728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

22 May, 2011

متفرقات


خليفة المسلمين
خليفهء اول سيدنا صديق اڪبر رضي الله عنه
ابوطاهر عنايت الله ڪيريو سڪندري

اسلام جي سربلنديءَ لاءِ پنهنجو گھر مال، دولت، جان قربان ڪندڙ پاڪباز هستيون ته بيشمار آهن. جن جي ذڪر سان روح کي تازگي ۽ ايمان کي تقويت حاصل ٿئي ٿي. پر صحابه ڪرام جي قربانين جو ڪم مثال ئي نه ٿو ملي. جن جي مٿان سختين جا پهاڙ ڪيرايا ويا. سخت گرميءَ ۾ ٽاڪ منجھند جو، سج جي تپش ۾، تپندڙ واريءَ مٿان پگھرجندڙ جسم وارن جي زبان مبارڪ جو توحيد جي ڪلمي سان ڳانڍاپو ڪير ڇني نه سگھيو. ڪوڙن جي برسات وسائي وئي پر قدم ۾ ذرو به لرزش نه آئي. سينن ۾ تير چڀيل هجن پر سيد دو جهانﷺ جي دامن ڇڏڻي ناهي.
اهو حبشه جو بلال هجي يا روم جو صهيب، فارس جو سلمان هجي يا عرب جو عمار رضي الله عنهم هڪ هڪ جي زندگي جي مطالعي سان دل ۽ دماغ ايمان جي خوشبوءِ سان معطر ٿي وڃن ٿا. جن جي لاءِ رسول اللهﷺ جن فرمايو، ته اصحابي کالنجوم منهنجا اصحابي چمڪندڙ ستارا آهن. پر عشق ۽ عرفان جو تاج پنهنجي پيشانيءَ تي سجائيندڙ سيدنا صديقِ اڪبر رضي الله عنه جو شان صحابه ۾ ائين بلند آهي، جيئن انبياء جي امامﷺ جو شان سوا لک نبين سڳورن ۾ ارفع ۽ اعلى آهي.
اهلِ سنت جو ان ڳالھ تي اجماع آهي، ته ڪائنات ۾ سوا لک نبين سڳورن کان بعد فضيلت رسول اللهﷺ جي صحابن سڳورن جي آهي ۽ صحابه ڪرام ۾ خلفاءِ راشدين جي ۽ خلفاءِ راشدين ۾ سهڻي صديقِ اڪبر رضي الله عنه جي. ائين پوري ڪائنات ۾ نبين کان بعد شرف ۽ مقام جو صاحب ڪا ذات آهي، ته اها صديقِ اڪبر جي ذات آهي.
مسند امام احمد ۾ سيدنا علي المرتضى ڪرم الله وجهه الڪريم جا لفظ مبارڪ آهن، تهافضل هذه الامة بعد نبيها ابوبکر ثم عمر رضي اللّٰه عنهمايعني نبيءَ کان بعد هن امت ۾ سڀ کان وڌيڪ فضيلت وارو حضرت ابو بڪر آهي پوءِ عمر.
سندس نالو عبدالله ڪنيت ابوبڪر والد جو نالو عثمان ڪنيت ابوقحافه سندن سلسلهء نسب تقريباً ستين پيڙهيءَ ۾ رسول الله ﷺ جي نسب سان ملي ٿو. سندن رنگ ڪڻڪائو، جسم نحيف، چهري تي گوشت گھٽ، پيشاني کليل ڪشادي جنهن ۾ حڪمت ۽ دانائيءَ جا آثار نمايان هيا. رسول مڪرم ﷺ جي بارگاھِ اقدس مان صديق ۽ عتيق جا لقب ماڻيندڙ عظمت جي صاحب جي بيان ۾ هي چند سٽون اتي ۾ لوڻ جي مصداق به ناهن تاهم برڪت جي حصول لاءِ ان اعلى ذات جي يادگيري ئي ڪافي آهي. سيدنا عبدالله بن ابي قحافه رضي الله عنه جڏهن شام جي ملڪ مان تجارتي سفر پورو ڪري واپس موٽيا ته مڪي جي ڪفارن قريش جي رئيسن هن محترم ۽ مڪرم شخصيت سان ملاقات ڪري کيس ٻڌايو، ته تنهنجي وڃڻ کان پوءِ هن تنهنجي دوست محمدﷺ نبوت جي دعوى ڪئي آهي ۽ نئين دين جو اعلان ڪري اسان جي بتن کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو آهي.
هن حڪمت ۽ ڏاهپ جي کاڻ، تجارتي قافلي جي سرواڻ جڏهن اها ڳالھ ٻڌي، ته فوراً ذهن تي اهو خواب اچي ويو جيڪو ان سفر جي دوران پاڻ ڏٺو هو، ته مڪَّه مڪرَّمه جي طرف کان هڪ چنڊ لٿو آهي جيڪو هر گھر ۾ داخل ٿيو ۽ ان جي روشني سان هر گھر منور ٿي ويو آهي پوءِ اهو چنڊ سندن هنج ۾ اچي پيو وري يهودين جي عالم جا ان خواب جي تعبير ۾ چيل الفاظ ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته اي نوجوان! توکي مبارڪ هجي جنهن نبيء آخر زمان جو صدين کان انتظار هو انجي تشريف آوري ٿي وئي آهي، ان جي صحبت مان جيڪا سعادت مندي توکي ملندي سا ڪنهن ٻئي کي نه ملندي.  سيدنا صديقِ اڪبر قريش جي سردارن کان اها خبر ٻڌي فوراً بارگاھِ نبوت ۾ حاضر ٿيا، هزار عاجزين ۽ انڪساريءَ سان رشد ۽ هدايت جي سج آڏو جھڪي عرض ٿو ڪري. . .
اشهد ان لا الٰہ الا اللّٰه و انک رسول اللّٰه
مردن ۾ پهريون مسلمان هجڻ جو شرف حاصل ڪيائين. سومر جي ڏينهن صبح جو نبوت جو اعلان ٿيو. انهيءَ ئي ڏينهن شام جو صديقِ اڪبر مسلمان ٿيو. اها دير به شايد سفر جي ڪري ٿي.
ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو ته ڪير ان اعلى ذات کان سکي. اسلام آڻڻ بعد پنهنجي سموري ڪوشش، اثر رسوخ، جان، اولاد، مال متاع، دنيا جو، جو ڪجھ به هو اسلام جي سربلنديءَ لاءِ رسول اللهﷺ جي ذات تان قربان ڪري ڇڏيائين. پنهنجي همٿ، حوصلي، اخلاق ۽ وفا سان اطاعت ۽ استقامت جو اهڙو ته عظيم داستان رقم ڪيائين جو تاريخ انسانيت ان جو مثال قائم ڪرڻ کان قاصر آهي.
امان عائشه صديقه رضي الله عنها فرمايو آهي، ته جنهن ڏينهن ابوبڪر صديق اسلام جي دولت سان مشرف ٿيو تڏهن وٽس چاليهه هزار دينار هئا جيڪي سمورا اسلام جي نالي قربان ڪري ڇڏيائين. اهو سلسلو آخر تائين ائين ئي رهيو. جو ڪڏهن ذري برابر به ان ۾ ڪمي نظر نه آئي ۽ ان جي بدلي ۾ جيڪي لفظ الله جي حبيبﷺ سندس باري ۾ فرمايا؛ ڪائنات جو ذرو ذرو ان تي رشڪ ٿو ڪري.
مانفعني مال احد فقط مانفعني مال ابي بکر رضي اللّٰه عنه
مونکي ڪنهن جي مال ايترو نفعو نه ڏنو، جيترو ابو بڪر جي مال نفعو ڏنو.
آپ خیر البشر ہیں بعدِ نبی، حق کے پیاروں میں ان کا نام آیا۔
زندگی  بھر  کا   جو  اثاثہ  تھا ،   دین   اسلام   ہی  کے  کام  آیا۔
دنيا ۾ ڪو به انسان ڪنهن ڀلائي لاءِ خرچ ڪري ان ۾ هزارين شڪ ۽ شبها هوندا آهن پر هن مرد حق جي دل جي سچائي تو خود رب ڪريم ڪتابِ مبين ۾ بيان فرمائي ڇڏي.
وما لاحد عنده من نعمتہ تجزى الا ابتغاء وجه ربه۪ الاعلیٰ ولسوف يرضیٰ
ان تي ڪنهن جو به احسان ڪونهي جنهنجو هي بدلو ڏيندو آهي مگر سندس خرچ الله تعالى جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. عنقريب اهو راضي ٿي ويندو.
ان کان وڌيڪ حيرت ۾ وجھندڙ ابن عساڪر جي آندل اها روايت آهي، جنهن ۾ سيدنا ابن عمر رضي الله عنهما فرمايو، ته مان رسول اللهﷺ جي خدمت ۾ حاضر هوس. حضرت ابو بڪر به موجود هو. کيس هڪ پهراڻ پاتل هيو جنهن کي سيني کان ڪنڊا هڻي بند ڪيو ويو هو. حضرت جبرائيل امين لهي آيو. عرض ڪيائين يارسول اللهﷺ الله سائين ابو بڪر تي سلام ٿو موڪلي ۽ فرمائي ٿو، ته ڇا؟ ابوبڪر ان حال ۾اسان کان خوش آهي؟ پاڻ ڪريمنﷺ جن حضرت ابو بڪر رضي الله عنه کي ٻڌايو ته سندس اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا ۽ بي اختيار پڪارڻ لڳو، ته ”ابو بڪر ڪير ٿيندو آ جو رب ڪريم کان ناراض ٿئي آءٌ خوش آهيان. آءٌ خوش آهيان.“
سيدنا صديقِ اڪبر رضي الله عنه فطرتاً سهڻن اخلاقن سان متصف هو. ديانتداري، سچائي، رحمدلي، پرهيزگاري ۽ پاڪدامني ته سندس اهڙيون وصفون هيون جن جي ڪري زمانهء جاهليت ۾ به کيس عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو هو. جڏهن شراب نوشي ۽ بي حيائي عام هئي تڏهن به سندس عفت جي چادر ڪڏهن چاڪ ٿي نه ئي پرهيزگاريءَ جو لباس ڪڏهن داغدار ٿيو. فياضي، سخاوت، صلهء رحمي، مهمان نوازي، هيڻن جي همراهي، غريبن ۽ مصيبت زده ماڻهن جي دستگيري به خاص مشغلو هيو. عاجزي ۽ انڪساري ايتري جو پاڙي وارن کي ٻڪرين ڏهي ڏيندا هئا. زهد جو عالم اهو هو جو امارت، دولت جي طلب ۽ مرتبه پسندي کان سخت نفرت ڪندا هئا.
خلافت جهڙو ڳرو بار کڻڻ به امت کي اختلاف ۽ تفريق کان بچائڻ جي ڪري هو، جنهن جو اظهار پاڻ پنهنجي خطبن ۾ فرمايو اٿن. وصال جي وقت پاڻ وصيت فرمايائون، ته منهنجو فلاڻو باغ وڪڻي بيت المال جو قرض ادا ڪجو، جيڪو مال بچي اهو خليفهء دوم جي طرف موڪلي ڇڏجو.
امڙ سانئڻ عائشه صديقه رضي الله عنها فرمائي ٿي، ته بچت مال هڪ غلام، هڪ خادمه ۽ ٻه ڏاچيون هيون جيڪو سيدنا فارقِ اعظم جي خدمت ۾ موڪليو ويو، ته پاڻ عبرت جا ڳوڙها وهائي فرمايائون، ته ”اي ابوبڪر! الله توتي رحم فرمائي وصال کان پوءِ به زهد جي دامن هٿ مان نه ڇڏيئي، ڪنهن کي نڪته چينيءَ جو موقعو نه ڏنئي.“
خوفِ خدا جو انداز اهو هو جو قرآن پاڪ ۾ عذاب ۽ وعيد جون آيتون پڙهڻ سان ڪڏهن ته اوڇنگارون پئجي وڃن رقت طاري ٿي وڃي. گھڻا ٿڌا ساھ ڀرڻ ڪري ” اوَّاھٌ “ نالو پئجي ويو. عبادت جو شوق ۽ ان مان لطف ۽ سرور جي حصول لاءِ اڪثر ڏينهن روزن ۾ ۽ راتيون نمازن ۾ گذارنديون هيون. خشوع ۽ خضوع جي ته ڪا حد ئي ڪانه هئي. دنيا ۽ آخرت جون عظمتون ۽ رفعتون سميٽيندڙ رسول اللهﷺ جو هي دوامي رفيق 22 جمادي الثاني 13 هجري اڱاري جي ڏينهن 63 سالن جي عمر مبارڪ ۾ پنهنجي ڪريم رب جي سڏ کي لبيڪ چئي پنهنجي محبوب ڪريم عليه التحية والتسليم جي مزار پرانوار ۾وڃي رفيق ٿيو.
عشق رسول کا ہے کرشمہ کہ بعد مرگ، کیا مرتبہ ملا ہے جناب ٖصدیق کو،
رکھ لی ہے لاج آقا نے اپنے غلام کی، دے دی جگہ مزار میں اپنے رفیق کو۔
سندس مقام جي بلنديءَ کي سمجھڻ لاءِ ترمذي شريف جي روايت جا هي لفظ ڪافي آهن. سيدِ دوجهانﷺ فرمايو: ”اسانتي ڪنهن جو به احسان ڪونهي جنهن جو اسان بدلو نه ڏنو هجي، مگر ابو بڪر صديق، ان جو احسان اسان جي ذمي آهي جنهن جو بدلو الله سبحانہٗ وتعالى قيامت جي ڏينهن ان کي عطا فرمائيندو.“
اي الله! ان ذات جي صدقي ۾ رسول الله ﷺ جن جي امت جي مغفرت فرماءِ امتِ مسلمه کي دين سان سچائيءَ ۽ ايماني غيرت ۽ قوت عطا فرماءِ. آمين بجاه سيد المرسلين 






