728x90 AdSpace

Latest News

Ads 468x60px

28 November, 2011


واقعو شهادت جو


      حافظ غلام شبير سومرو سڪندري

يزيد جي تخت نشيني اسلام ۾ هڪ اهڙي بدعت هئي، جنهن اڳتي هلي اسلامي نظام جي پوري عمارت کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. سنه 60 هجري ۾ جڏهن يزيد تخت نشين ٿيو، ته ڪيترن ئي جليل القدر صحابين اسلامي خلافت جي اهڙي اوچتي تبديلي کي پوري طرح محسوس ڪيو. انهن بزرگن مان سڀ کان اڳتي سيدنا حضرت امام حسين ﷦ هو.
حضرت امام حسين سائين کي الله جي رسولﷺ جي حَسين زندگي، صحابه ڪرام جي بهترين ماحول، خلفاءِ راشدين جو اسلام ترقي ۽ اشاعت اسلام جو عظيم دور به سندن اکين اڳيان گذريو هو. يزيد جي تخت نشيني تي امام سائين سمجھي ويا، ته هاڻي صديقي ۽ فاروقي دورِ خلافت جي مسڪيني ۽ فقيري جي جڳهه تي قيصر و قصرى جو نمونو رکيو ويندو. خلفاء آزاد منتخب ٿيڻ بجاءِ زبردستي مسلمانن تي مسلط ٿيندا. راءِ جي اظهار جي آزادي جا هر مسلمان جو بنيادي حق آهي، هميشه هميشه لاءِ کسي ويندي. الله جي حاڪميت بجاءِ بادشاهن جي حاڪميت قائم ٿيندي. قرآن و سنت بجاءِ بادشاهن جي مرضي ۽ خواهش مطابق قانون ٺهڻ لڳندا.
هي سڀ اهي تبديليون هيون جن کي حضرت امام حسين ﷦ جهڙو ذميدار، اسلامي مزاج شناس صحابي زندھ رهي ته برداشت نه ٿي ڪري سگهيو. بالآخر پنهنجي پوري قوت، قول، عمل، مال، اولاد، احباب جي قرباني ۽ پنهنجي عزيز جان جو نذرانو پيش ڪندي اهو حق ادا ڪيائين جيڪو قيامت تائين ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راه بڻجي ويو.

شاہ است حسین، پادشاہ است حسین،
دین است حسین ،دیں پناہ است حسین،
سر داد  نہ  داد  در  دستِ   یزید،
حقا کہ  بنائے  لا الٰہ  است  حسین۔

