728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

19 August, 2013

سو ئي راحت روح جي

 ابو طاهرعنايت الله ڪيريو سڪندري

لک حمد ان مالڪ ڪريم جا جنهن انسان کي پنهنجو خليفو بنائي، ڪجهه شيون مٿس لازم ڪري کيس زمين تي رهايو، ڪائنات جي نظام کي هلائڻ سان گڏ سندس تخليق جو مقصودِ اعظم پنهنجي ذات پاڪ جي معرفت حاصل ڪرڻ ئي رکيائين، ڪروڙين ڪرم ان ڪريم رب جا جنهن هدايت جا واضح دليل نصب فرمائي مجاهدو ڪندڙن لاءِ سڄي مخلوق جي پساهن کان وڌيڪ پنهنجي طرف ويندڙ رستن جي هدايت نه فقط آسان فرمائي پر ان طويل ،پر خطر ۽ ضروري سفر ۾ پنهنجي معيت جو عظيم ترين احسان فرمايو “والذين جاهدوا فينا لنهدينهم سبلنا  وان الله لمع المحسنين ”
چونڪه الله ربّ العزة جي طلب واري واٽ ۾نفس ئي سفر لاءِ سواري آهي، جنهنجي جبلت ۾ ئي نيڪين کان روڪڻ ۽ لهو و لعب جو شوق شامل آهي، اهڙي اڙانگي سفر ۾ جتي درياءَ جي دهشت ، ڪنن جا ڪڙڪا ۽ هر گهٽ گهيڙ ۾ بيشمار درندا واڪا ڪندا هجن تنهن ۾ جان جي پرواهه ڪرڻ بغير گهڙي پوڻ هر انسان جي وس جي ڳالهه ناهي.
ڪنڌيءَ   اُڀيون  ڪيتريون ، ساهـــــــڙ ساهـــڙ ڪن  
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيوگهڙن
ساهــــڙ سنـــــــدو تن، گهاگهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــائي گهـــــڙن جي
ڪي دنيا جي رنگينين ۾اڙجي ويا ۽ نفساني لذتن پٺيان پنهنجي مرتبي کي وساري ويٺا ته ڪو الله سائينءَ “ولقد ڪرّمنا بني اٰدم”جي مبارڪ خطاب سان انسان کي ڪرامت جو تاج پارايو آهي . سفر جو سانگو ڪيائون نه خطرن واري خام خياليءَ کان ٻاهر آيا ته ظلمتن ۽ ڪدورتن  سان گڏ قربِ خداوندي ماڻڻ ته محال آهي .
باقي جن نفس جو تزڪيو ڪيو، سفر جي سواريءَ کي ڪنٽرول ۾ رکي سنئين واٽ وٺرايائون ۽ جڳ جي صاحب کي هيئن سا ٿ لاءِ سڏ ڪيائون
صاحب ڄام ستار،  سگهو رسج سير ۾
ته يقينا ساهڙ جي ساٿ سان مجاهدي جي مقام ۾ چئن ئي دشمنن(سڌن،نفس، شيطان، دنيا) کي ماري مات ڪن ٿا. هو الذي تولاه الله تعالى بنصرته في مقام مجاهدته الاعداءَ الاربعة الهوى والنفس والشيطان والدنيا(فتوحات مڪيه)
