728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

22 May, 2011

ملفوظات شريف

ملفوظات شريف
حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عليه

وعظ ۽ نصيحت بابت

نقل: (45): پاڻ فرمايائون ته بيهودن ۽ اجاين گفتن مان حسد، هٺ ۽ پريشاني پيدا ٿيندي آهي ۽ هٺ ۽ حسد وري سڀني گناهن جي ماءُ آهي جو سڀ بي فرمانيون اتان پيدا ٿين ٿيون. اي عزيز! انهي سڀني بد عادتن کي لاجي ترار هيٺ آڻي ڇڏجي ۽ بجاءِ ان جي الا الله کي اثبات ڪجي.
نقل: (46) قائم فقير نظاماڻي ويٺل جھالار جو نقل ڪري ٿو، ته هيڪر پاڻ ٽنڊي بهادر فقير نظاماڻي جي ۾ تشريف فرما ٿيا هئا ۽ نصيحت ۽ وعظ ڪندي فرمايائون، ته لاڙ جي ماڻهن کي گھڻو ئي چيوسون پر اسان جي چوڻ مان حال ۽ قال کي حال سمجھي ويٺا ۽ هي به فرمايائون، ته طالب کي درياءَ وانگر ٿيڻ کپي ۽ دُٻو نه ٿيڻ گھرجيس جو هڪڙو ڀِتر پئجي وڃيس، ته به ميرو ۽ مٽيل ٿي پوي.
نقل: (47): خليفو ميان لقمان عليہ الرحمة نقل ڪري ٿو، ته هيڪر پاڻ مثال طرح فرمايائون، ته جيڪڏهن ڪو حوض پليت پاڻي سان ڀريل هجي ۽ منجھس چار واهيون پليت پاڻيءَ جون چئني طرفن کان پيو وهن، ته پوءِ انهيءَ حوض جي پاڪائي لاءِ کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪبي ۽ دلن سان پاڻي ڪڍبو، ته به نه سندس پاڻي گھٽبو ۽ نڪي حوض ئي پاڪ ٿيندو! تنهن ڪري انهيءَ حوض جي پاڪائي لاءِ هي مصلحت ٿي سگھندي جو پهريان ته اهي پليت پاڻيءَ جون واهيون جي منجھس پيون وهن سي بند ڪرڻ کپن پوءِ جيڪو پاڻي پليت اندر هجيس سو ڪڍي صاف ڪري ڌوئي ڇڏجيس ته پاڪ ٿي پوندو. پوءِ وري چٽو ڪري ٻڌايائون، ته انسان جي دل حوض جي مثال آهي ۽ سندس حواس ۽ رڳون جي غير مشروع ڪمن جي استعمال ۽ پراگنده خيالات سان ڀريل آهن سي پليت پاڻيءَ جون واهيون آهن ۽ ذڪر فڪر جا جي شغل آهن سي دل جي حوض پاڪ ڪرڻ لاءِ دلي جي مثال آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجن اندروني بيروني حواسن کي غير مشروع ڪمن کان بند نه ڪندو، ته انهيءَ جي دل جي صفائيءَ لاءِ ذڪر فڪر مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. تنهن ڪري کپي ته پهريان پنهنجا حواس ناجائز ڪمن کان بند ڪري پوءِ لا واري دلي سان اڳين پليتيءَ کي نفي ڪري ڇڏي، ته پوءِ دل وارو حوض صاف ۽ پاڪ ٿي پوندو. ڪنهن بزرگ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي.

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ملفوظات شريف Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top