امام حسين﷦کان بيعت وٺڻ جو مطالبو:
يزيد تخت نشين ٿيندي ئي مديني طيبه ”زادھ الله عزو شرفا“ جي گورنر وليد بن عقبه کي تاڪيد ڪندي حڪم ڪيو، ته امام حسين﷦ ۽ عبدالله بن زبير کان بيعت وٺي.
وليد بن عقبه حڪم جي تعميل جي خطرن کي سمجي رهيو هو. تنهن مروان بن حڪم سان ان متعلق مشورو ڪيو. مروان کيس دير نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
وليد بن عقبه حضرت امام سائين ۽ عبدالله ابن زبير کي يزيد جي بيعت ڪرڻ لاءِ يزيد جو حڪم ٻڌايو. ٻئي بزرگ کيس ان تي سوچڻ جو چئي واپس آيا. عبدالله بن زبير فوراً مڪي پاڪ نڪري آيو. آخر امام سائين به پنهنجي هڪ برادر حضرت محمد بن حنفيه سان مشورو ڪرڻ بعد شعبان سن 60 هجري ۾ پنهنجي اهل و عيال سميت مڪي پاڪ هجرت ڪري آيا. مڪي پاڪ ۾ اچي پاڻ شعب ابي طالب ۾ رهائش ڪيائون.
ڪوفي وارن جا دعوت نامه:
هيڏانھن جيسين پاڻ مڪي پاڪ پهتا، ته ڪوفي (عراق) جي شيعانِ علي جي خطن دعوت نامن جي ڀرمار ٿي ويئي، ته اوهان ڪوفي اچو اسان سڀ اوهان جي بيعت جا منتظر آهيون. پوءِ به ڪوفي جا ڪيترائي رئيس ۽ سردار ايندا رهيا ۽ ڪوفي هلڻ لاءِ وڏو زور بار رکندا رهيا. آخر ڪار انهن جي ايتري اصرار ۽ زور ڀرڻ تي حضرت امام سائين پنهنجي سؤٽ حضرت مسلم بن عقيل کي حالات جي تحقيق لاءِ ڪوفي روانو ڪيو.
حضرت مسلم ڪوفي ۾:
حضرت مسلم﷦ امام عالي مقام﷦ جي حڪم جي تعميل ڪندي ڪوفي روانو ٿي ويو. ڪوفي پهچڻ بعد ڪوفي جي هڪ سردار مختار بن ابي عبيد جي گھر ۾ قيام پذير ٿيا. سندن آمد جو ٻڌي شيعانِ علي جي وٽس آمدو رفت شروع ٿي ويئي. ٻئي طرف يزيدي جاسوسن دمشق اطلاع ڏنو، ته حضرت مسلم ماڻهن کي حضرت حسين﷦ جي بيعت تي جمع ڪري رهيو آهي.
اهو اطلاع ملندي ئي يزيد ڪوفي جي گورنر ابن زياد کي حڪ ڏنو، ته ڪوفي ۾ امام مسلم جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وڃي، نه مڃي ته کيس قتل ڪيو وڃي. ابن زياد اهڙو حڪم ملندي ئي فوراً ڪوفي پهتو ۽ تمام ڪوفي وارن کي گڏ ڪري کين پنهنجي تقريري ۽ يزيدي احڪامن کان واقف ڪيو ٻئي صورت ۾ سخت قدم کڻڻ جي ڌمڪي به ڏئي ڇڏي. ان سان گڏو گڏ هن ڪوفي جي هر هڪ محلي جي چڱي مڙس کي گھرائي انهن تي اها ڊيوٽي لڳائي، ته اهي انهن ماڻهن جي لسٽ ٺاهين جيڪي يزيد جي مخالفت ۾ امام حسين﷦جي بيعت جو ارادو رکن ٿا. هيڏانهن صورتِ حال هيءَ هئي جو تقريباً 18 هزار ڪوفي حضرت مسلم جي هٿ تي بيعت ڪري ڇڏي. امام مسلم کي به ابن زياد جي چالبازين جو علم هو. پاڻ حفاظت ۽ رازداريءَ جي پيشِ نظر اهل بيت جي هڪ ٻئي جانثار حضرت هاني بن عروھ جي گھر ۾ بيعت جو سلسلو جاري رکيو. ان وچ ۾ امام مسلم ڪوفي وارن جي ايتري تعداد جي حمايت، جوش ۽ جذبي کي ڏسي فوراً حضرت امام حسين رضي الله عنہ جن ڪوفي تشريف کڻي اچڻ  ۽ ڪوفين جي انتظار ۽ اصرار بابت به لکي موڪليو هو پر هيڏانهن ٿوري ئي وقت ۾ حالتون تبديل ٿي ويون. ابنِ زياد حضرت مسلم جي تلاش ۾ هو ۽ جاسوسن جو پوري ڪوفي ۾ ڄار وڇائي ڇڏيائين. آخرڪار ابنِ زياد جي هڪ غلام معقل نالي شيعه علي جي لباس ۾ هاني بن عروھ جي ان گھر تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جتي امام مسلم قيام پذير هئا. ابن زياد کي فوري طرح اطلاع ڏنو ويو.