حبيب ڪريم صلى الله عليه وسلم جي امت جا ڪيترائي صالح ٻانها پيدا ٿيا، جن لاءِ ازل ۾ ئي عظمت لکيل هئي، نه فقط پاڻ مجاهدا ڪيائون پر هزارين حق جي طالبن جي پنهنجي پاڪيزه سيرت سان رهنمائي فرمائي، انهن کي به پار اڪاريائون، جيڪي حقيقي معنى ۾ هن امت جا چشم و چراغ آهن
پر قدرت واري جي “درجات ۾ تفاوت ” واري قانون سان ڪن سان مهر مڙئي ٻين کان سرس ۽ سوائي ٿئي ٿي،انهن منجهان ئي آهي عارفن جو امام، سيدِ دو جهان صلي الله عليه وسلم جو ٻچڙو، حسيني لال، سيد محمد بقا شاه شهيد جو لختِ جگر، حضرت مرشد مڪرم سيد محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه جنهن جي روحانيت واري ڇوليون هڻندڙ سمنڊ مان برِصغير جي لکين طالبن وحدت واري مئي جا پيالا پي اُڃ اجهائي، سيرابي حاصل ڪئي. سندن روحاني نظر سان ڪيترائي ڪٽيل قلوب نور سان معمور ٿي جرڪي پيا. سندن زندگي مبارڪ جو لمحو لمحو شريعت جي حفاظت، دين اسلام جي عظمت، ديندارن جي خدمت، سنتِ رسول صلي الله عليه وسلم جو  اِحياءُ، اشاعتِ اسلام خاطر سير سفر ڪرڻ ۽ انهن بيشمار خوبين سان سرشار آهي، جيڪي هڪ ڪامل اڪمل ٻانهي ۾ هجڻ گهرجن. حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنه جن علم، عرفان،حڪمت، دانائي، همت، جوانمردي، حوصلي جي بلندي، ارادي جي پختگي، استقلال ۽ ولايت جي عظيم ترين مقام تي فائزهئا، هزارين دليون سندن هڪ ئي نظر فيض اثر سان الله الله جون صدائون بلند ڪري، ذڪر جون ضربون هڻي، وجد ۽ ذوق، جذبي ۽ شوق  ۾ تڙپنديون هيون، اُهي انسان دنيا کان بي رغبت ٿي واصل بالله  ٿي ويندا هئا.سندن صحبت مان حق جي طالبن جتي ظاهري علم ۽  شريعت تي عمل سان سينگار حاصل ڪيو،  اتي صحبت جي فيض سان قلب جو تزڪيو ڪري باطني علم جي دولت سان به مالا مال ٿي ويا، يعني نماز، روزو، زڪوٰة ، حج جي فرائض  سان گڏ ذڪر، شغل، فڪر، مراقبي کان به ڪو غافل نه رهيو.
هن ولايت جي سج جا ڪرڻا ڪاٺياواڙ، قلات، قنڌار، جيسلمير، جوڌپور، سميت ڪيترن ئي ڏوراهن علائقن تي پيا، جنهن جي شعائن، تجلين سان خاڪ جا ذرات چنڊ ۽ ستارن وانگر روشن ٿي پيا  ۽ خدا جي خلق لاءِ هدايت جا سبب بڻجي پيا،