 فتاوى عالمگيري | حنفي فقه جو لاجواب تحفو


    پروفيسر مير محمد مقبول سومرو



علم وڏي دولت آهي، جنهن خوش نصيب ماڻهوءَ کي اها نعمتِ عظمى حاصل ٿئي ٿي، ته اهو الٰهي انعامن ۽ اڪرامن سان مالا مال ٿي پوي ٿو. علم وڏي وسعت رکي ٿو. ۽ ان جا ڪيئي شعبا آهن. جيتري قدر فقہ جو تعلق آهي، ته اهو به علم جو شاندار شعبو آهي. جيئن ته اهو اسلامي احڪامن ۽ شريعت جو سرچشمو آهي. ان ڪري علماء ڪرام ۽ فضلاء عظام ان علم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ خاطر پنهنجون حياتيون صرف ڪري ويا. هر انسان اسلامي طرزِ زندگي بسر ڪرڻ لاءِ فقہ جو محتاج آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڃ ۾ اهڙا صاحبِ فتوى عالم ۽ فاضل پيدا ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجي خدا داد صلاحيتن سان دين اسلام جي خدمت سرانجام ڏني آهي ۽ انشآءالله العزيز اهو قدرتي سلسلو قيامت تائين جاري ۽ ساري رهندو. هاڻي نبوت جو دروازو هميشہ لاءِ بند ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙي دعوى ڪندو، ته اهو ڪوڙو دجال سمجھيو ويندو. ان ڪري اڄڪلھ ختم نبوت جو عقيدو اسلام جو اهم ۽ بنيادي عقيدو آهي. دنيا ۾ چار وڏا فقهي مسلڪ رائج آهن. اهلِ سنت جا مسلمان انهن جا پيروڪار آهن. پر حنفي فقہ وارن جو تعداد انهن سڀني کان زياده آهي. حنفي فقہ جو سالارِاعظم حضرت امام ابو حنيفه نعمان بن ثابت ڪوفي رحمة الله عليہ متوفي سنه 150ھ آهي. سوانح نگارن جي تحقيقات موجب امامِ صاحب رحمة الله عليہ جا وڏا اصل ۾ ايران جا رهاڪو هئا. هن خاندان مان پهريان پهريان حضرت زوطي رحمة الله عليہ ڪوفي ۾ اچڻ کان پوءِ حضرت حيدرِ ڪرار رضي الله عنہ جن جي درٻار اقدس ۾ حاضري ڀرڻ لڳو. هن پنهنجي لختِ جگر حضرت ثابت رحمة الله عليہ کي به حضرت علي مشڪل ڪشاء ڪرم الله وجهہ الڪريم جن جي خدمتِ عاليه ۾ آڻي پيش ڪيو. پاڻ ان هونهار نينگر کي پيار به ڪيائون ته دعائون به ڏنائون. حضرت امام اعظم رحمة الله عليہ سنه 80ھ ۾ ڪوفي ۾ تولد ٿيو. جڏهن پاڻ وڏو ٿيو، ته پنهنجي والد گراميءَ جو سندس ڪپڙي جي ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيائين. هڪڙي ڀيري جي ڳالھ آهي، ته امام ابو حنيفه بازار مان لنگھي رهيو هو، ته کيس وقت جو جليل القدر محدث ۽ يگانهء روزگار فقيہ امام شعبي رحمة الله عليہ سامهون ملي ويو. امام شعبي رحمة الله عليہ کيس ڏسي چوڻ لڳو، ته ”پٽ! پڙهندو آهين؟“ امام ابو حنيفه رحمة الله عليہ جواباً گذارش ڪئي، ته نه. اهو انڪاري جواب ٻڌي ڪري امام شعبي رحمة الله عليہ وري کيس چوڻ لڳو، ته ابا! پڙھ ته ڀلو، مان ڏسان ٿو، ته تنهنجي چهري مبارڪ مان نورانيت پئي چمڪي. ان نصيحت آموز ملاقات کان پوءِ حضرت امام اعظم رحمة الله عليہ علم جي طرف راغب ٿي ويو. واقعي مومن جي فراست وڏي ڳالھ آهي، جو اهو الله تعالى جي نور سان اهو ڪجھ ڏسندو آهي، جنهن جي عام کي پروڙ ڪانهي. ابتدائي دور ۾ حضرت امام اعظم  رحمة الله عليہ متعلم جي حيثيت ۾ حضرت حماد بن ابي سلمان عليہ الرحمة الرضوان جي حضور ۾ گوڏا ڀڃي ويٺو. بعد ۾ وري امام شعبي رحمة الله عليہ، عطا بن ابي رباح، نافع مولى، حضرت عمرو ابن عمر رحمهم الله تعالى جهڙن باڪمال بزرگن کان به علمي اسفادو ڪيائين. پر ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونهي، ته حضرت امام اعظم ابو حنيفه تي حضرت حماد بن ابي سلمان جو رنگ سڀني کان وڌيڪ غالب رهيو. ان زماني ۾ ڪوفو علم ۽ عرفان جو ڳڙھ هو. اهو ان ڪري جو اتي حضورِ انور، شافعِ محشر، تاجدارِ مدينه حضرت محمد مصطفى، احمد مجتبى عليہ التحية والتسليم جن جا ٻه جليل القدر صحابي سڳورا حضرت علي المرتضى ۽ حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنهما به موجود ۽ آباد هئا. آخر ڪار دنيا فاني آهي. حضرت حماد عليہ الرحمة و الرضوان سنه 120ھ ۾ وصال فرمائي ويو. انا لله و انا اليہ راجعون. هاڻي ان جي جانشينيءَ جو مسئلو پيدا ٿيو. سڀني اتفاقِ راءِ سان حضرت امام اعظم رحمة الله عليہ کي پنهنجي محسن ۽ مربي استاد جو جانشين مقرر ڪيو. هاڻي امام اعظم رحمة الله عليہ جي جانشينيءَ اچي رنگ لاتو. سندس پرهيزگاري ۽ علمي استعداد جي شهرت دور دراز هنڌن تائين وڃي پهتي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ شاگردن جو جمِ غفير اچي جمع ٿيو. نتيجو اهو نڪتو جو هتان سون جي تعداد ۾ شاگرد فارغ التحصيل ٿي وڏي مقام ۽ مرتبي تي وڃي فائز ٿيا. تعليم هجي، ته اهڙي هجي. حضرت امام اعظم رحمة الله عليہ کي قرآن پاڪ ۽ سنت نبوي على صاحبها الصلوٰة والسلام سان وڏو چاھ هو. ايتري قدر جو پاڻ قرآن ڪريم جو حافظ هو. پاڻ هر وقت باوضو رهندو هو. شروعاتي دور ۾ پاڻ روزانو رات جو قرآن پاڪ جو ختم پورو ڪري وٺندو هو. پر پوءِ سندس علمي ۽ درسي مصروفيتون وڌڻ لڳيون. پر ان هوندي به پاڻ ٽئين ڏينهن ختم ڪڍندو هو. سندس اهو معمول پڇاڙيءَ تائين برقرار رهيو. جيتري قدر سنت جو تعلق آهي، ته پاڻ فرمائيندا هئا، ته حديث شريف نه هجي ته هوند ڪير به قرآن پاڪ کي صحيح طور تي سمجھي نه سگھي. سوچڻ جو مقام آهي، ته اهڙي جليل القدر محدث لاءِ اهو تاثر قائم رکڻ ته کيس صرف سترهن حديثون ياد هيون، ڪيڏو نه ظلم آهي. شال رب ڪريم صحيح ۽ سالم سمجھ عطا فرمائي. آمين.

هاڻي فتاوى عالمگيري جو مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو.

          ياد رهي! ته اهو لاجواب ڪتاب ابولمظفر محي الدين محمد شهنشاھ اورنگ زيب عالمگير غازي عليہ الرحمة جو علمي ۽ فقهي ڪارنامون آهي. جيتوڻيڪ هو اڄ اسان وٽ موجود ڪونهي پر فتاوى عالمگيري کي ڏسڻ سان هن جليل القدرر بادشاھ جو ذڪرِ خير دل ۽ دماغ ۾ بي ساخته طور تي تري اچي ٿو.