هاني بن عروھ ڪوفي جي معزز سردارن مان هو. هن ان کي گھرائي امام مسلم کي حوالي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. هاني بن عروھ انڪار ڪيو آخرڪار کيس گرفتار ڪرائي قيد ڪري ڇڏيائين ۽ اهو مشهور ڪيو ويو، ته هاني قتل ڪيو ويو آهي. اها خبر ٻڌندي ئي حضرت مسلم پنهنجي هزارين عقيدتمند ڪوفي واسين جولشڪر وٺي ابنِ زياد جي محل کي گھيري ۾ آندو. اتفاق سان اندر ڪي ٿورا ڪوفي جا رئيس ۽ سندس محافظ هئا. ابن زياد انهن رئيسن کي پنهنجي علائقي ۽ محلي جي ماڻهن کي ڌمڪائڻ ۽ ورغلائڻ لاءِ اڳيان آندو. انهن جي ڌمڪين ۽ ڊيڄارڻ تي اهي جانثاري ۽ فدائيت جا نعرا هڻڻ وارا آهسته آهسته پوئتي هٽڻ لڳا. آخر ڪار امام سائين پاڻ کي صرف 30 ڄڻن ۾ ڏٺو ۽ هيترن سارن جي جلدي ۾ بيوفائي تي سخت حيرت ۾ آيا. بالآخر پاڻ هڪ عورت جي گھر ۾ پناه گزين ٿي ويا. ابن زياد ان موقعي جو فائدو وٺندي امام مسلم جي گرفتاري تي انعام جو اعلان ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪوفي ۾ عام تلاشي ورتي وئي. آخر ان عورت جي بدبخت پٽ جي هٿان امام مسلم گرفتار ڪيو ويو. عبيدالله ابن زياد ڪنهن ڳالھ جي پرواه ڪرڻ بغير فوري طرح امام مسلم کي شهيد ڪرائي ڇڏيو.
ياوفا خود نه بود در عالم،
يامگر کس دريں زمانه نه کرد.
امام حسين جي مڪي پاڪ کان روانگي:
هيڏانهن امام سائين کي حضرت مسلم جو خط پهتو سندن اهو پڪو ارادو ٿي ويو، ته جٿان به جيتري به طاقت ملي سگھي پاڻ ان سان خلافتِ اسلاميه جو تحفظ ڪندا.
آخر 3 ذي الحج هڪ ٻي راويت ۾ 10 ذي الحج سنه 60 هجري ۾ پنهنجي اهل و عيال جنهن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. مڪي پاڪ کان عراق لاءِ نڪتا. مڪي کان ٻاهر مشهور شاعر فرزوق جي ساڻن ملاقات ٿي. جنهن اهو صاف چيو هو، ته ڪوفين جون دليون ته اوهان سان آهن پر سندن تلوارون يزيدين سان آهن.
اڳتي هليا، ته کيس ثعلبه نالي جاءِ تي کين مسلم بن عقيل جي شهادت جي خبر ملي. ٿورو اڳتي هليا، ته کين ڪوفين جو سمورو احوال مليو. صورتحال تبديل ڏسي امام سائين پنهنجي قافلي وارن اڳيان سموري ڳالھ بيان فرمائي ۽ هر هڪ کي جازت ڏني ته اهو پنهنجي ماڳ ڏانهن واپس وڃي، ته ان تي ڪا ميار ڪانهي. ان تي جيڪي ماڻهو کين رستي تي ملندا ويا هئا اهي رخصت ٿي ويا ۽ هاڻي صرف اهي جانثار باقي رهيا جيڪي مديني شريف مان ساڻن گڏ آيا هئا. هيڏانهن ابنِ زياد کي سندن روانگيءَ جي خبر ملي چڪي هئي. ان سندن نقل و حرڪت معلوم ڪرڻ لاءِ رستي تي جاسوس ويهاري ڇڏيا. آخر جڏهن پاڻ قادسيه کان اڳتي روانا ٿيا، ته ”حر“ نالي فوجي سالار جي اڳواڻي ۾ پنج هزار فوج سندن اڳيان ظاهر ٿي. هن ٽولي جي اها ڊيوٽي هئي، ته امام سائين سان گڏ رهي ۽ کين ابنِ زياد جي روبرو پهچائي. هلندي ظهر نماز جو وقت ٿيو، پاڻ نماز جماعت ڪرائي پنهنجي ساٿين ۽ ”حر“ جي سپاهين اڳيان هيٺين تقرير فرمائي.