جب تک بکِا نہ تھا توکوئی پوچھتا نہ تھا،

تونے مجھے  خریدکے انمول کر دیا.

 جنهن جي نشاندهي رباني اسرار جي امين، حضرت مخدوم محمد اسماعيل قدس سره  پريان لوءِ واري ان وقت فرمائي ڇڏي هئي جڏهن  ننڍڙو محمدراشد روزي ڌڻي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هو ، هنج ۾ ورتائين، خوشيءَ جي ڪا حد نه رهِي. سبحان الله!!! هي ته اهو يار آ جنهن کان دنيا جو گهڻو حصو فيضياب ٿيندو. اها پيشينگوئي حرف بحرف سچ ثابت ٿي  ۽  پتنگ جڏهن  پهُه ڪري اچي مڙندا هئا ته پاڻ پنهنجي ڪچهرين ۽ واعظن ۾ اُهي ناياب نڪتا بيان فرمائيندا هئا جو وقت جا برک عالم به ٻڌي حيران رهجي ويندا هئا، يقيناّ هي اُهي الهامي گوهر آهن جيڪي انوار ۽ تجليات جي صورت ۾ پاڪيزه قلبن تي وارد ٿيندا آهن. ان باطني علم جي خزانن متعلق پاڻ فرائيندا هئا ته اسانجي قلب تي ڪڏهن اهي اسرار وارد ٿيندا آهن جو جيڪڏهن ڪجهه ظاهر ڪيون ته ماڻهو جسم جا ڪپڙا لاهي ڇڏين.
           پاڻ جمعي نماز کانپوءِ ميمبر تي بيهي وعظ فرمائيندا هئا،  الله جي مخلوق جاڏهون تاڏهون تمام گهڻي تعداد ۾ جمعي جي نماز ۽ واعظ ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندي هئي، پاڻ وعظ ۾ قرآن، حديث، شريعت طريقت جا نڪتا ۽ حقيقت معرفت جا اسرار، اڳين مشائخن جا قول ۽ پوين بزرگن جا گفتا، هر قسم۽ هر زبان جا بيت نهايت عمدگيءَ سان ٻڌندڙن جي حال جي موافق بيان فرمائيندا هئا ۽ سندن وعظ ڪري ساري جماعت عام ۽ خاص تي اهڙو اثر پوندو هو جو ساري جماعت ۾ روڄ ۽ درد ۽ وجد جي حالت پيدا ٿي ويندي هئي ۽ روئندي روئندي ماڻهو بي هوش ٿي ويندا هئا، پاڻ به وعظ ۾گريو فرمائيندا هئا (ملفوظات شريف)
پاڻ سمجهائڻ لاءِ عجيب عجيب حڪايتون ۽ مثال بيان فرمائيندا هئا جيڪي ملفوظات شريف، مڪتوبات شريف ۾ اڄ به دل جي دنيا بدلائڻ لاءِ بهترين سامان آهن. نصيحت وٺندڙ ڪيترائي ماڻهو پڙهي گناهن کان بيزاري ڪري وڃن  ٿا،جوالله جي ولين جي گفتار ۾ به ڪمال جي لذت ۽ اثر هوندوآهي                     
        گفتهءِ  او  گفتهءِ   الله   بود
گرچه از حلقومِ عبدالله بود
       پاڻ فياضي ۽ سخاوت ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هُئا، الله جي ذات پاڪ تي ڪامل ڀروسي جي ڪري پاڻ وٽ ڪجھه به نه رکندا هئا، ڪجهه به حضور ۾ آيو ته فوراً خيرات ۾ ڏئي ڇڏيندا هئا، حيرت جي ڳالهه آ هڪ ڀيري ڪو سائل آيو، انوقت ته ڪجهه موجود نه هوپر جڏهن الله سائين ڪجهه موڪليو ته پاڻ ان سائل جي گهر ڏياري موڪليائون.
                هڪ شخص سندن حضور ۾ ٻه اُٺ پيش ڪيا  فوراً سائل کي سڏي انکي ڏئي ڇڏيائون.


قرار در کفِ  آزادگاں  نگیرد مال، 
  نہ صبر در دلِ عاشق   نہ آب در  غربال
   (ترجموـ سخين جي هٿ ۾ مال قرار نه وٺندو آ، جيئن صبر عاشقن جي دل ۾، پاڻي پروڻ ۾ نه رهندو آ)
ملفوظات شريف ۾ آهي ته هڪ ڀيري درگاه مبارڪ تي ست ڏينهن لاڳيتا بک (عاشقن جي خوراڪ ) اچي وئي! اٺين ڏينهن هڪ فقير پير سائين جن جي گهوڙن جي قيمت جيڪا وٽس رکيل هئي ساڍا ٽي هزار خدمت ۾ کڻي آيو، پاڻ ڪريمن ان وقت ئي پنج سو روپيه قرضين کي ڏنا، باقي ٽي هزار روپيه درگاهه مبارڪ تي رهندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي ورهائي ڏئي ڇڏيائون، پيسه تقسيم ٿيڻ کان پوءِ اندران هڪ مريدياڻي آئي ۽ عرض ڪيائين حضرتا! ننڍڙا ٻار بک جي تڪليف سهي نٿا سگهن! جيڪڏهن هڪ پائلي عنايت ٿئي ته ڪهڙو نه چڱو؟ پاڻ ڪريمن مُرڪي فرمايو ته امان! جيڪڏهن هن کان اڳ اچين ها ته هڪ جي بجاءِ پنج پاوليون ڏيون ها، هن وقت ته سڀ ورهائي ڇڏيوسون . سندن ئي هڪ فارسي بيت آهي


