728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011

ملفوظات شريف

ملفوظات شريف
حضرت پيرسائين سيدمحمدراشد روضي ڌڻيؓ
وعظ ۽ نصيحت بابت
نقل: (58): هڪڙي معتبر راويءَ کان منقول آهي، ته هيڪر پاڻ بهاري فقير بوهڙ جي دعوت تي سندس ديهه ۾ تشريف فرما ٿيا جو ولاسن جي ديهن مان اها به هڪ ديهه آهي. پوءِ جڏهن زيارت ڪرائڻ لاءِ اندر گھر ڏانهن تشريف آندائون، تڏهن عاقل ۽ جلال فقير بوهڙ بابت پڇا ڪيائون، ته ڪجھ پڙهيو اٿن يا نه؟ بهاري فقير عرض ڪيو، ته حضرتا! قرآن شريف پڙهيو هيائون. پر وساري ڇڏيو اٿن. پاڻ فرمايائون، ته هاويه نالي هڪڙو دوزخ آهي، جو سڀني دوزخن کان تمام سخت آهي ۽ انهيءَ ۾ هڪڙو نانگ آهي، جو اهو به تمام سخت آهي. جو هاويه دوزخ پاڻ به ان کان ڪنبندو ۽ ڊڄندو آهي. پوءِ جيڪو شخص قرآن شريف پڙهي ياد ڪري وساريندو اهو انهيءَ نانگ جي وات ۾ هوندو.
نقل: (59): هيڪر پاڻ فرمايائون، ته قرآن شريف پڙهڻ چڱو آهي پر ائين مٿاڇرو نه پڙهجي، جيئن پاڻيءَ جو گھڙو پاڻيءَ سان ڀريل هجي جو ٻيو ڪجھ وجھجيس ته ان ۾ نه ماپي سگھي. اي عزيز! گھڙي مان مراد آهي، دل. پوءِ جيڪڏهن ماڻهوءَ جي دل بي فائدن ۽ پريشان خيالن خطرن سان ڀريل هوندي، ته اتي قرآن شريف جو زيور جاءِ نه وٺندو ڇو، ته الله تعالى جل شانہٗ فرمائي ٿو، ته ”لايمسہ الاالمطهرون“ يعني پاڪائي وارن کان سواءِ قرآن شريف کي ٻيا هٿ نه لائن. پوءِ ضرور ٿيو، ته ظاهري پاڪائي کانسواءِ اندر جي پاڪائي يعني خطرن خيالن کان دل جي صفائي حاصل ڪري پوءِ قرآن شريف پڙهجي، ته سندس نور جي پرتوي سان اندر روشن ٿئي ۽ سندس معنائون دل تي تجلي فرمائن، پوءِ جڏهن پڙهندڙ کي اها صفائي ۽ نور حاصل ٿيو، ته سڀ شيون قرآن شريف ۾ جلوو ڪندڙ نظر ايندس. جيئن، ته الله تعالى جل شانہٗ فرمائي ٿو، ته ”ولا رطب ولا يابس الا في ڪتاب مبين“ يعني ڪا به آلي سڪي شيءِ ڪانه آهي جو قرآن شريف ۾ سندس ذڪر نه ٿيل هجي. پر جي دل جي حضورسان تلاوت نه ڪندو، ته هن وعيد هيٺ داخل ٿيندو، جو پيغمبر ڪريمﷺجن فرمايو آهي، ته ”رب تال القرآن، والقرآن يلعنہ“ يعني ڪيترائي قرآن شريف پڙهندڙ آهن. حالانڪه قرآن شريف کين لعنت ٿو ڪري. اي دوست! جنهن زمين ۾ ٻيلو ۽ گھاٽو جھنگ هوندو آهي، ته جيسيتائين اهو جھنگ هڻي زمين صاف نه ڪبي ۽ هرن وغيرھ سان ٻني لائق آبادي جي نه ڪبي تيسيتائين ان ۾ ڪوبه ٻج نه ٿو ڇٽي سگھجي ۽ نه وري ان مان سلي سائي ٿيڻ جي اميد ٿي رکي سگھجي. پاڻ هن هنڌ ايتري نڪتي بيان ڪرڻ تي اڪتفاء فرمايائون، ڇو ته”العلم ڪثرهاالجاهلون“ يعني علم رڳو هڪ نقطو آهي. باقي جاهلن وٺي ان کي وڌايو آهي.
نقل: (60) صاحبزادو والاتبار ميان حامد شاه عليہ الرحمة نقل ڪري ٿو، ته هيڪر پاڻ صاحبزادن سڳورن کي فرمايائون، ته پاڻ  گڏ ٿي ويهو ۽ ڳالھيون ويھي ڪيو، ته پوءِ اوهان مان هڪڙي کي کپي، ته ڳالھين هلندي ٻين کي چوي، ته هينئر ڳالھيون گھڻيون ڪيون اٿئون. اچو، ته هينئر الله تعالى جل شانہٗ جون ڳالھيون ڪيون، ته جيئن سڀئي وري لڄي ٿي خدا تعالى جل شانہٗ ڏي رجوع ڪن.
