728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

22 May, 2011

ضياءُ القرآن


ضياءُ القرآن
قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير 

سورة البقره آيت 187

أُحِلَّ لَكُمْ لَيْلَةَ الصِّيَامِ الرَّفَثُ إِلٰى نِسَائِكُمْ هُنَّ لِبَاسٌ لَكُمْ وَأَنْتُمْ لِبَاسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللّٰهُ أَنَّكُمْ كُنْتُمْ تَخْتَانُونَ أَنْفُسَكُمْ فَتَابَ عَلَيْكُمْ وَعَفَا عَنْكُمْ فَالآنَ بَاشِرُوهُنَّ وَابْتَغُوا مَا كَتَبَ اللّٰهُ لَكُمْ وَكُلُوا وَاشْرَبُوا حَتَّی يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الْخَيْطُ الأبْيَضُ مِنَ الْخَيْطِ الأسْوَدِ مِنَ الْفَجْرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيَامَ إِلٰی اللَّيْلِ وَلا تُبَاشِرُوهُنَّ وَأَنْتُمْ عَاكِفُونَ فِي الْمَسَاجِدِ تِلْكَ حُدُودُ اللّٰهِ فَلا تَقْرَبُوهَا كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللّٰهُ آيَاتِه۪ لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ (187١٨٧)
ترجمو: حلال 221 ڪيو ويو آهي توهان لاءِ رمضان جي راتين ۾ پنهنجن عورتن وٽ وڃڻ اهي 222 توهان لاءِ پردو، زينت ۽ آرام آهن ۽ توهان انهن لاءِ پردو، زينت ۽ آرام آهيو. ڄاڻي ٿو الله تعالى ته توهان خيانت ڪندا هيئو پنهنجي پاڻ سان پوءِ ان ڪرم جي نظر فرمائي توهان تي ۽ معاف ڪيائين توهان کي. سو هاڻي توهان انهن سان ملو گڏجو۽ گھرو جيڪي (قسمت ۾) لکي ڇڏيو آهي الله توهان جي لاءِ ۽ کائو ۽ پئو ايسيتائين جو ظاهر ٿي وڃي توهان لاءِ سفيد ڌاڳو ڪاري ڌاڳي مان 223 صبح جي وقت پورا ڪريو 224 روزي کي رات تائين ۽ نه گڏجو انهن سان 225 جڏهن جو توهان اعتڪاف ويٺل هجو مسجدن ۾ هي الله جون حدون آهن انهن (کي ٽوڙڻ) جي 226 ويجھو به نه وڃجو. اهڙي طرح بيان فرمائيندو آهي الله تعالى پنهنجون آيتون ماڻهن جي لاءِ تان ته اهي پرهيزگاري اختيار ڪن. (187)
تفسير: 221 شروع ۾ ڏينهن وانگر رات جو به عورتن کان الڳ رهڻ جو حڪم هيو پوءِ هلڪائي ڪئي وئي ۽ رات جو گڏجڻ جي اجازت ڏني وئي. اڻ ڳڻيا سلام ۽ بي شمار درود ان ذات پاڪ تي
جيڪو رحمت بڻجي ڪري آيو هو. ر
حمت کڻي آيو هو. رَفَثَ هڪ جامع لفظ آهي جيڪو مڙس زال جي خصوصي واسطن جي سڀني درجن کي گڏيل آهي.
قال الزجاج الرفث کلمة جامعة لکل مايريد الرجل من امراتھ۪(قرطبي)
222 آيت جو هي حصو خاص توجھه گهري ٿو. مڙس ۽ عورت جي هڪ ٻئي جي واسطن کي تمام سهڻي طريقي سان بيان فرمايو ويو آهي يعني جيئن هو توهان لاءِ لباس آهن اهڙي طرح ئي توهان انهن لاءِ لباس آهيو. ان لحاظ کان ٻنهي جا حقوق ۽ ذميداريون برابر آهن. پوءِ لباس جي تعبير ڪيتري معنى واري آهي. هر عيب کي لڪائيندو آهي. زينت (سونهن) آهي هسن ۽ جمال کي سينگاريندڙ راحت آهي. سردي ۽ گرميءَ کان بچائيندو آهي. ڇا هڪ سٺي زال پنهنجي مڙس لاءِ ۽ هڪ سٺو مڙس پنهنجي زال لاءِ پردو، زينت ۽ راحت ناهي؟ يقيناً آهي. جنهن ملت جي هرگهر ۾ زال مڙس جو بلند ۽ مٿانهون معيار هجي ان جي لاءِ هي دنيا جنت ناهي، ته ٻيو ڇاهي! اسلام تي اعتراض ڪرڻ وارن ته ان عورت جي حَقن کي لتاڙيو آهي. جيڪڏهن آيت جي انهيءَ حصي تي نظر وجھن ته پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويندن. هائو اسلام ملت ابراهيمي جي ڌيئرن جي چهرن تان شرم ۽ حياء جو پردو ڇڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو. هن عورت کي نچڻ، ڳائڻ جي محفل جي زينت بڻجڻ جي اجازت ناهي ڏني. ان جو سبب هي آهي، ته اسلام هڪ هميشگي وارو دين آهي. ان جو پنهنجو نظام، پنهنجو قانون ۽ پنهنجو زندگيءَ گذارڻ جو طريقو آهي. انهيءَ قانون جو پابند رهي. ڪنهن کي وڻي اها ڳالھ يا نه. ڪو خوش هجي يا ناراض. اسلام کي هر دلعزيز بنائڻ ۽ ان کي مغرب  جي تهذيب سان گڏائڻ جي لاءِ ان جي گھٽ عقل، گھڻ گھرن ان جي فطري سونهن ۾ جنهن وقت وڍ ٽڪ تي مارا ڪئي ان وقت اسلام هڪ مستقل ضابطهء حيات جي حيثيت سان اسان کان ڦرجي ويندو الله تعالى ان بڇري ڏينهن کان بچائي.
223 ان مان صبح صادق (اَسُرَ) جو اڀرڻ مراد آهي يعني اها روشني جيڪا سڄي کٻي پکڙبي آهي.
قال الجمهور ذالک الفجر المعترض في الافق يمنة ويسرة (قرطبي)
صحيح بخاري ۾ آهي، ته حضرت عري بن حاتم رضي الله عنہ حضرت نبي ڪريمﷺ کان پڇيو ته يا رسول الله ﷺ ڇا! خيط ابيض ۽ خيط اسود مان سفيد ۽ ڪارو ٻه ڌاڳا آهن؟ پاڻ فرمايائون لابل هو سواد الليل وبياض النهار نه پر ان مان مراد رات جي اونداهي ۽ ڏينهن جي روشني آهي“ ۽ عرب جي لغت ۾ لون (رنگ) جي معنى ۾ به استعمال ٿيندو آهي.
والخيط في کلامهم عبارة عن اللون (قرطبي)
224 پهريان روزي جي شروعات جو وقت ٻڌايو هاڻي انجي ختم ٿيڻ جو وقت ٻڌايو وڃي ٿو. پرھ ڦٽيءَ کان وٺي رات اچڻ تائين روزو رکو. حضور ﷺ جن پنهنجي هن فرمان سان وضاحت فرمائي ڇڏي اذا ادبر النهار من هٰهنا واقبل الليل من هٰهنا. جڏهن هيڏانهن اولھ کان ڏينهن پٺي ورائي ۽ هوڏانهن (اوڀر) ڏانهن رات اچي وڃي اهو وقت آهي افطار  (روزو کولڻ) جو.“ ڪجھ ماڻهن روزي جي کولڻ ۾ ايتري جلدي ڪرڻ لڳا آهن، جو سج به صحيح طرح لهندو ناهي ۽ روزي کولڻ جو نغارو وڄائي ڇڏيندا آهن. 225 جيڪڏهن ڪو اعتڪاف ۾ هجي ته ان کي رات جوبه پنهنجي زال سان گڏجڻ جائز ناهي.  226 يعني الله تعالى جي قائم ڪيل حدن کي ٽوڙي اڳتي نڪري وڃڻ جو خيال متان ڪريو. توهان جي سلامتي ۽ ڀلائي انهيءَ ۾ آهي انهن جي ويجھو تائين متان وڃو. ائين نه ٿئي جو ڀڙڪندڙ جذبن جي واهڙ توهان جي پير، حدن وٽ ڄمڻ ئي نه ڏئي ۽ توهان بي وس ۽ بي اختيار ٿي ڪري وهندا هليا وڃو. ان ڪري توهان جي بهتري انهيءَ ۾ آهي، ته جن شين کان الله تعالى روڪيو آهي انهن جي ويجھو به نه وڃو.

سنڌيڪار:
الفقير ابو رضا محمد عبدالوهاب چانڊيو سڪندري 
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: ضياءُ القرآن Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top