنهن سان اوهان کي رهڻ پسند اچي، اتي رهو ان سان اٿو ويهو. جماعت ۾ رهي جماعتي طريقو زنده رکو. حضرت سورهيه بادشاھ ڌارين جي صحبت کان سختيءَ سان روڪيندا هئا. ڇو جو ان وقت جماعت کان سواءِ باقي ٻيا اڪثر ماڻهو انگريز جا وفادار ۽ خيرخواھ هئا. حضرت پيرسائين سورهيه بادشاھ ايڏين تڪليفن ۽ سختين باوجود حر تحريڪ کي منظم ڪيو ۽ انگريز جي پاڙ پٽڻ لاءِ ميدان ۾ لٿا. منهنجو والد سائين غازي فقيرن کان روايت ڪندو هو، ته هُو پاڻ جڏهن انڊيا سوکرو واري دعوت تي پهتا اتي فرمايائون ته ”اسان هي سفر خاص رضاءِ الٰهي ۽ انگريز جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪيو آهي.“ حضرت سورهيه بادشاھ کي جڏهن ٻيو دفعو 1941ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، ته درگاھ شريف جي پوري خانقاھ سواءِ مسجد ۽ روضي شريف جي سانگھڙ واري گڙنگ بنگلي کي بمن سان تباھ ڪيو ويو، ليڪن سورهيه بادشاھ ۽ جماعت جا حوصلا ڪمزور نه ٿيا. جماعت مرشد ڪريم جي حڪم تي لبيڪ چئي انگريزن جي خلاف جنگ جاري رکي. ان وقت جماعت وٽ ڪو به هٿيار ڪونه هوندو هو، صرف لٺ، ڪهاڙي، منهن ڀرتيون بندوقون هيون، ليڪن جماعت وٽ ايمان ۽ مرشد ڪريم سان محبت جو اهڙو هٿيار هو، جنهن سان انگريز کي شڪست ڏنائون ۽ اسلام جي جھنڊي کي بلند ڪيائون. حضرت سورهيه بادشاھ جي زندگي، جدوجهد ۽ شهادت مان اسان کي اهو پيغام ٿو ملي، ته هميشه حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪريون. پاڻ ۾ امن، محبت ۽ ٻڌيءَ سان رهون. غيرن جي صحبت کان بچون، خانقاھ ۽ جماعت جي ڀلائيءَ ۽ خدمت ۾ عملي ڪردار ادا ڪريون، ته انشآءالله دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب و ڪامران رهنداسون ۽ مرشدن ڪريمن جون دعائون اسان سان گڏ رهنديون. خدا حافظ_ ڀيڄ پاڳارا چئي آخر ۾ اختتام تي فقير صاحب فرمايو، ته ڪجھ ماڻهو آهن، جيڪي درگاھ شريف جي حڪمن ۽ جماعت ۾ غير شرعي ريتن رسمن تي پابندي مڙهيل ڪمن کي جماعت ۾ ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. خبردار! اهڙي جرئت هرگز نه ڪرڻ گھرجي. اهڙي شخص لاءِ درگاھ شريف ۽ جماعت جو قانون لاڳو ڪيو ويندو. مهرباني. آخر ۾ حضرت مفتي محمد رحيم سڪندري جن دعاء خير فرمائي. 
مدرسه فاروقيه انوارِ مصطفى سڪرنڊ ۾ منعقد ٿيل


امام انقلاب سيد سورهيه بادشاه شهيد ڪانفرنس
         
 رپورٽ: فقير عبدالعزيز سهڙو

برِ صغير جي تاريخ ۾ 20 مارچ جو ڏينهن هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. ڇو ته ان ڏينهن انگريز سامراج مختلف سازشن ۽ هٿ ٺوڪين ڪيسن ذريعي سرزمينِ سنڌ جي هڪ عظيم ۽ تاريخ ساز شخصيت حضرت پير سائين صبغت الله شاھ شهيد سورهيه بادشاھ کي شهيد ڪيو.
حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد جو مشن فقط ۽ فقط وطن جي آزادي هو ۽ تاج برطانيه وٽ آزاديءَ جي گھر ڪرڻ هڪ جرم هو. تاريخ گواھ آهي، ته سورهيه بادشاھ سائين شهيد چاليھ هزارن جي لڳ ڀڳ پنهنجي جانباز حرن سميت جامِ شهادت نوش فرمايو. سندس فرمان صحيح ثابت ٿيو، ته ”اسين رهون يا نه پر هي ملڪ ضرور فرنگين جي غلاميءَ مان آزاد ٿيندو.“ (سانگھڙ ناول)
20 مارچ جي تاريخي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ۽ پرگرام منعقد ٿيندا رهندا آهن. اهڙو ئي هڪ پروگرام، جامعه راشديہ جي برانچ مدرسہ فاروقيه انوارِ مصطفى سڪرنڊ ۾ ٿي گذريو. خصوصي خطاب مدرسه فاروقيه انوارِ مصطفى سڪرنڊ جي منتظم علامہ مفتي فيض محمد سڪندري (دامت برڪاته) جن ڪيو. پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ٿي. تلاوت جي سعادت حافظ محمد اشرف حاصل ڪئي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مولانا غلام رسول سڪندري سر انجام ڏنا. تلاوت ۽ نعت شريف بعد جماعتِ اهلسنت سڪرنڊ جي اڳواڻ مولانا عمر دراز قادري پنهنجي خطاب ۾ چيو، ته امامِ انقلاب حضرت سورهيه بادشاھ ان وقت ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ جو نعروهنيو، جنهن وقت سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار، ”سر“، ”نواب“ ۽ ”خان بهادر“ جي لقبن سان نوازيا پئي ويا. برِ صغير جي عظيم انقلابي رهنما حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد هن ڌرتيءَ تي غيرن جي حڪومت کي بار سمجهيو ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪايو. بعد ۾ مدرسہ فاروقيه انوارِ مصطفى جي شعبهء درسِ نظامي جي مدرس مولانا غلام رسول سڪندري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”مهذب قومون پنهنجي محسنن کي هميشه ياد رکنديون آهن ۽ حر جماعت برِ صغير جي مهذب ترين جماعت آهي ۽ پنهنجي بزرگن ۽ مرشد ڪريم حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد جي لازوال قربانين کان قطعاً غافل نه آهي ۽ هر سال 20 مارچ جي ڏهاڙي تي پروگرام ۽ تقريرون منعقد ڪري پنهنجي عظيم روحاني رهبر رئيس الاحرار حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ ۽ شهيد حر جماعت جي قربانين کي ياد ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو، ته حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد جن گھڻ پاسائي شخصيت جا مالڪ هئا. پاڻ هڪ ئي وقت عظيم انقلابي اڳواڻ، مجاهد اعظم، عالم، اسڪالر، مدبر، روحاني رهبر، عظيم سياسي بصيرت ۽ فراست رکندڙ سياستدان هئا جنهن جو اعتراف انگريز سامراج سميت ان وقت جي سياسي مخالفن کي به هو. اهو ئي سبب هو جو انگريز سامراج ۽ سندس حواري ۽ درباري کانئن خائف هئا. هن وڌيڪ چيو، ته اسين پنهنجي وس آهر هر سال ”امامِ انقلاب سيد سورهيه بادشاھ ڪانفرنس“ منعقد ڪندا آهيون.“ بعد ۾ علامه مفتي فيض محمد سڪندري کي خطاب جي دعوت ڏني وئي. مفتي صاحب  جيئن ئي اسٽيج تي پهتا، ته سارو پنڊال ”ڀيڄ پاڳارا“ جي فلڪ شگاف نعرن سان گونجي اٿيو.
مفتي صاحب پنهنجي خطاب ۾ چيو، ته دنيا ۾ ٻن قسمن جون جماعتون آهن. هڪ حق جي جماعت ۽ باطل جي جماعت. هي ٻئي جماعتون دنيا جي وجود سان پيوسته آهن پر الله تعالى ڪلام پاڪ ۾ واعدو فرمايو آهي، ته حق جي جماعت هميشه غالب رهڻي آهي.
مفتي صاحب فرمايو، ته مجاهدِ اعظم حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد جي شخصيت ۽ سندن قرباني ”اظهر من الشمس“ (سج کان وڌيڪ روشن) آهي. حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد، حضور نبي ڪريمﷺ جي شجاعت، بهادري، استقامت ۽ رعب جو مظهر هئا. سندن رعب جو عالم هي هيو جو فرنگين جا فوجي سورهيه سائينءَ جي نوراني چهري کي ڏسڻ جي همت نه ڪري سگھندا هئا.  ڪورٽن ۾ سورهيه سائين خلاف گواھ برقعا پائي ايندا هئا. مفتي صاحب فرمايو، ته هن خاندان سان باطل قوتن جي جنگ ڪا نئين ڳالھ نه آهي. حضرت امام عالي مقام رضي الله عنہ کان وٺي اڄ تائين هن خاندا حق، سچ ۽ اسلام جي سربلنديءَ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. ڪربلا جي ميدان ۾ باطل يزيد هو ۽ ويهين صديءَ ۾ سرزمينِ سنڌ تي حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ سامهون باطل انگريز هو. هندستان ۾ ٻيون به ننڍيون ننڍيون تحريڪون هليون پر اهي ٿوري عرصي تائين هليون ۽ غير مقبول رهيون. سورهيه سائينءَ جي حر تحريڪ کان انگريز خوفزده هئا. برطانوي سامراج خطي جي ڪنهن به تحريڪ خلاف مارشل لاء نافذ نه ڪيو پر حر تحريڪ اها واحد تحريڪ آهي جنهن جي جرئتمندانه ڪارواين کي مدِ نظر رکندي باطل جي حڪومت حرن خلاف مارشل لاء نافذ ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهي.
