(نماز بابت)
عبدالرحيم عزمي
مســلمـــــــان هر گز نه نمـــــــــــاز ڇڏجانءِ،
وڃي ســـــر وڃڻ ڏي، اها چيـز نه ڏجانءِ.
(1)
وڃي ســـــر وڃڻ ڏي، اها چيـز نه ڏجانءِ.
(1)
معــــــــــــــــراج آهي اها مـــــــــــــــؤمنن لئي،
اها نيــــــــڻ ٺار آ نبـــــــــي پاڪ ٿو چئي،
رکي سجدي ۾ سر رب پاڪ کي پيو سڏجانءِ.
(2)
اها نيــــــــڻ ٺار آ نبـــــــــي پاڪ ٿو چئي،
رکي سجدي ۾ سر رب پاڪ کي پيو سڏجانءِ.
(2)
تــــــــوڙي لاڏلن جا اڳيــــــــان لاش پيا ها،
حسينــڻ هي سجدا قضا ڪونه ڪيا ها،
ائين تون به پخـــــــــــتي ارادي کــــــــــــي اڏجانءِ.
(3)
حسينــڻ هي سجدا قضا ڪونه ڪيا ها،
ائين تون به پخـــــــــــتي ارادي کــــــــــــي اڏجانءِ.
(3)
رک روز راضي رب پنهنـــــجو روئي،
ناهي ناز ڪــــــرڻو عبادت تي ڪوئي،
ٻه ٽي وقــت ٻيـلي پڙهــــــــي ڪيــــــــــن پڏجانءِ.
(4)
ناهي ناز ڪــــــرڻو عبادت تي ڪوئي،
ٻه ٽي وقــت ٻيـلي پڙهــــــــي ڪيــــــــــن پڏجانءِ.
(4)
عــــــبادت جي معنى لوڪئون لڪائڻ،
ناهــــــــــــــي جوان جائز ٻين کي ٻڌائڻ،
گلابي گلـــــــــــــــــــــن ۾ گـــــندگي نه گــــــڏجانءِ.
(5)
ناهــــــــــــــي جوان جائز ٻين کي ٻڌائڻ،
گلابي گلـــــــــــــــــــــن ۾ گـــــندگي نه گــــــڏجانءِ.
(5)
(حق چار يار)
عبدالرحيم عزمي
نبيءَ جي چئن يارن جو ڀلا مٽ ڪير ٿي سگھندو،
سڏائي ڇابه ڪو ليڪن نه تولو سير ٿي سگھندو.
(1)
سڏائي ڇابه ڪو ليڪن نه تولو سير ٿي سگھندو.
(1)
ستل محبوب سيني تي ته هيٺان نانگ پئي آيو،
بلا صديق سهڻي کي وڏو آزار پهچايو،
چيائين: خوب ڏنگ ويٺو صحتمند پير ٿي سگھندو.
(2)
ملي اسلام کي طاقت عمر واري زماني ۾،
چرن پيا شينهن ٻڪريون گڏ سندس ساري زماني ۾،
اهڙو عادل هجي حاڪم ته ڪيئن انڌير ٿي سگھندو.

غني عثمان جي ڀي ڏس ڪيڏي سڪ ۽ سچائي هئي،
نبيءَ جي دين تان دولت سموري جنهن لٽائي هئي،
سوين حاتم هجن اهڙو نه ڪنهن کان خير ٿي سگھندو.
(4)
نبيءَ جي دين تان دولت سموري جنهن لٽائي هئي،
سوين حاتم هجن اهڙو نه ڪنهن کان خير ٿي سگھندو.
(4)
فتح خيبر نه ٿي پئي پر اچي ست خير حيدر ڪيا،
ڪفارن جون سسيون لاهي منڍيون ڌڙ ڍير حيدر ڪيا،
ڪوئي شيرِ خدا جهڙو نه هر گز شير ٿي سگھندو.
(5)
ڪفارن جون سسيون لاهي منڍيون ڌڙ ڍير حيدر ڪيا،
ڪوئي شيرِ خدا جهڙو نه هر گز شير ٿي سگھندو.
(5)
صحابن تان وڃان صدقو پيغمبر جا ها پروانا،
تريءَ تي سر رکي عزمي ڪيائون پيش نذرانا،
سچي مؤمن جي سيني ۾ نه پيدا غير ٿي سگھندو.
تريءَ تي سر رکي عزمي ڪيائون پيش نذرانا،
سچي مؤمن جي سيني ۾ نه پيدا غير ٿي سگھندو.
0 comments:
Post a Comment