ہر گز نہ میرد آنکہ دلش زندہ شد بعشق


ثبت است بر  جریدۀ  عالم  دوام  ما

اورنگزيب سنه 1658ع ۾ عالمگير جو لقب اختيار ڪري هندستان جي شاهي تخت تي جلوه افروز ٿيو. ان وقت سندس عمر چاليھ ورهيه هئي. هن سنه 1658ع کان وٺي1707ع تائين لڳ ڀڳ پنجاھ سال اقبال منديءَ سان حڪومت ڪئي. اهو مغليه آخري برجستو بادشاھ هو. اورنگ زيب عالمگير 21 فيبروري 1707ع ۾ نوي يا ايڪانوي سالن جي ڄمار ۾ وصال ڪيو. هن پنجاھ سال ٽي مهينا برصغير تي شان و شوڪت سان حڪمراني ڪئي. کيس وصيت مطابق خدا آباد ۾ دفن ڪيو ويو. وفات جي وقت هن شهنشاھ جي موڙي ڪل 4 روپيه هئي. اها رقم هن ٽوپيون ٺاهي جمع ڪئي هئي. ان ئي رقم مان سندس تجهيز ۽ تڪفين ڪئي ويئي. چون ٿا ته هو قرآن ڪريم به هٿن سان لکندو هو. ان ڪتاب مان به هن وٽ ڪجھ سؤ روپيه موجود هئا. اهي سندس وفات حسرت آيات کان بعد غريبن ۽ مسڪينن کي خيرات طور ڏنا ويا. وقت جو هي فرمانروا وڏو پرهيزگار ۽ ٻين خوبين جو مالڪ هو. هن پنهنجي دورِ حڪومت ۾ رعيت جي فلاح ۽ بهبود خاطر وڏا وڏا جتن ڪيا سندس زندگي نيڪيءَ ۽ خدا ترسيءَ ۾ گذري. هيءَ نيڪ دل بادشاھ صحيح العقيده سني ۽ شريعت جو وڏو پابند هو. هن جي زندگي سادگيءَ سان گذري. ايتري قدر جو هو ذاتي خرچ لاءِ سرڪاري خزاني مان هڪ پيسو به نه وٺندو هو ۽ پنهنجي گذر اوقات لاءِ هٿ جو پورهيو ڪندو هو. پاڻ ڳائڻ وڄائڻ ۽ لهو لعب کان ڪناره ڪش رهندو هو. کيس عربي زبان تي وڏو عبور حاصل هو. ان جو ثبوت ان ڳالھ مان ملي ٿو، جو هن فتاوى عالمگيري جهڙو ضخيم ڪتاب عربيءَ ۾ پنهنجي نگرانيءَ ۾ مرتب ڪرايو. هن ڪتاب وڏي شهرت ماڻي. اڄ به بين الاقوامي سطح تي هن مايه ناز ڪتاب کي ”فتاوى الهنديه“ جي نالي سان احناف جي زمره ۾ جيءَ ۾ جايون ڏنيو وڃن ٿيون. اهو ڪتاب هدايه کان بعد ۾معتبر سمجيو وڃي ٿو. ان جي جوڙجڪ ان ئي نهج تي ٿيل آهي. ڇهن جلدن تي مشتمل هي عظيم المرتبت ڪتاب فردِ واحد جي قلي ڪاوش نه آهي پر ان لاءِ هڪ خاص عالمن ۽ فقيهن جي ڪميٽي جوڙيل هئي، جنهن جي پوري هندستان مان چيدا چيدا بزرگ ميمبر منتخب ڪيا ويا هئا. انهن ميمبرن منجھان پنج اسماءِ گرامي معلوم ٿيا آهن. اهي هن طرح آهن. 1. ملا حامد جونپوري 2. قاضي محمد حسين جونپوري 3. محمد ابوالخير ٺٽوي 4. ملا محمد اسماعيل صديقي جونپوري 5. جلال الدين محمف مڇلي شهري. هن ڪاميٽيءَ جو سربراھ  حضرت علامه نظآم الدين برهانپوري مقرر ٿيل هو. علاماءِ ڪرام روزانو جيڪو ڪجھ لکندا هئا، ته اهو علامه برهانپوري اورنگ زيب عالمگير کي پڙهي ٻڌائيندو هو. ان کان پوءِ ان ڪم جي بادشاھ طرفان توثيق ۽ تائيد ٿيندي هئي. ان ڳالھ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته شهنشاھ عالمگير جو ڇا علم ۽ عرفان هو! اهڙي طرح اهو سمورو ڪتاب اٺن سالن جي عرصي ۾ زينتِ قرطاس بڻجي معرضِ وجود ۾ آيو. هن ڪتاب تي ان وقت جا ٻه لک روپيه خرچ ٿيا. هن ڪتاب ۾ وڏيون وڏيون خوبيون ۽ خصوصيتون رکيل آهن. اهو ئي ڪتاب عالمگير جي دورِ حڪومت ۾ قانون طور نافذ العمل رهيو. فتاوى عالمگيري جون ڪجھ نمايان خصوصيتون ڊاڪٽر زبير احمد صاحب ”عربي ادبيات ۾ پاڪ و هند ڪا حصه“ نالي تحقيقي مقالي ۾ هن طرح آنديون آهن.

1.        فتاوى عالمگيريءَ جي ترتيب هدايه وانگر آهي.

2.        هن ڪتاب جا سڀئي مسئلا انتهائي احتياط ۽ دانشمنديءَ سان واضح ڪيا ويا آهن.

3.        تڪرار ۽ غير ضروري ڳالهين کان پاسو ڪيو ويو آهي.

4.        اها فتاوى غير ضروري دلائل ۽ نظائر کان پاڪ آهي.

5.        اڪثر صورتن ۾ آيل حديثن ۽ آراء جو واضح مفهوم ملحوظ رکيو ويو آهي. شاذ ۽ نادر ٿيندڙ فيصلن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. البته لاچاري حالتن ۾ ڪو اهڙو فيصلو آيو به هجي.

6.        سمورا حوالا مستند ڪتابن تان ورتا ويا آهن.
7.        مسئلي جي حل ۾ متضاد قولن مان هڪ کي ترجيحي طور بيان ڪيو ويو آهي. 



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ : جيون جھلڪ


   تاج جويو



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1967ع تي ضلعي سانگھڙ ۽ تعلقي سنجھورو جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ علي محمد خان لغاريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ بي اي (آنرز) ڪئي. 1943ع ۾مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ مان فرسٽ پوزيشن ۾ ايم اي پاس ڪئي. ساڳئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ مان نبي بخش خان بلوچ فرسٽ ڊويزن ۾ ايل ايل بي ڪئي. بعد ۾ 1947ع ۾ هن ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايڊيو ڪيشن ۾ ايم اي ڪئي. 1949ع ۾ نبي بخش بلوچ ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ڊاڪٽر آف ايڊيو ڪيشن جي ڊگري حاصل ڪئي.

ملازمت جو رڪارڊ:

الف: تعليمي: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1951ع کان 1976ع تائين پروفيسر آف ايڊيوڪيشن رهيو. 1962ع کان 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ائنڊ ريسرچ رهيو. 1973ع کان 1975ع تائين نيشنل ميرٽ پروفيسر رهيو. نبي بخش بلوچ 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر رهيو. جڏهن ته 22 نومبر 1980ع کان آگسٽ 1982ع تائين هو اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) جو وائيس چانسلر پڻ رهيو.

ب:  ملازمت: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1950، 1951ع ۾ منسٽري آف انٽيريئر، انفارميشن ائنڊ براڊڪاسٽنگ ڊويزن ڪراچيءَ جو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي رهيو، جنوري 1976ع کان مارچ 1980ع تائين هو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي / سيڪريٽري وزارتِ تعليم  ۽ ثقافت جي عهدي تي فائز رهيو. هو اپريل 1978ع کان جنوري 1979ع تائين فيڊرل رويو بورڊ جو ميمبر رهيو. ان کان سواءِ پي ڪميشن اسلام آباد جو پڻ ميمبر رهيو. پهرين جولاءِ 1979ع کان 10 آڪٽوبر 1979ع تائين نيشنل ڪميشن آن هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد جو چيئرمين رهيو. آڪٽوبر 1979ع کان 1982ع تائين نيشنل ڪميشن ائنڊ ڪلچرل ريسرچ (اڳوڻي ڪميشن، جنهن کي بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري، ڪلچرل ائنڊ سولائيزيشن سڏيوويو.) جو ڊائريڪٽر رهيو. نبي بخش بلوچ 1983ع کان 1989ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل ۾ صلاحڪار رهيو. 1991ع کان 1993ع تائين هن سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد جي چيئرمين طور ذميداري سنڀالي. 1993ع ۾ نبي بخش خان بلوچ کي سنڌ ۾ تعليم، زراعت ۽ جھنگلي جيوت جو نگران وزير مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1991ع  کان حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پروفيسر ايمريٽس ۽ علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو پروفيسر هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي حياتيءَ ۾ ملڪ جي مختلف ادارن ۾ ميمبر پڻ رهيو. کيس اٿارٽي فار موئن جو دڙو (پاڪستان / يونيسڪو پراجيڪٽ) ، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، وائيس چانسلرز ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد، پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ ائنڊ آرڪائيوز، سينٽرل اردو بورڊ لاهور، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، اقبال اڪيڊمي لاهور، ريسرچ سوسائيٽي آف پاڪستان لاهور جي ميمبر شپ حاصل هئي. جڏهن ته هو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ، سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر پڻ هو. نبي بخش خان بلوچ کي ملڪ جي جن ادارن جي ميمبر شپ ڏني وئي هئي، انهن ۾ قائدِ اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل لوڪ ورثا اسلام آباد جي گورننگ باڊي، نيشنل لينگئيج اٿارٽي اسلام آباد شامل آهن. هو اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جو باني فيلو ميمبر پڻ هو. نبي بخش بلوچ کي قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچيءَ جي گورننگ باڊي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد، سر سيد يونيورسٽي آف سائينس ائنڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي جي گورننگ باڊي ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبرشپ پڻ ڏني وئي هئي.
ج: حاصل ڪيل تمغا ۽ ايوارڊ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ1962-68ع ۾ تمغه پاڪستان سان نوازيو ويو، کيس ستاره قائد اعظم، آگسٽ 1979ع ۾ پرائيڊ آف پرمارمنس جو صدارتي ايوارڊ، 1991ع ۾ اعزاز ڪمال جو صدارتي ايوارڊ ۽ 2001ع ۾ ستاره امتياز جو صدارتي ايوارڊ مليو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي سنڌي، اردو، سرائيڪي، فارسي، انگريزي ۽ عربي ٻولين تي عبور حاصل هو ۽ کيس انهن ٻولين جي ڄاڻ هئي. هن 1948ع ۾ گڏيل قومن جي انٽرن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ گڏيل قومن لاءِ معتمد مقرر(UN Accredited Speaker)، يونيسڪو پاران ”ڏکڻ ايشيا ۾ پرائمري تعليم“ بابت علائقائي سيمينار، 1956ع ۾ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي وفد ۾ ميمبر طور شريڪ ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1960ع ۾ ”انڊو-پاڪ ڪلچرل ڪانفرنس“ نئين دهلي، ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز ڪانفرنس لنڊن، تهران ۾ آر سي ڊي جي ”ڪامن ڪلچرل هيريٽيج سيمينار“. 1967ع ۾ يونيسڪو طرفان ”استادن جي تربيت“ بابت ماهرن جي ڪميٽيءَ جي ميمبر طور پڻ شرڪت ڪئي. هو 1973ع ۾ انٽرنيشل مولانا رومي سيمينار لاءِ انقرا ۾ مولانا جلال الدين رومي ۽ شاھ عبداللطيف بابت مقالو پڙهڻ لاءِ ذاتي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو هو. مارچ 1977ع ۾ هن انڊو نيشيا جي حڪومت جي دعوت تي ”هائير اسلامڪ ايڊيوڪيشنل انسٽرڪشنس انڊونيشيا“ ۾ ڏهن هفتن جي پروگرام دوران ليڪچر ڏنو. نومبر 1978ع ۽ اپريل 1979ع ۾ 20هين يونيسڪو جنرل ڪانفرنس ۾ پاڪستان وفد جي ميمبر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. 1980ع کان 1986ع تائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”وچ ايشيائي تهذيبن جي تاريخ“ بابت يونيسڪو جي عالمي ماهرن جي سائينٽيفڪ ڪاميٽي جي ايڊيٽوريل ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور ذاتي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. ان کان سواءِ هو آسٽريليا جي شهر ايڊيليد ۾ ”ايشين ڪلچرل سيمينار“ پاڪستان مان ماهر جي حيثيت ۾ ۽ پاڪستان - فرانس ڪلوڪيم ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبر طور شريڪ هو.  