مفتي صاحب فرمايو، ته حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد ۽ حرن جي شجاعت، بهادري ۽ استقامت انگريز سرڪار جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. مفتي صاحب چيو، ته ماضيءَ ۾ حرن خلاف ”حر ايڪٽ“ آڻيندڙ ۽ حر تحريڪ خلاف منفي سوچ رکندڙ اڄ اِن ڳالھ جا معترف آهن، ته برِ صغير اندر تاجِ برطانيه جي تسلط خلاف ڪا منظم تحريڪ Strong Moment هلي، ته اها واديء مهراڻ، باب الاسلام سنڌ جي مجاهدِ اعظم حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد جي حر تحريڪ هئي. جهڙي ريت امام عالي مقام جي شهادت تي حضرت امام زين العابدين رضي الله عنه صبر جو مظاهرو ڪيو. اهڙي طرح سورهيه بادشاھ سائينءَ جي شهادت تي موجوده پير سائين پاڳارا مدظله العالي صبر جو مظاهرو ڪيو جنهن جو عملي ثبوت دنيا جي سامهون آهي. هيءَ به هڪ حقيقت آهي، ته ملڪ جي سياسي، مذهبي ۽ روحاني تاريخ ۾ محسنِ ملت حضرت پير سائين بادشاھ جو ڪوبه ثاني نه آهي. سندن سرپرستيءَ ۾ جامعه راشديه پنهنجي 100 کان وڌيڪ برانچن سميت دين جي خدمت ۾ مشغول آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارن جي تعداد ۾ سڪندري علماء دينِ اسلام جي تبليغ، اصلاح، درس تدريس ۽ اشاعت واسطي ڪاوشن ۾ رڌل آهن. سڪندري علماء، وهابيت، رافضيت، قاديانيت ۽ ٻين باطل گروهن خلاف هر محاذ تي مستعد آهن ۽ ٻين کان الحمدلله اڳڀرو آهن. مفتي صاحب چيو، ته حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ شهيد جي شجاعت ۽ بهادري ۽ سندن عظيم قربانين کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگھجي. سورهيه سائين ويجھو آزادي ئي الله سائين جي سڀ کان وڏي نعمت هئي. حضرت سورهيه بادشاھ شهيد جي زندگي اسانجي واسطي مشعلِ راھ آهي. انهن لفظن تي علامه مفتي فيض محمد سڪندري پنهنجو بيان مڪمل ڪيو ۽ هيءَ پروقار تقريب پڄاڻيءَ تي پهتي. واقعي سورهيه سائين شهيد جي تحريڪ کي ننڍي کنڊ جي وڏي ۾ وڏي آزاديءَ جي تحريڪ چوڻ ڪو مبالغو نه هوندو. سورهيه سائين 33 سالن جي ڦوھ جوانيءَ ۾ جامِ شهادت نوش فرمايو. حضرت پير سائين سورهيه بادشاھ ان وقت جي سپر پاور جنهن جي حڪومت تان سج نه لهندو هو سان پنهنجي فطري حق آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽي. مدرسه فاروقيه انوارِمصطفى سڪرنڊ برانچ جامعه راشديه، علامه مفتي فيض محمد سڪندريءَ جي زيرِ نگراني ڪافي ترقي ڪئي آهي. مفتي صاحب سڪرنڊ شهر ۾”سڪندري اصلاحي پروگرام“ تحت مختلف پروگرامز جھڙوڪ: ”عشره محرم“، ”يومِ فاروقِ اعظم رضي الله عنه“، ”هفتهء ابوبڪر صديق رضي الله عنه“، ”يومِ عثمانِ غني رضي الله عنه“، ”يومِ حيدرِ ڪرار رضي الله عنہ“، رهنما روزي ڌڻي ڪانفرنس“، ”امامِ انقلاب ڪانفرنس“ منعقد ڪرائيندا آهن. ان کان علاوه سڪرنڊ جي پس گردائيءَ ۾ پڻ سڪندري اصلاحي پروگرام ٿيندا رهن ٿا. مدرسه فاروقيه انوارِ مصطفى، شاخ جامعه کي روبترقي ڪرڻ ۾ علامه مفتي فيض محمد سڪندري جون انتظامي ۽ تدريسي ڪوششون قدر جي لائق آهن.
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: رپورٽون Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top