مال و جانِ تو برو  یکجا بباز، 
  راہ نزدیک است چرا کردی دراز.
        (مال ۽ جان ان مٿان هڪ جاءِ تي قربان ڪر، رستو ويجھڙو آهي انکي پري ڇالاءِ ڪيو اٿئي )
حضرت پير سائين روضي ڌڻي قدس سره جن نهايت ئي عظيم اخلاقن جا مالڪ هئا، خدا تعالى جي خلق سان محبت ۽ مٿن ڪمال جي شفقت جي ڪا حد حساب ئي نه هو، پاڻ تڪليفون ڪري، ڏورانهان پنڌ ڪري ماڻهن کي تلقين ۽ ارشاد ڪندا هئا، ڪڏهن سفر جي صعوبتن جي ڪري طبيعت مبارڪ سخت ناساز ٿي پوي تڏهن به ڪنهن جي دعوت رد فرمائيندا هئا نڪي پوئتي ڪندا هئا. هڪ ڀيري سفر ۾ مٿي جوسور، بخار، پيٽ جي تڪليف ۽ ڏکيو پنڌ هو، خليفن فقيرن، جماعت جي واپسيءَ لاءِ اصرار تي جوش ۾ فرمايائون “الله سائينءَ طرفان اسانکي خلقِ خدا جي خدمت جو حڪم ٿيل آهي، هينئر ته الله سائينءَ سواريءَ تي سوار ٿيڻ جي همت ڏني آ پر جي سوار ٿيڻ جي طاقت نه رهي ته پاڻ کي کٽ تي کڻائي به خلق جي خدمت ڪنداسون”
 جيئن پاڻ فقيرن سان محبت ۽ شفقت ڪرڻ فرمائيندا هئا، ائين ئي انهن مسڪين، فقيرن جي ساڻن محبت به وارفتگيءَ جي حد تائين هوندي هئي، هر مريد پنهنجي روحاني رهبر سان محبت رکندو آهي پر اهو مريد جي مرشد سان محبت جو انداز به شايد حضرت روضي ڌڻي جي درگاه عاليه راشديه جوئي حصو آهي، جوگھر ٻار، جان مال، دنيا دولت سڀ ڪجھه لٽائي ڇڏڻ سان جيڪڏهن مرشد جي قرب جي ڪا گھڙي ملي وڃي ته اُها وڏي غنيمت آهي. ۽ ان گھڙيءَ ۾ ئي سعادتن جون سڀ منزلون ماڻڻ سوليون ٿي پونديون آهن ۽ اهو سلسلو بفضله تعالى اڄ به جاري آهي .               
  حضرت پير سائين روضي ڌڻي رضي الله عنه جن وصال مبارڪ واري بيماري ۾ اندر هئا ته ٻاهران ڪنهن فقير مجذوب درد واريون رڙيون ڪيون، پاڻ فرمايائون ته “ان يار کي ماٺ ڪرايو يا اسان کي اوڏانهن وٺي هلو!
 سبحان الله! الله وارن جي ذڪر ۾ به عجب لذت ۽ سرور آهي، جيڪڏهن اها شوق واري نظر نصيب ٿي وڃي.
مون جهڙي ادنى طالبِ علم جي ڇا مجال جو ان عظيم ذات  جي زندگي مبارڪ تي ڪجهه لکي سگهي. برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه سٽون لکيون آهن ، پر ان عظيم هستيءَ جي زندگي پڙهي علامه اقبال جون اُهي سٽون ذهن تي ضرور تري اينديون آهن جيڪي اُن حضرت خواجه محبوب الاهيءَ جي دربار تي حاضريءَ وقت بي ساخته چيون هيون

فرشتے پڑھتے  ہیں جسے وہ نام ہے تیرا،بڑی جناب تیری فیض عام ہے تیرا

تیری مزار کی زیارت ہے زندگی دل کی، مسیح و خضر سے اونچا مقام ہے تیرا
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: سو ئي راحت روح جي Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top