ڊاڪٽر بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ساهتڪار 
امداد حسيني


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ گھڻ پاسائين شخصيت هو. هن سنڌي ٻوليءَ تي به ڪم ڪيو آهي، ته لغت تي به ڪم ڪيو آهي. لوڪ ڪلاسيڪل اتهاس شاعري توڙي نثر تي به لکيو آهي، ته سنڌي سنگيت تي به لکيو اٿس. سنڌي شاعريءَ جي سريلي صنف ڪافيءَ تي ٽي ضخيم جلد ڏئي چڪو آهي. ته پاڻ شاعري به ڪئي اٿس. روايتي دور جي هڪ وڏي شاعر مير عبدالحسين سانگيءَ جو ڪليات به سهيڙيو اٿس ته انهن سڀني ڪتابن تي پاڻ عالماڻا مهاڳ پڻ لکيا اٿس. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۽ سوانح تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو ڪم ڪيو انهيءَ جو سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ ۽ اعلى مقام آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکڻ کي عبادت ۽ رياضت جو رتبو عطا ڪيو آهي ۽ هن پنهنجي ڪم جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ عظيم اتهاسڪار جو مرتبو ماڻيو آهي. ان ڪارڻ ئي اڄ سنڌ جي هڪ عظيم سپوت کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسين فخر محسوس ٿا ڪريون. هتي مان صرف ڊڪشنري ”لغت“ آفيس جي حوالي سان ڪجھ ساروڻيون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. تڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس ۽ تن ڏينهن ۾ ڊڪشنري آفيس ۾ پارٽ ٽائيم جاب پڻ ڪئي هئم. مونکي اها سڌ نه هئي ته هڪ ڪمري واريءَ انهيءَ ڊڪشنري آفيس ۾ ڪيل ڪم جو تجربو آئيندي مونکي ڪيڏو نه ڪم اچڻ وارو هو. انهيءَ ڪمري ۾ قطار سان آمهون سامهون ٽيبلون رکيل هونديون هيون ۽ انهن ٽيبلن جي پٺيان ڪرسيون رکيل هونديون هيون جيڪي ڀت سان لڳل هونديون هيون. آمهون سامهون رکيل ٽيبلن وچان هڪ ماڻهوءَ جي لنگھڻ جيتري وٿي ڇڏيل هوندي هئي. ٽيبلن تي ڪتابن ڪارڊن ڪاڳرن جا ڍڳ پيل هوندا ها. شيخ محمد اسماعيل انهيءَ آفيس جو انچارج هو. سڀني ڪارڪنن جو ڪم ورهايل هوندو هو. لغت ۽ لوڪ ساهت، لغت ۾ وري مختلف اکر، لفظ لوڪ ساهت ۾ ڪهاڻيون، آکاڻيون، ڳالهيون، داستان، ڳيچ، گيت، ڳجھارتون، ڪهاڻين ۾ وري ڀن ڀن موضوع، لوڪ گيتن ۾ مختلف صنفون، صبح شام ڪم ٿيندو هو ۽ انهيءَ سڄي ڪم جونگران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هوندو هو. ڊڪشنري آفيس ۾ لوڪ ادب رٿا جيڪي ڪارڪنن مونکي ياد آهن، اهي هي آهن. شيخ محمد اسماعيل، داڪٽر اسدالله شاھ، بيخود حسيني، ممتاز مرزا، طالب لوهار، محمد يعقوب ميمڻ، ولي محمد طاهر زادو، شبير حاتف، ڊڪشنري آفيس ۾ جيڪو به اجورو ملندو هو اهو ڪم ڪرڻ جو اجورو هوندو هو. نه ڪي ڪم نه ڪرڻ جو! ان ڪري اهميت وري به ڪم جي هئي ۽ اهو ڪم اڄ سڀني جي سامهون آهي. يقيناً لوڪ ساهت انهيءَ عالي شان عمارت جي اڏاوت ۾ ڊڪشنري آفيس جي سڀني ڪارڪنن جي محنت شامل هئي پر ان سان گڏوگڏ انهن سون هزارن ڪارڪنن جي محنت شامل هي، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هئا جن لاءِ ڪو به اجورو نه هو! ڀلا ڪنهن جي گھر اڏڻ جو ڪو به اجورو هوندو آهي ڇا! ڇپيل ڪتابن مان مواد ڪڍڻ کان سواءِ سڄي سنڌ مان جيڪو به مواد هو، اهو ڇانٽي انگريزيءَ ۾ سارٽ ٿيندو هو، پوءِ لاڳاپيل ٽيبل ڪارڪنن تائين پهچندو هو. جتي ان جي پڙهڻي Reading سان گڏوگڏ درستگيون به ٿينديون هيون. مختلف روايتن جي ڀيٽ ٿيندي هئي. ائين پهريون اسڪرپٽ تيار ٿيندو هو. شيخ محمد اسماعيل ان کي چيڪ ڪندو هو ۽ ڊاڪٽر صاحب جي آڏو رکندو هو. ڊاڪٽر صاحب ان کي پهرئين کان آخري لفظ تائين ڏسندو هو، ويچار ونڊيندو هو هدايتون ڏيندو هو ۽ ان پٽاندڙ پريس ڪاپي تيار ٿي پريس هلي ويندي هئي. اهو مواد جنهن وٽان به آيل هوندو هو فوٽ نوٽ ۾ تنهن جو نالو درج ڪيو ويندو هو. ان ريت هڪ ئي ڪهاڻيءَ، گيت يا داستان جون مختلف روايتون اينديون هيون، ته اهي به ڏنيون وينديون هيون ۽ سڀني روايتن جا نالا به ڏنا ويندا هئا. آيل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ، سوڌ سنوار جو ڪم جنهن به ڪارڪن جي ذمي هوندو هو، ان جو نالو پريس ڪاپي تيار ڪندڙ جي حيثيت سان ڏنوويندو هو ۽ ڇپجڻ کان پوءِ کيس ان ڪتاب جي ڪاپي پڻ ڏني ويندي هئي ۽ اهو ان لاءِ ساري ڄمار ياد رهڻ وارو هڪ اعزاز هوندو هو. جڏهن ته مونکي ذاتي تجربو آهي ته ٻين شخصن/ ادارن جي پهرئين ئي اکر کان آخري اکر تائين مسودن کي پڙهيو ۽ سنواريو هوندم پر انهن ۾ مهنجو نالو نه ڏنو ويو هوندو. ان ڏس ۾ مان هتي صرف کيڏوڻا جو مثال ڏيڻ چاهيندس. سحر ”هوا جي سامهون“ جي اڀياس ۾ صفحي سترهين تي لکي ٿو ته ”ان ريت گيت کيڏوڻا جو نه رڳو نالو هن جو ڏنل آهي، پر ان جا سمورا معياري ترجما امداد جا ئي ڪيل آهن.“ انهيءَ لکڻ مان منهنجي مراد صرف اها آهي، ته تحرير جي پيشي سان واسطا فردن لاءِ ايمانداري بنيادي شرط آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان پنهنجي هر ڪارڪن جي پورهئي جو قدر ڪيو ۽ ان جي محنت کي مان ڏنو. لوڪ ادب رٿا هيٺ هڪ ڪتاب مناظرا به ڇپيو هو، جنهن جي مخالفت ۾ ڪراچيءَ جي هفتي وار اخبار ”Sunday Times“ ۾ مسلسل هڪ ليک اچڻ لڳو هو نيت اها ئي هئي ته مناظرا تي بندش وجھرائجي. انهيءَ ليک کي بنياد بڻائي ڪراچيءَ جي ڪمشنر وٽ هڪ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو جيڪو اٺ سال هليو ۽ فيصلو ڊاڪٽر صاحب جي حق ۾ ٿيو. ان ڏس ۾ اچرج جي ڳالھ اها آهي، ته پروفيسر غلام حسين جلباڻي جنهن کي ساڳي درجي جو سمجھيو ويندو هو، مناظري جي مخالفت ۾ شاهدي ڏني. ڊاڪٽر صاحب اڄ ڏينهن تائين ڏيپلائي صاحب جا ان ڏس ۾ ڳڻ ڳائي ٿو. ڏيپلائي صاحب پاڻ مونکي ٻڌايو هو ته هن مناظري جي بچاءَ ۾ مذهبي ڪتابن جا حوالا ڏنا هئا، جيتوڻيڪ مون جتي به نوڪري ڪئي اتي سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت سان ئي منهنجو واسطو رهيو آهي پر مهنجي پوري ڪيريئر ۾ ڊڪشنري آفيس اهو واحد ادارو هو، جتي جي نوڪريءَ کي مون ڪڏهن به نوڪري نه سمجھيو هو. اتي سڀئي ڪارڪن ٻوليءَ، ادب ۽ ڪلچر جا ڄاڻو ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ جي جذبي سان سرشار هئا. ڊڪشنري آفيس ۾ ڪم هلندي جڏهن به ولي محمد طاهر زادو پنهنجي مخصوص کل کلندو هو، تڏهن سڀ ڏانهس متوجهه ٿي ويندا هئا. پوءِ ڪو نه ڪو ٽوٽڪو ٻڌائيندو هو، ته هڪ گڏيل ٽهڪ اڀرندو هو. ڪڏهن وري شيخ صاحب چوڳو وجھندو هو ته ابا هو ڇا پئي ٻڌايئي ۽ ائين ڪڏهن لفظن جي صورتخطيءَ، معنى بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ڊاڪٽر صاحب پوري وقت تي آفيس ۾ ايندو هو ۽ پنهنجي مخصوص ڪرسيءَ تي اچي ويهندو هو جيڪا شيخ صاحب جي ٽيبل جي ساڄي پاسي کان رکيل هوندي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي موجودگيءَ سان ڪارڪنن ۾ اتساھ ڀرجي ويندو هو. 1992ع ۾ جڏهن مونکي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ڪري رکيو ويو هو تڏهن خبر پئي ته لوڪ ادب رٿا بند ٿي چڪي هئي جڏهن ته ان وقت به ”لوڪ ادب رٿا“ هيٺ ڪجهه اهم عنوان تياريءَ جي مختلف مرحلن ۾ هئا. مثلاً ”چوڻيون“. هاڻي اهو ڪتاب ڪهڙي مرحلي ۾ آهي. ان جي مونکي ڪا به خبر نه آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جو سنڌي عوام جو قومي ورثو ته آهي ئي پر اهو عالمي سطح تي به پوري انسانيت جو ورثو آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جو دنيا جي لوڪ ادب ۾ ڪهڙو اسٿان آهي؟ سنڌ جا لوڪ گيت سر توڙي موضوع جي لحاظ کان دنيا جي لوڪ گيتن ۾ ڪهڙي اهميت رکن ٿا؟ دودي چنيسر جي وير کاٿا جو عالمي رزميه شاعريءَ ۾ ڪهڙو مقام آهي. اهي سڀ سوال جواب طلب آهن ۽ انهن جا جواب لهڻ گھرجن سنڌ تي ڌڻي تعالى جو گھڻو ڪرم آهي، جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اسان جي پکي پيو جنهن سنڌ جي قومي ورثي کي محفوظ ڪري ان کي ضائع ٿيڻ کان بچائي ورتو.           
باباءِ سنڌي
حزب الله آءِ سومرو


سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ يڪجاء نه ٿيل آهي. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جيڪا مستند چئجي، سا مڪمل ۽ مستند نه ٿي سگهي آهي. هن دؤر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پيدا نه ثئي ها، ته سنڌ جي تاريخ جو ايترو ڪم نه ٿي سگهي ها. سنڌ جي تاريخ جو مواد هڪ جاءِ نه ٿي سگھي ها. ايترا محقق تيار نه ٿي سگھن ها. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا، تاريخ ادب آثار قديمه ۽ تعليم تي لکيا. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب ميڙيو. تاريخي ڪتابن جا مقدما لکيا. حاشيه، تعليقات، اضافه ۽ شرح لکيا جن ۾ سندس تحقيق جو انداز بهترين آهي. نوان بحث ڇرڪائيندڙ موضوع دليلن ۽ ثبوتن سان تڪي توري لکيا اٿس. ائين چئجي ته سنڌي ادب جو ڪو ابو آهي، ته اهو ڊاڪٽر بلوچ ئي آهي. مولوي عبدالحق کي باباءِ اردو چوندا آهن، ته ڊاڪٽر بلوچ کي باباءِ سنڌي چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڊاڪٽر بلوچ جا ترتيب ڏنل ڪتاب به تحقيق کان خالي نه آهن پر انهن ۾ به پنهنجي تحقيق سان وضاحتون، حاشيه، شرح ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڏنل آهي. ان مواد بابت تاريخي ڄاڻ به ڏنل هوندي. تاريخ سنڌ، شاھ جي رسالي ۽ لوڪ ادب تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر بلوچ جو ڪم لوڪ ادب ۾ ڏسبو ته مولود، مداحون، نڙبيت، لوڪ گيت، ٽيھ اکريون، مناظرا، واقعاتي بيت، جنگ نامه، ساٺ سنوڻ جهڙن موضوعن تي مواد گڏ ڪري ڇنڊ ڇاڻ ڪيائين. انهن موضوعن جي تاريخ ۽ ڄاڻ لکيائين. ٻوليءَ جي حوالي سان ڏسبو ته پنجن جلدن تي مشتمل سنڌي ٻوليءَ جي ”جامع سنڌي لغات“ ملندي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي تحقيقي اصولن موجب جمع ڪيو ويو آهي. انهن جون معنائون لکيون ويون آهن. سنڌي ادب جي تاريخ جي حوالي کان ڊاڪٽر نبي بخش جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ تاريخِ سنڌ ، ادب ۽ ٻوليءَ جي دليلن ۽ ثبوتن سان معلوماتي ڪتاب آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر ضاحب نوان عنوان بحث هيٺ آندا آهن. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ان موضوع تي ڪنهن ٻي ڪتاب جي ڪا خاص ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. تاريخ جي حوالي سان ڏسبو ته ”چچنامي“ کي تحقيقي مقدمو، وضاحتون تحفة الڪرام جا حاشيه سومرن جي دؤر ۽ ”مارئي“ ڪتابن ۾ روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ببگلار نامي، ظاهري لب تاريخ، سنڌ جي ايديٽنگ انهن  تي حاشيه باقيات از ڪلهوڙا ۽ تاريخ بلوچي جهڙن ڪتابن جا مقدمه تحقيق ۽ تاريخ سنڌ جو سرمايو آهي. شاھ جي رسالي تي ڊاڪٽر بلوچ جو ڏهن جلدن تي مشتمل تاريخي ڪم به يادگار هوندو. جن ۾ ڀٽائيءَ جي رسالن جي ڀيٽ ڪرڻ، لفظن جون مختلف لکڻيون گڏ ڪرڻ، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، شاھ جي سوانح عمري، سرن ۽ بيتن بابت هڪ وڏي تحقيق آهي. ڊاڪٽر بلوچ جو جواهر لغات سنڌي تي تحقيقي مقدمو هڪ جلد سنڌي لغت، قديم شاعرن جي ڪتابن ۽ رسالن ڪليات محل، ميان شاھ عنايت جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، ڪلام فقير نواب ولي محمد، شاھ لطف الله قادري جو ڪلام، ڪليات سانگي شاھ شريف، ڀاڏائي، راڳنامو، صادق فقير جي موضوعن تي انهن جي شاعري، ڇنڊڇاڻ جمع ڪئي آهي. اهو سڀ تحقيق جو اعلى مثال قائم ڪن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي فڪر جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 


سنڌ جو عظيم ڏاهو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به وڇڙي ويو
حافظ حبيب سنڌي


تاريخ ڪي اهڙا انمول ۽ املھ ماڻڪ انسان پيدا ڪندي آهي، جنهن ڪري انهيءَ ڌرتيءَ جي رونق ئي دوبالا ٿي ويندي آهي، انهن انمول ماڻڪن جي روشنيءَ جي ڪري اتان جو هر حصو منور ۽ روشن رهندو آهي ۽ انهن جي عملي مهڪ ساري علائقي کي مهڪائي ڇڏيندي آهي، ڪنهن ماڻهوءَ ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته ڪي ماڻهو تاريخ ساز ٿين ٿا ۽ اهي ئي پنهنجي تاريخ ساز ڪارنامن جي ڪري تاريخ ٿي وڃن ٿا. يقيناً اهي ئي ماڻهو ان خطي جو بخت آهن ۽ عظيم تاريخي سرمايو هوندا آهن. جيڪي ان خطي ۾ جنم وٺن ٿا ۽ اهڙن املھ انسانن جي مائرن تي لک رحمتون جن اهڙن عجيب ۽ بيش بها جواهرن کي جنم ڏنو. ڀلي ڄايون مائرون سنديون صالحن،


  محشــر جي ميدان ۾ تنن ڏاج ملـن،


  ٻين ويچــــــــــارين اوجاڳا اجايا ڪـيا.
اسان سنڌ واسين جي ڏاڍي خوش بختي ۽ نيڪ بختي آهي جو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ وقت به وقت تاريخ ساز شخصيتن کي جنم پئي ڏنو آهي ۽ انهن عظيم شخصيتن جي بدولت ئي اسان جي تاريخ تمدن تهذيب ۽ ثقافت زنده جاويد ۽ ملڪان ملڪ مشهور آهي. هن مردم خيز سرزمين پنهنجي علمي ۽ ادبي کيتر ۾ انيڪ مانائتن ملوڪن کي جنم ڏنو آهي، جن مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به هڪ هو. هن مربي، معزز ۽ مهان انسان پنهنجي جواني ته ادب جي آبياريءَ کي ارپي علم ادب تاريخ ۽ ثقافت لاءِ پاڻ پتوڙيندي وڏي محنت جانفشاني جفاڪشيءَ تن من سان خدمت ڪئي. سنڌ جو هي سپوت سيلاني انسان 1949ع ۾ PHD جي ڊگري حاصل ڪري پنهنجي وطن موٽيو ته نوڪري نه ملڻ جي صورت ۾ خاڪي ڪپڙا پائي ابن بطوطه وانگر پنهنجي جنم ڀوميءَ جو چپو چپو پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙيائين ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن تهذيب ۽ ثقافت جي ٽڙ پکڙ انمول هيرن کي يڪجاء ڪيائين. سنڌ جي هن اورچ ابن بطوطه ڪڏهن لاڙ ته ڪڏهن سرو ڪڏهن وچولو ته ڪڏهن ڪو ٻيو ماڳ مقام لتاڙيو ۽ پرکيو. بهرحال هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي تاريخي ماڳن مڪانن کي پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪيو ۽ ماڻهن سان رهاڻيون رچائي انهن کان معلومات هٿ ڪئي. رڻن جو هي رولاڪ مرد هو جتي به ويو، جيڏانهن به گھميو اتان هن سنڌ جي تاريخي ٻوليءَ ۽ تهذيب جي ڪانه ڪا سوکڙي ڳولي آندي. پوءِ چاهي سوماترا جا ٻيٽ هجن يا سنڌ جو بندرگاھ، شاھ بندر ڇو نه هجي چاهي بيروني ملڪن جو ڪو ماڳ مڪان هجي. ڏورانهن ٻيٽن تي سنڌي ملاحن جي قبرن تي لکيل قطبن کي پڙهڻ جو ڪم هجي، هر حال ۾ سندن سنڌ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ نالو هو هڪ اهڙي اداري جو جنهن هر صنف هر عنوان ۽ هر موضوع تي هر لحاظ ۽ هر خيال کان صرف سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جو ڪم همه وقت جاري ۽ ساري رکيو. عظيم المرتبت شخصيت جي صورت ۾ اسان سنڌ واسين تي الله پاڪ جو وڏو احسان آهي. سنڌ جي تاريخ هجي يا لوڪ ادب لسانيات جو موضوع هجي يا آثارِ قديمه ڀٽائي جي ڪلام جي تحقيق جو پرجيڪٽ هجي يا قاضي قاضن جي ڪلام تي وڌيڪ تحقيق پوءِ ان لاءِ کين کڻي ڪٿي به ڪهي وڃڻو پوي ۽ ان راھ ۾ ڪيڏا به ڪشالا ڪڍڻا ۽ منزلون مارڻيون پون مگر هي جھونو جوڳي هر وقت ڪمربسته ۽ چاڪ چوبند نظر آيو. اها ئي ته سندن عظمت جي نشاني هئي. ڊاڪٽر بلوچ جا ڪهڙا ڳڻ ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن. سندس عظيم علمي خدمتن جو ڪهڙو تذڪرو ڪجي. سندن محنتن جا سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو ۽ سنڌالاجي شاهد آهن. هن جيڪو به علمي پورهيو ڪيو اهو تقريباً ڇپجي چڪو آهي. هن جڏهن سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي اسڪيم جوڙي ته ان تي عمل ڪندي چاليھ لک کان مٿي ڪتابن جو ذخيرو عوام جي آڏو آندو. جنهن کي عوام ۾ وڏي مقبوليت ملي. ان کان سواءِ هن جامع سنڌي لغات جا پنج جلد جوڙيا ۽ اردو سنڌي لغت جا ٻه جلد ڌار مرتب ڪيا. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ به سندن وڏو ڪارنامو آهي. سنڌ جي هن سيلاني انسان صحيح معنى ۾ سنڌ واسين جي خدمت ڪندي ملڪ جي چئني صوبن جي ڪنڊ ڪڙڇ کي چڱيءَ طرح گھمي ڏٺو، جھر جھنگ، جبل پهاڙ، ٿر بر ۽ بحر، واهڻ وستيون، ڍنڍون ۽ ڍورا، ڀڙا ۽ دڙا ووچيندي ولوڙيندي نيٺ درياءَ ۽ سمنڊ به ڊاڪٽر صاحب وڃي سوڌيو ۽ کارو کيڙيو(کاري جي دوري دوران هي راقم ساڻن گڏ هو) مٺي ۽ کاري جي مڇين کي به قلمبند ڪري پنهنجي تحقيق جا جوهر ڏيکاريائين. سنڌ جو هي ابن بطوطه انسان ڪٿي به هو ۽ ڪهڙي به حال ۾ هو. ڪهڙي به عهدي تي فائز هو مگر سندس سنڌ سان والهانه عشق ۽ الفت جو چٽو ثبوت اهو آهي، جو هن هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي تحقيق ۽ تدوين جي ڳالھ ڪئي، هو چاهي ملڪ اندر هو يا ملڪ کان ٻاهر آمريڪا ايران ۽ برطانيه جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيندو هو پر سنڌ جي تاريخ ۽ عظمت جا ڳڻ ڳائيندي نظر آيو. هو ڪڏهن نه ٿڪو. ڪلاسيڪي شاعرن کي سهيڙڻ جي رٿا جوڙيائين. وري سنڌ جي سرموڙ الهامي ۽ آفاقي سدا حيات شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ جي ڪلام تي تحقيق جو ڪم ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران شروع ڪيائين. لڳاتار 25، 30 سالن جي محنت ۽ مشقت جاکوڙ ۽ جستجوءَ کان پوءِ هڪ جامع رٿابنديءَ هيٺ ڏهن ضخيم جلدن تي مشتمل شاھ جي رسالي تي عظيم الشان ڪم ڪري ڏيکاريائين. لطيف سرڪار جي رسالي جي تحقيق لاءِ به سنڌ جي هن عظيم سيلانيءَ وڏا ڪشاله ڪاٽيا. ڪڏهن ڏس برٽس ميوزيم جي انڊيا آفيس لائيبريريءَ لنڊن ۾ ويٺو هو ته ڪڏهن وري ايران جي شهر تهران جي بادشاهي بازار جي ڪتب خانن ۾ سرود شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو، ته ڪڏهن بلوچستان جي علائقن سبي، پسني، خضدار ۽ هنگلاج ۾ نانيءَ جي آستان ۽ اتانهن جبلن تي چستيءَ سان پئي چڙهيو، ته ڪڏهن ڀٽن تان ڀيرا ته ڪڏهن وري لوڪ سگھڙن ۽ شاھ صاحب جي ڄاڻن ۽ شارحن سان قرب ڀريون ڪچهريون ڪندي نظر آيو ته ڪڏهن وري لطيف جي پرک خاطر انڊيا ڏي نارائڻ سر، گنگا جمنا، کوٽي سر ۽ ڪڇ، ڀڄ ۾ لاڳيتو ٽن سالن تائين تحقيق ڪري اتان جي جهونن ۽ جهانديده جھانگيڙن جهوپن ۾ لطيف رحمة الله عليہ تي کوج ڪئي. لاکيڻي لطيف جي ڪلام تي هن ٿوري محنت ڪونه ڪئي. بلڪه ڀٽائي رحمة الله عليہ جي ڪلام کي سوڌڻ ۽ سنوارڻ لاءِ تحقيق جي نون معيارن کي آڏو رکي هڪ طرف پنجاھ کان مٿي ناياب قلمي نسخا رکيائين ته ٻئي پاسي ڪيترن ئي ڇاپيل نسخن جو انبار اڳيان رکيائون. 