نقل: (61): عبدالله فقير نقل ڪري ٿو، ته هيڪر پاڻ مسجد شريف جي پٺ کان ويٺي وضوء ساريائون. مون پنهنجي چادر کين ويهڻ لاءِ هيٺان وڇائي ڏني هئي، ته ان وقت هڪري فقيرياڻيءَ کي فرمايائون، ته وڃي ميان محمد ياسين شاه ۽ محمد صادق شاه کي سڏي اچ! جڏهن صاحبزادھ حاضر ٿيا، تڏهن پاڻ وعظ ۽ نصيحت جي طرح کين فرمايائون، ته اي بابا! ڪجھ ڪري وٺو، ته اسان کان پوءِ آسودا هجو ۽ ٻين مشائخن وانگر مريدن جي دروازن تي پنڻ متان وڃو. پوءِ هن لاءِ نه ته اسان کان پوءِ اسان جي سرفرازي ڪندؤ، بلڪه خاص توهان جي فائدي لاءِ هيءَ ڪوشش ڪيون ٿا ۽ اسان کي هڪڙو مريد آهي، جنهن کان اسان جي دل تمام راضي ۽ برجاء آهي. پوءِ فرمايائون، ته اسان جي وڏي نينگر (يعني مسند نشين اول قدس سرھ) اسان کي تمام راضي ڪيو آهي. پاڻ ٽي ڀيرا ائين فرمايائون ۽ چيائون، ته البته دنيا ڏي ڪجھ مائل آهي. سو به گھڻي سياڻپ جي ڪري پر اهو ڏينهن به الله تعالى جل شانہ ڪندو جو دنيا کي پاڻهي ڇڏي ڏيندو.
نقل: (62): حضرت صاحبزادي وڏي مسند نشين قدس سرھ کان خليفو لقمان رحمة الله عليہ نقل ڪري ٿو، ته هيڪر رمضان شريف جي مهيني ۾ حضرت مرشد معظم﷦ سان گڏ ڏهاڪي ۾ ويٺل هئاسون، ته اسان جي والدھ يعني حضرت پيرسائين روضي ڌڻي﷦ جا وڏا حرم محترم 22 تاريخ رمضان شريف جي وصال فرمايائون، پاڻ مون کي ۽ ميان محمد حسن شاه کي فرمايائون، ته توهان ٻئي اعتڪاف مان نڪري تڪفين تدفين جو سعيو پنهنجي سر وڃي ڪيو ڇو، ته اوهين محرم آهيو. سندن حڪم موجب اسان ٻئي وڃي ڪفن دفن جي ضروري ڪم کان وڃي فارغ ٿياسون.  آءُ موٽي اچي منجھند جو قيلولو يعني ٿوري ننڊ ڪئي ۽ جڏهن ته اهو جمعي جو ڏينهن هو. تنهنڪري آرام ڪرڻ کان پوءِ تڙ ڪري نوان ڪپڙا پائي نماز جي ادا ڪرڻ لاءِ حضور ۾ حاضر ٿياسون ۽ اسان جي ڀاءُ ميان محمد حسن شاه کي ڪم ڪار جي تڪليف ڪري وقت تنگ ٿي ويو جو تڙ ڪرڻ ۽ ڪپڙن نون ڪرڻ جي فرصت ڪانه ملي سگھيس. جڏهن سندن حضور ۾ آيو، ته پاڻ فرمايائون، ته اي بابا! ماتم ڪيو اٿئي ڇا؟ ميان محمد حسن شاه عرض ڪيو، ته حضرتا! ماتم ڪانه ڪيو اٿم پر ڪم ڪار جي تڪليف جي ڪري ننڊ وٺي وئي ۽ نماز جي فوت ٿيڻ جي خوف کان تڙ ڪرڻ ۽ ڪپڙن مٽائڻ جي فرصت نه ملي سگھي. پاڻ ماٺ ڪيائون. تڏهن مون عرض ڪيو، ته حضرتا! هن غلام تڙ به ڪيو آهي ۽ ڪپڙا به مٽايا آهن. پاڻ فرمايائون، ته اسان توکي ڏٺو آهي، تڏهن ته چيو سون
  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

1 comments:

  1. حضرت روزي ڌڻي رضي الله عنه فرمايو، ته قرآن شريف پڙهڻ چڱو آهي پر ائين مٿاڇرو نه پڙهجي، جيئن پاڻيءَ جو گھڙو پاڻيءَ سان ڀريل هجي جو ٻيو ڪجھ وجھجيس ته ان ۾ نه ماپي سگھي.

    ReplyDelete

Item Reviewed: ملفوظات شريف Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top