 تاريخ جو وڇوڙو
عنايت بلوچ

اڄ ڪتابن جا ورق ويڳاڻا نظر اچي رهيا آهن. سنڌي ثقافت، ٻولي، محاورا، ڏوهيڙا، بيت، ڳجھارتون، مولود، مداحون، مناجاتون، مطلب ته سنڌي لوڪ ادب جو چهرو اڄ مايوس ۽ اداس نظر اچي رهيو آهي. سياري جي سيءَ ۾ مَچَن تي ڪچهريون مچائڻ جو مور اسان کا جدا ٿي ويو آهي. لطيف جي پيرن پٺيان پير کڻي هر ان ماڳ تي پهچڻ ۽ لطيف تي مشاهداتي تحقيق ڪرڻ وارو اڪيلو ماڻڪ سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (مرحوم) تي لکجي، ته ڪٿان کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي. هو علم، ادب ۽ ڏاهپ جو ايڏو ته اجھاڳ سمنڊ هو، جو ان جي انت ۽ ڇيهه جي خبر به شايد فقط کيس ئي هئي. ڪاش! سندس لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو ته اهڙو رهبر اڃا به هجي ها، جنهن وٽ وڃي سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لوڪ ادب ۽ شاھ لطيف جي رسالي جي گوناگون بيتن بابت رهبري حاصل ڪجي ها. چوندا آهن، ته ڀاڳين جا ڀاڻا ختم نه ٿيندا آهن. الحمدللّٰہ سنڌ ۾ ڪلجڳ ڪاپڙي اڃا به موجود آهن، پر ڀٽائيءَ چواڻي، ته:
ســـــــــــــــــوڍا هـــــجــن ســــؤ،
ته به مٽ نه ڀائيان مينڌري.
اسان جا نوجوان سنڌ جي حوالي سان گھڻا ئي نعرا پيا لڳائيندا آهن، پر ان نعري هڻڻ کانسواءِ ٻي ڪابه خبر نه هوندي آهي ته سنڌ کي جيارڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻڻ ضروري هوندا آهن. منهنجو پختو ايمان آهي، ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حقيقي طور تي سنڌ جو عاشق هو، جنهن جيڪو ڪجھ لکيو ته فقط سنڌ تي ۽ سنڌ لاءِ لکيو ۽ سنڌ کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه لکيو. لوڪ ادب، لطيف، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌي موسيقي، سنڌ جي جاگرافي مطلب ته فقط ۽ فقط سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي دنيا ۾ روشناس ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيندو رهيو. هتي آءٌ پنهنجي اکين ڏٺو احوال اوهان سان مختصر طور تي اوريان ٿو ۽ ڪوشش اها ڪندس، ته ڊاڪٽر صاحب جي بابت ڪجھ نيون ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان. 1986ع ۾ آءٌ آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم اسمٿسونين ميوزيم گھمڻ ويس. هي ميوزيم اٺن کان ڏهن مختلف عمارتن تي مشتمل آهي. هڪڙي جڳهه تي لکيل هو، A Sindhi Home (اي سنڌي هوم) بجليءَ جو ڪرنٽ محسوس ڪيم ۽ ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿي آيم ته واشنگٽن جي اسمٿسونين ميوزميم ۾ اهو ”سنڌي گھر“  ڪنهن ٺاهيو هو؟ يا ان کي ٺاهڻ ڪيئن ڏنوويو؟ سنڌي گھر ۾ اندر وڃي ڇا ڏسان ته هڪ ٿري عورت سوسيءَ جا ڪپڙا پائي ڏڌ پئي ولوڙي، ٻي مائي ڇڄ ۾ ان ويٺي ڇنڊي ۽ ٽئين مائي سنڌي رلي ويٺي ٺاهي ۽ سنهي سئيءَ سان ان کي ٽوپو ويٺي ڏئي، وغيره وغيره. خوشي ۽ جذبات ۾ سرشار ٿيندي ميوزيم جي رکوالي کان پڇا ڪيم ته هن هڪدم رجسٽر کولي ٻڌايو، ته ڪو صاحب پاڪستان کان هتي آيو هو، سندس نالو ڊاڪٽر اين اي بلوچ هيو اهو هتي ڪيترا ڏينهن ترسيل هو ۽ سنڌي گھر A Sindhi Home به ان ئي ٺاهيو هو. پاڪستان ورڻ تي ڊاڪٽر صاحب جن کان جڏهن اها ڳالهه معلوم ڪيم ته پاڻ مونکي هيئن ٻڌايائون: پاڪستان جي حڪومت مونکي حڪم ڪيو، ته اسمٿسونين انسٽيٽيوٽ (ميوزيم) ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي سان ڪا اهڙي شيءِ قائم ڪري اچان، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري. مون گھڻي سوچ ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قديم به آهي ته بين الاقوامي طور تي جڳ مشهور به آهي. تنهن ڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز Dr. Knez جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، کي A Sindhi Home  ٺاهڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو هن به بنا دير کڻي قبول ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ کي ته فقط اهڙي ثقافتي شيءِ ٺاهڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري، پر اتي به هو ”سنڌي گھر“ ٺاهي آيو ۽ اها پرواھ به نه ڪيائين ته ائين ڪرڻ سان کيس تڪليف به اچي سگھي ٿي. فقط اهڙن جرئتمندي وارن عملي قدمن سان ئي سنڌ جيئندي ۽ جيئندي رهندي. انشاءالله. 1983ع ۾ آءٌ پئرس ويس، جتي الجزائر جي مسلمانن جي هوٽل مونڊيال ۾ وڃي رهيس. رسيپشن تي سامهون رکيل وڏا نقش نظر آيم جن تي مڪليءَ جي چٽسالي ۽ هالا ٽائيلز جو رنگ نظر آيو. انهن پينٽنگز تي لکيل هو: Glimpses from Sindh يعني ”سنڌي تهذيب جون جھلڪيون.“ خوشيءَ سان گڏ حيرانگي وٺي وئي. کانئن پڇيم: هي سنڌ جا نقش اوهان وٽ ڪٿان آيا؟ ته هو فرينچ ۾ شروع ٿي ويا. فقط ايترو سمجھ ۾ آيو، ڊاڪٽر بلوچ، جيڪو دوست مونکي هوٽل تي وٺي ويو هو ۽ فرينچ چڱيءَ طرح ڳالهائيندو هو، ان جي پڇڻ تي هوٽل وارن ٻڌايو، ته ڊاڪٽر بلوچ ڪيترا ڀيرا پئرس آيو آهي ۽ هميشه اسان جي هوٽل ۾ اچي رهندو آهي. اهو هي پينٽنگون هتي رکرائي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو، ته هنن کي رسيپشن تان هرگز نه هٽائجو. هي واقعو به ان ڪري لکيو اٿم ته ان کي پڙهي من اسان جو نوجوان نسل به سنڌ کي جيارڻ لاءِ اهڙا عملي قدم کڻي. جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوس ته ڊاڪٽر صاحب جن بغير اڳواٽ اطلاع ڪرڻ جي اڪثر مون وٽ هليا ايندا هئا. جيئن ته ائين ڪرڻ سندن نظم ۽ ضبط رکندڙ طبعيت جي خلاف هو ته هڪ دفعي کانئن پڇڻ جي گستاخي ڪري ويٺس ته منهن تي مرڪ آڻيندي ٻڌايائون ته دوستن ڏي لکيل خط پوسٽ آفيس حوالي ڪرڻ ايندو آهيان، جيئن ته ريڊيو پاڪستان سامهون آهي، ته دل چوندي آهي، ته اوهان وٽان جھاتي پائيندو وڃان. هڪ ٻه ڀيرا ساڻن حجت ڪندي عرض ڪيم ته ڀلاجي آيا آهيو، ته عنايت تي عنايت ڪندا وڃو ۽ ڪجھ رڪارڊ ڪرائيندا وڃو. ڊاڪٽر صاحب جن جي نٽائڻ باوجود به اسٽوديو ۾ وڃي ويهاريو هو ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڪنهن به موضوع تي ساڻن گفتگو ڪئي هئي. بغير ڪنهن تياريءَ جي بغير ڪنهن ڪتاب سامهون رکڻ جي تاريخ وار تفصيل ٻڌائيندا ويندا هئا. آئون ۽ مرحوم مراد علي مرزا حيرت ۾ کين گھوريندا رهجي ويندا هئاسين. مثال طور: سڪندرِ اعظم جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آيو، ته ڪڏهن آيو؟ ڪٿي ويو؟ ۽ ڪنهن سان مليو. . . ؟ البيروني ڪڏهن هتي آيو؟ ڇاڇا ڪيائين؟ ۽ سندس ڪارنامه ڪهڙا هئا؟ وغيره مجال آهي، جو ڪتابن ڀيٽڻ سان تفصيلن ۽ ٻڌايل تاريخن ۾ ڪو فرق اچي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (مرحوم) سان آخري ۽ تفصيلي ملاقات فقط پنج ڏينهن اڳ آچر جي ڏينهن 3 اپريل تي سيد آفتاب شاھ ڄاموٽ جي بنگلي تي ٿي هئي. اها تقريب حڪومت طرفان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي هلالِ امتياز ۽ ستارهء امتياز ملڻ تي کين مان ڏيڻ لاءِ ٿي هئي. جنهن ۾ تمام گھڻن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جن بيحد خوشگوار موڊ ۾ هئا ۽ پنهنجي ننڍپڻ جا قصا کلي دل سان محفل ۾ ويهي ٻڌايائون. تمام هشاش بشاش نظر ٿي آيا ۽ اهڙي ته شگفته مزاجيءَ سان ڪچهري ويهي ڪيائون، . . . .  جو سچ پچ هاڻي محسوس ٿو ٿئي، ته ڇو ايتري زنده دلي جيڪا اڳ ڪڏهن نه ڏيکاري هيائون. اهي خِطا بيحد خوش قسمت ۽ خوشنصيب چئبا، جتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا بيمثال ۽ بي بدل عالم فاضل پيدا ٿين ۽ اسان سنڌ وارا ڪيڏا نه نصيبن وارا آهيون، جتي اهڙو املھ ماڻڪ هيرو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي علم ۽ تحقيق جي خزانن جا منهن سڀني سنڌين لاءِ کولي ڇڏيا ته جنهن کي به ڪجھ وٺڻو هجي، ته ڀلي پنهنجي حصي جي ونڊ وٺي وڃي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪي ۽ جيترا ڪتاب لکيا، انهن جا پروف چيڪ ڪيا ۽ هزارين مسودا ويهي اٿلايا پٿلايا ته ان کي ايڏي ڪٺن ڪمن لاءِ ڪيترو وقت لڳندو هوندو. ڪيتريون سندن تصنيفون اهڙيون آهن، جو رڳو ڪرسي ٽيبل تي ويهي نه لکيون ويون آهن، پر انهن موضوعن تي لکڻ کان اڳ انهن تي تحقيق ڪرڻي هئي. تحقيق ڪرڻ لاءِ کين ڪجھ ڏورانهن علائقن جا پنڌ ڪرڻا پيا آهن ۽ ڪٿي به گھوڙن، گڏهن ۽ اٺن تي سواري ڪري ٿر، ننگر پارڪر ۽ بلوچستان ۾ حب ۽ ڀاڳ ناڙيءَ تائين ويا آهن، ڇو ته اهڙن ڏکين علائقن ۾ اهو تحقيق طلب مواد موجود هيو، ڪيترائي ڏينهن انهن ماڳن تي هيٺ تڏن تي ويهي، پلٿيون ماري ڪم ڪيو اٿن ۽ پنهنجي تحقيق مڪمل ڪري پوءِ اچي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائون. 

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: هڪ بي مثال عالم 
شوڪت حسين شورو
فرانس جي صدر ڊيگال نامور فلاسافر ۽ ليکڪ سارتر لاءِ چيو هو ته ”سارتر پاڻ فرانس آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ سراپا سنڌ هو. جھڙيءَ ريت سنڌ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي پايي جو ٻيو ڪوبه شاعر پيدا نه ٿي سگھيو آهي، اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پايي جو ٻيو عالم پيدا نه ٿي سگھيو آهي. هو سنڌ ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو يڪتا عالم آهي، جنهن جي املھ علمي خزاني مان سنڌ جو نه رڳو موجوده نسل، پر ايندڙ نسلن جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ فيضياب ٿيندا رهندا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع تي شهدادپور تعلقي جي ڳوٺ جعفر لغاريءَ ۾ ڄائو. سندس والد علي محمد لغاري هڪ هاري هو. ڊاڪٽر بلوچ اڃا چئن پنجن مهينن جو هو ته سندس والد گذاري ويو. سندس والد وصيت ڪئي هئي، ته ”منهنجي ڇوڪري کي پڙهائجو.“ هو چئن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏي ڳوٺ جي دڪاندار واسومل وٽ هٽ تي وٺي وڃي کيس ويهاريو ته هٽڪا اکر سکي. پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ سنڌي اسڪول کليو ته کيس اتي داخل ڪرايو ويو. پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ داخلا ورتي. هن ٽئين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان ڏنو ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. کيس ماهوار 9 روپيه وظيفو ملڻ لڳو. 1936ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ٻيو نمبر اچڻ ڪري هن کي ماهوار 20 روپيه اسڪالرشپ ملي. جھوناڳڙھ جي نواب ڪاليج قائم ڪرايو هو، جتي مسلمان شاگردن کان ڪا في نه ورتي ويندي هئي. ڊاڪٽر بلوچ بهاءُالدين ڪاليج جھوناڳڙھ ۾ پڙهڻ ويو. اتي هو خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. خاڪسار ورهاڱي جي حامي ڪانه هئي. ڊاڪٽر صاحب کي خاڪسار جي ورهاڱي مخالف رويي متاثر ڪيو هو. ڊاڪٽر بلوچ 1941ع ۾ بي ــ اي جي امتحان ۾ پنهنجي ڪاليج ۾ پهريون نمبر ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيو. پوءِ هن ايم ــ اي ڪرڻ لاءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ ۾ داخلا ورتي. 1943ع ۾ ايم ــ اي ڪرڻ کانپوءِ خاڪسار ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. هو سنڌ ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. انگلينڊ جي سرڪار پرڏيھ لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر بلوچ دهليءَ وڃي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ چونڊجي ويو. کيس ايم ــ ايڊ ۽ پي ــ ايڇ ــ ڊي ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ نيويارڪ موڪليو ويو. آمريڪا مان واپس اچڻ کان پوءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون پروفيسر مقرر ڪيو، جتي هن 25 سال پڙهايو. 1973ع کان1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جووائيس چانسلر ٿي رهيو. ان کانپوءِ اسلام آباد ۾ وزارتِ تعليم ۽ وزارتِ ثقافت ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪيائين. کيس نئين قائم ٿيل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو پهريون وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ لکڻ جي شروعات 1945ع ۾ ”گڏھ“ جي نالي سان ڪتاب لکڻ سان ڪئي. سنڌ جي ماڻهن کي اميد هئي، ته بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ترقي ڪندي پر مسلمان اڳواڻ اميدن تي پورو لهي نه سگھيا. ڊاڪٽر بلوچ مسلمان سياستدانن تي طنزيه طور ”گڏھ“ نالي سان ڪتابڙو لکيو: ”بهتر ٿيندو ته سياسي ليڊرن بدران گڏھ کي پنهنجوليڊر بنائجي جيڪو خلق جو سچو خادم ۽ وڏي ۾ وڏو پورهيت آهي.“ ان کانپوءِ هن ٻيو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ لکيوجيڪو لسٻيلي جي سنڌي سگھڙن بابت هو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب اسڪيم تحت 42 ڪتاب سهيڙيا. ڊاڪٽر بلوچ ڏکيا ۽ تڪليف وارا سفر ڪري سنڌ جي جھر جھنگ، ڪوهستان، ڪاڇي، لاڙ، ٿر ۽ اتر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پهتو. سنڌي اساسي (ڪلاسِڪي) شاعري کي سهيڙڻ جو ڪم به ڊاڪٽر بلوچ ڪيو. جامع سنڌي لغات کان سواءِ هن سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، ادب ۽ موسيقي جون تاريخون، سنڌي ثقافت تي تحقيقي ڪم کان سواءِ شاھ جي رسالي جا ڏھ جلد مرتب ڪيا. هن اٽڪل سؤ کن ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا. ڊاڪٽر بلوچ سان ويجھڙائپ تڏهن ٿي جڏهن 24 جنوري 2001ع ۾ آئون سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيس. ستت پوءِ ڊاڪٽر بلوچ جي خدمت ۾ حاضر ٿي مون کيس رهنمائي ڪرڻ جوعرض ڪيو. پاڻ نهايت شفقت سان مليو ۽ چيائين ”سنڌالاجي کي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي گھڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کي بين الاقوامي سطح جو ادارو بنائڻ کپي. جيڪڏهن تون اهو ڪم ڪرڻ چاهين ٿو، ته آئون ضرور تنهنجي مدد ڪندس.“ مون سنڌالاجي ۾ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺائڻ ۽ ميوزيم ۾ نمائش ڪرائڻ جي رٿا جوڙي، ان سلسلي ۾ پهريون سيمينار ”21هين صديءَ جون گھرجون ۽ سنڌ ۾ تعليم جو معيار“ 28 آگسٽ 2001ع ۾ ڪوٺايوويو، جنهن لاءِ مون ڊاڪٽر بلوچ کي خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ جو عرض ڪيو. چيائين ته ”ڳچ سالن کان سنڌالاجي جا دروازا مون لاءِ بند رهيا آهن، پر هاڻي تون آيو آهين ته آئون ضرور ايندس.“ ان کان پوءِ سنڌالاجي ۾ سندس اچڻ جو سلسلو باقاعدي شروع ٿيو ۽ فون تي به ڳالھ ٻولھ ٿيندي رهي. هن مون کي شروع ۾ چئي ڇڏيو هو ته ”توکي مون سان ملڻ جي لاءِ ٽائيم وٺڻ جي ضرورت ڪانهي، جڏهن به اچڻ چاهين، مون کي رڳو اڳواٽ فون تي ٻڌائي ڇڏيندو ڪر.“ مون سوچيو ته ڊاڪٽر بلوچ جا ٻين ماڻهن کي لکيل خط هٿ ڪري سنڌالاجيءَ طرفان شايع ڪجن. جڏهن کيس اها ڳالھ ٻڌايم ته چيائين ”بلي! پر خط هٿ ڪرڻ جو ڪير ڪندو؟ ماڻهن وٽ پاڻ هلي وڃڻو پوندو. تڏهن ڪم ٿيندو.“ مون چيو ”سائين! آئون پاڻ وڃي خط هٿ ڪندس.“ مون اها رٿا سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ جي اڳيان رکي. هن خوشيءَ سان اها رٿا منظور ڪئي ۽ سڄي سنڌ جي دوري ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ طرفان هڪ گاڏي به ڏني. عثمان منگي، سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر، ۽ ارشد بلوچ انهيءَ دوري ۾ مون سان گڏ هئا. خط گڏ ڪري ڊاڪٽر صاحب جي خدمت ۾ آڻي حاضر ڪيم، جيڪي پاڻ نظر مان ڪڍي مون کي ڇپجڻ لاءِ ڏنائين. سندس لکيل خطن جو اهو ڪتاب ”سڄڻ ساريندي“ جي نالي سان سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ جي خواهش هئي، ته سنڌالاجي لائبريري ۾ سندس نالي سان بڪ ڪارنر قائم ڪيو وڃي. حقيقت ۾ اها سنڌالاجيءَ لاءِ فخر جي ڳالھ هئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ذاتي لائبريري مان سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي ڪتاب، رسالا، قلمي نسخا ۽ ٻيا لکپڙھ جا اهم ڪاغذ منهنجي حوالي ڪيا. سنڌالاجي ميوزيم ۾ پڻ داڪٽر نبي بخش بلوچ جي نالي سان ٻه ڪارنر قائم ڪيل آهن. پاڻ ڪجھ ناياب شيون ميوزيم لاءِ ڏنائين، جيڪي هڪ ڪمري ۾ سندس نالي سان محفوظ ڪيل آهن. ميوزيم ۾سنڌ جي گذاري ويل سرموڙ شخصيتن جا ڪارنر آهن، جن ۾ سندن ذاتي استعمال جون شيون رکيل آهن. مون کي خيال آيو ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ Living Legend آهي، ايڏي وڏي شخصيت جو ڪارنر سندس حياتيءَ ۾ قائم ٿيڻ کپي. پهرين ته کيس اها ڳالھ نه آئڙي، پر پوءِ منهنجي زور ڀرڻ تي نيٺ راضي ٿيو. هن پنهنجي ذاتي استعمال جون شيون منهنجي حوالي ڪيون. سنڌالاجي ميوزيم جي ڪارڪنن محنت ڪري نه رڳو ڊاڪٽر بلوچ جو ذاتي ڪارنر سهڻي نموني ڊسپلي ڪيو، پر سنڌ ۾ ملھ راند جو به هڪ خوبصورت ڊايوراما تيار ڪيو، جنهن ۾ ملھ وڙهڻ جي منظر سان گڏ ملھ راند بابت ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل هڪ مضمون کي پينافليڪس تي ڇپرائي رکيو ويو. منهنجي رٽائر ٿيڻ کان فقط پنج ڏينهن اڳ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪارنر ۽ ملھ جي ڊايوراما جو افتتاح ڊاڪٽر بلوچ پاڻ ۽ مظهرالحق صديقي گڏجي ڪيو. 2008ع ۽ 2009ع ۾ مون سياري جي مند ۾ سنڌالاجي پاران مچ ڪچهريون سجايون هيون. ڊاڪٽر بلوچ ٻئي ڀيرا انهن ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو هو ۽ سنڌي لوڪ ادب بابت ڳالهايو هو. ڊاڪٽر بلوچ ۾ مون ڪڏهن به هڪ وڏي عالم جو تڪبر ۽ وڏائي نه ڏٺي. باقي اهو ضرور هو ته هو پنهنجي راءِ تي مضبوطيءَ سان قائم رهندو هو. هن کي سنڌ سان لڳاءُ ۽ بيحد محبت هئي. هن سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي مٿانهون رکيو ۽ ان جي مٿانهين پڻي کي دليلن ۽ حوالن سان ساراهيو آهي. سنڌ جي مان شان کي وڌائڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ هو سالن کان چپ چاپ، بنان پاڻ پڏائڻ جي ڪم ڪندو رهيو.     


ڈاکٹر نبی بخش خان سے پہلی ملاقات
 
سعید صدیقی



یادش بخیر 1967ع کا واقعہ ہے کہ ایجوکیشن ڈائریکٹریٹ کے وسیع و عریض حال میں نصابِ تعلیم کے سلسلے میں ایک ایجوکیشنل کانفرنس منعقد ہوئی ۔ کانفرنس زیرِ صدارت جناب حسن علی عبدالرحمٰن رٹائرڈ جج بلوچستان ہائی کورٹ جو بعد کو بلوچستان کے گورنر بھی رہے، ہو رہی تھی۔ مہمانوں کی صفِ اول میں راقم کے دائیں ہاتھ والی کرسی پر پروفیسر عبدالمجید قریشی میرے علیگڑھ مسلم یونیورسٹی طالب علمی کے زمانے کے پرنسیپل تشریف فرما تھے۔ بائیں والی کرسی پر ڈاکٹر نبی بخش بلوچ وائیس چانسلر سندھ یونیورسٹی بیٹھے تھے۔ ہم دونوں یعنی میں اور ڈاکٹر بلوچ علی گڑھ کے اولڈ اسٹوڈنٹ تھے اس ناتے سے استادمحترم پروفیسر عبدالمجید قریشی سے بڑے اشتیاق سے علی گڑھ یونیورسٹی کی یادیں تازہ ہو رہی تھیں۔  جلسے کا آغاز ہونے والا تھا کے جسٹس حسن علی عبدالرحمٰن کرسی صدارت پر بیٹھے تھے ڈائس سے نیچے اترے اور پروفیسر عبدالمجید قریشی کے سامنے کورنش بجالائے معانقہ کیا۔ پروفیسر عبدالمجید قریشی کسی زمانے میں جسٹس حسن علی عبدالرحمٰن کے بھی استاد رہ چکے تھے موصوف پرفیسرصاحب کو اپنے ساتھ ڈائس پر لے گئے۔ اور مجمعے سے خطاب کرتے ہوئے فرمایا مجھے آج جو عزت اور مقام حاصل ہے وہ میرے ان استادِ محترم کی جوتیوں کے طفیل ہے۔ میں اور ڈاکٹر نبی بخش بلوچ استاد اور شاگرد کے شفیق رشتے کی باتیں کرتے رہے کہ ہمارے زمانے میں استاد کا احترام بمرحلہ والدین کیا جاتا تھا تو علم کے سوتے پھوٹتے تھے۔ آج کل تعلیم کے تین کونے طالب علم ،استاد اور والدین اور چند بیرونی اور داخلی عوامل نے اس کا حلیہ بگاڑ دیا ہے۔ معیارِ تعلیم گرتا چلا جارہا ہے۔ غلامی کے دور کے نظامِ تعلیم نے کیسے کیسے نابغے پیدا کیے۔ایجوکیشن کانفرنس کے اختتام پر میں اور ڈاکٹر نبی بخش بلوچ مہمانِ خصوصی کے ساتھ شریک طعٻام تھے۔

وادی مہران سندھ کی سرزمین باب الاسلام کے نام سے مشہور ہے یہاں عبداللہ جیسے صحابی آسودۂ خاک ہیں، شاہ عبداللطیف بھٹائی،  سچل سرمست، شہباز قلندر اولیا اللہ اور صوفیائے کرام کے عرفان سے سرزمین سندھ کی فضامنور و معطر ہے۔ اسی سرزمین سندھ میں جناب حسن علی آفندی جنہیں سر سید احمد خان ثانی کا لقب حاصل ہے۔ شمس العلماء مرزا قلیچ بیگ، علامہ آئی آئی قاضی نابغٻۀ روزگار ہستیاں پیدا ہوئیں۔ جنہوں نے فروغ علم کے سلسلے میں کارہائے نمایاں انجام دیے۔ ان حضرات کے نام تاریخ علم و ادب میں سنہری الفاظ سے لکھے جانے کے لائق ہیں۔ طلب صادق علم کی پیاس مذہب کی سچی لگن ادب، آرٹ، نفسیات، شاعری، عالی ظرفی ان بزرگوں کا شعار تھا۔ اسی سرزمین سانگھڑ سندھ کے کسان گھرانے میں 16دسمبر1917ءکو ڈاکٹر نبی بخش بلوچ نے آنکھ کھولی۔ کون جانتا تھا کہ یہ بچہ بڑا ہوکر فخر سندھ، فخر پاکستان بنے گا۔ علاقائی روایت کے مطابق ابتدائی تعلیم مکتب مدرسے سے شروع ہوئی۔ بچپن سے ڈاکٹر بنی بخش بلوچ ذہین، علم دوست مطالعے کی طرف دلچسپی رکھتے تھے۔ نوشہرو فیروز ہائی اسکول سے میٹریکیولیشن کا امتحان اچھے نمبروں سے پاس کیا۔ 1941ء میں بمبئی یونیورسٹی سے گریجویشن کیا۔ علی گڑھ مسلم یونیورسٹی سے ایل ایل بی کی قانونی سند حاصل کی۔ علی گڑھ میں تعلیم کے دوران خاکسار تحریک سے وابسطہ ہوگئے اور تحریک کے سالار بنے۔ یہ وہ دور تھا کہ تحریک پاکستان اپنےعروج پر تھی۔ قائدِ اعظم علی گڑھ کو پاکستان کا اسلحہ خانہ سمجھتے تھے۔ سرزمین سندھ میں مدرسة الاسلام علی گڑھ ہی کی ایک شاخ بنی۔ ڈاکٹر نبی بخش بلوچ نے اپنی پوری زندگی فروغ علم میں صرف کردی۔ ڈاکٹر صاحب کی زندگی جہدِ مسلسل سے عبارت ہے۔ غیر معمولی استعداد اور حصول ِعلم میں  پوزیشن حاصل کرنے کے صلے میں حکومت کی طرف سے ڈاکٹر صاحب کو وظیفہ ملا۔ ڈاکٹر نبی بخش بلوچ نے کولمبیا یونیورسٹی سے 1946ء میں ڈاکٹریٹ کی سند حاصل کرلی۔ PHD کے لئے ڈاکٹر بلوچ کے مقالے کا عنوان Teacher Education in Pakistanتھا۔ PHD کرنے کے بعدڈاکٹر صاحب کو UNOکی طرف سے ایک عہدے کی پیش کش ہوئی۔ چند ناگزیر وجوہ کی بناء پر ڈاکٹر صاحب کو وطن واپس آنا پڑا۔ وطن واپس آکر ڈاکٹر نبی بخش بلوچ نے سندھ یونیورسٹی میں شعبۀایجوکیشن کے ہیڈ کی حیثیت سے شمولیت اختیار کرلی۔ اس دوران ڈاکٹر صاحب نے مطالعہ کی گہرائی اور فکر کے فیض سے تعلیم کی حدوں کو اور وسیع کیا۔ دیگر شعبہ جات کے استوار کرنےمیں بڑی جانفشانی سے کام کیا۔ تحریر کے فن میں بےنظیر کمال حاصل کیا۔  جس کے ذریعہ اپنے خیالات کی اشاعت بہت مؤثر اور شگفتہ انداز میں کی۔ نگاہ بلند سخن دلنواز جان پر سوزخوبی و دل آویزی جرأٔت  اور حق گوئی سے سد سکندری کا کام لیا۔ ڈاکٹر صاحب کے بشرے سے عزم آشکارا کشادہ پیشانی سے دماغ کی وسعت و فراخی ظاہر ہوتی تھی۔ چہرہ ذکاوت و ذہانت کا آئینہ دار یہ تھے ڈاکٹر نبی بخش بلوچ جن سرزمین سندھ ہی نہیں پورا پاکستان فخر کر سکتا ہے۔ یہ وہ دور تھا جب علامہ آئی آئی قاضی سندھ یونیورسٹی کے وائیس چانسلر تھے۔  علامہ آئی آئی قاضی کو ڈاکٹر نبی بخش بلوچ کی اہلیت اور صلاحیت کا پورا ادراک تھا علامہ آئی آئی قاضی نے ڈاکٹر بلوچ کو یونیورسٹی میں ایک انتہائی اہم  شعبہ تفویض کیا۔ سندھی ادبی بورڈ کے صدر کی حیثیت سے سندھی زبان کے لٹریچر کو  دوسری زبانوں انگریزی اور اردو میں ان کے تراجم کا فریضہ سونپا گیا۔ ڈاکٹر بلوچ کی نگرانی میں تاریخ سندھ کی 8 جلدیں سندھی اردو اور انگریزی میں مرتب کی گئیں۔ اس کے علاوہ 42 جلدیں سندھی زبان کی علاقائی داستانوں اور حکایات پر مبنی تالیف کی گئیں۔ علاوہ ازیں سندھی زبان کی ڈکشنری اردو اور انگریزی زبان میں مرتب کی گئی۔ ایک اور بڑا انمول کارنامہ آثار قدیمہ کی تاریخ مرتب کرنا تھا۔ اس سلسلے میں تلاش و تحقیق کا دائرہ اتنا وسیع کہ "ایں کا راز تو آید و مرداں چنین کنند"کے مصداق اس کا سہرا بھی ڈاکٹر صاحب کے سر ہے۔ ان نوادرات کو حاصل کرنے کے لیے ڈاکٹر صاھب کو ہڑاپہ، موئن جو دارو کے 5000 سال پرانے تعمیرات کے کھنڈروں  کی خاک چھاننی پڑی چاہ کندن و کوہ بر آوردن کا مسئلہ تھا۔ قدیم سوانح عمریاں طراز یا نقش و نگار اور مناظر کی بڑی عرق ریزی کرنی پڑی۔ سندھی ادبی بورڈ نے ان گنج ہائے گراں مایہ کو بڑے اہتمام کے ساتھ شایع کیا۔ سندھی ادبی بورڈ کے چند نامور ادباء تاریخ داں حضرات میں جناب مولانا غلام مصطفی، ڈاکٹر ممتاز پٹھان، ڈاکٹر Duarthe اور HJ.Lambrick کے اسمائے گرامی شامل ہیں ۔ ڈاکٹر نبی بخش بلوچ کی سرپرستی میں بورڈ نے بڑی خوش اسلوبی کے ساتھ اس انتہائی مشکل کام کو مکمل کیا۔ ڈاکٹر نبی بخش بلوچ کی ہمہ گیر شخصیت نے صوفیائے کرام کے عارفانہ کلام پر بھی سیر حاصل روشنی ڈالی۔ شاہ عبداللطیف بھٹائی کے کلام کی روح اس کی گہرائی فلسفۀحیات، انسان دوستی، محبت کے لافانی جذبے کو انتہائی خوبصورت سلیس انداز تحریر میں پیش کیا اسے عام فہم بنایا اردو، فارسی، انگریزی زبان میں ترجمے شائع کئے۔ ڈاکٹر صاحب کی اہلیت کے پیش نظر وفاقی حکومت نے آپ کو سندھ یونیورسٹی کا وائیس چانسلر مقرر کیا۔ اگرچہ وائیس چانسلر کی انتظامی ذمہ داریاں بہت توجہ اور وقت کی متقاضی ہوتی ہیں۔ لیکن اپنی گوناگوں مصروفیات کے باوجودڈاکٹر نبی بخش بلوچ نے تلاش و تحقیق کا کام جاری رکھا۔ 1976ء میں وائیس چانسلر کے عہدے سے رٹائر ہونے کے بعد ڈاکٹر صاحب کو حکومت پاکستان کی طرف سے فیڈرل ایجوکیشن منسٹری میں سیکریٹری کے عہدے پر فائز کیا گیا۔جنرل ضیاء الحق کے زمانے میں وہ ہجرہ کمیٹی کے صدر بنے۔ ہجرہ کونسل میں اسلامی ثقافت اور تہذیب پر کتابوں کا ذخیرہ ترتیب دیاگیا۔ 1976ء میں ڈاکٹر صاحب نے حکومت پاکستان کے گزٹ کے ذریعے اسلامک یونیورسٹی اسلام آباد قائم کی۔ ڈاکٹر نبی بخش بلوچ اسلامک یونیورسٹی کے فاؤنڈر ہیں۔

ان جملہ اہم ذمہ داریوں سے فراغت کے بعد ڈاکٹر نبی بخش بلوچ نے اپنی مصروفیات شاہ عبداللطیف بھٹائی کے کلام اور دیگر صوفیائے کرام کے فرمودات کو سنہری انداز میں تحریر کرنے کا فریضہ انجام دیا۔ 6 اپریل 2011ء کو سرزمین سندھ کا یہ انمول ہیرااپنے خالق حقیقی سے جا ملا۔

حاصل   عمر    نثار    رہ   یارے   کردم
شادم از زندگی خویش، کہ کارے کردم



  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

1 comments:

  1. سائين بهترين ڪاوش آهي اميد ته اڳتي ڪم کي وڌائيندا ته ڄاڻ پکڙيندا رهندا بهترين

    ReplyDelete

Item Reviewed: متفرقات Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top