          مسلمانو! الله تعالى جي اڳيان ۽ اوهان جي اڳيان منهنجو عذر اهو آهي، ته آءُ پاڻ پاڻهي هتي نه آيو آهيان. مون وٽ اوهان جا خط پهتا. اوهان جا قاصد پهتا، ته اسان جو ڪو امام نه آهي، اوهان اچو، ته اوهان جي  هٿ تي الله تعالى اسان کي متفق رکي. اگر هاڻي به اوهان جي اهائي خواهش آهي، ته آءُ آيو آهيان ۽ مون سان عهد انجام لاءِ تيار آهيو، ته آءُ توهان وٽ هلڻ لاءِ تيار آهيان. اگر ائين ناهي ۽ توهان منهنجي اچڻ کان خوش ناهيو، ته آءُ واپس وڃڻ لاءِ تيار آهيان.
ان تي ”حر“ کين پنهنجي ڪم بابت عرض رکيو ۽ ٻڌايو، ته اسان کي اهو حڪم مليو آهي، ته اوهان کي ابن زياد وٽ ڪوفي آڻيون ۽ واپس وڃڻ نه ڏيون. مگر هاڻي امام سائين ڪوفي وڃڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪنهن به طرح ابنِ زياد وٽ وڃڻ لاءِ تيار نه هئا. حر پنهنجي مجبوري ڏيکاري ۽ آخر ۾ مشورو ڏنائين، ته اوهان اگر ڪوفي وڃڻ لاءِ تيار ناهيو، ته پوءِ اهڙو رستو وٺو جو نه ڪوفي جو هجي نه مديني جو ڇو، ته مديني جي واپسي به هن وقت ڏاڍي ڏکي هئي. پاڻ اهو مشورو منظور فرمائي اڳتي سفر جاري رکيو. هلندي هڪ ٻئي جاءِ تي جنهن کي ”بيضاء“ چون ٿا، اتي پاڻ حر جي سپاهين ۽ پنهنجي ساٿين اڳيان هي خطبو ارشاد فرمايو.
اي انسانو! نبي اڪرمﷺ جن ارشاد فرمايو. جيڪو شخص اهڙي حاڪم کي ڏسي جيڪو ظلم ڪندڙ هجي. الله جي حدن کي لتاڙيندڙ هجي. الله جي انجامن کي ٽوڙيندڙ هجي، پوءِ ڏسڻ وارا اکين سان ڏسي به پنهنجي فعل سان ۽ زبان سان ان جي خلاف آواز نه اٿارين، ته اهڙي شخص کي الله تعالى ڪٿي به عزت نه بخشيندو ۽ هميشه ذلت جي زندگيءَ ۾ مبتلا رهندو.
ڏسو هي ماڻهو شيطان جا پيروڪار آهن. الله جي اڳيان سرڪشي ڪن ٿا. هر طرف فساد برپا آهي خدا جون حدون لتاڙجي رهيون آهن. حلال کي حرام ۽ حرام کي حلال ڪيو ٿو وڃي. آءٌ انهن سڀني براين کي حق ۽ عدل سان تبديل ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ حق رکان ٿو.
توهان جا بيشمار خط ۽ قاصد مون وٽ بيعت جو پيغام کڻي آيا. اوهان واعدو ڪري چڪا آهيو، ته نه اوهان مون سان  بيوفائي ڪندو ۽ نه دشمنن جو منهنجي مقابلي ۾ ساٿ ڏيندؤ! اگر اوهان ان بيعت تي قائم آهيو، ته اها اوهان لاءِ راهِ نجات آهي. آخر ٻئي ڏينهن امام سائين جن فجر جي نماز کان فارغ ٿي ويٺا، ته ڪوفي کان هڪ قاصد آيو. جنهن ”حر“ سان سلام ڪيو ۽ هڪ خط ان جي حوالي ڪيو. جنهن ۾ ابنِ زياد جي طرفان هي احڪامات هئا.
حسين کي ڪٿي به آرام نه ڏيو.
کلي ميدان کان سواءِ ڪٿي به نه ٽڪي.
ڪنهن قلعه بند ۽ آباديءَ واري جاءِ تي نه رهي.
هي قاصد ا تي نظر رکندو، ته تو منهنجي حڪم جي ڪيتري تعميل ڪئي. حضرت امام عالي مقام جي اڳيان حر اهو خط پيش ڪيو. جڏهن امام سائين کي ان واقعي جي خبر پئي، ته ان مشورو ڏنو ته حر جي فوج سان لڙائي ڪئي وڃي. پر امام سائين فرمايو، ته آءٌ ڪنهن به حالت ۾ لڙائيءَ ۾ اڳرائي نه ڪندس. آخر پاڻ پنهنجي 72 ساٿين سميت هڪ ويران زمين تي اچي منزل ڪيائون. پڇيائون، ان جاءِ جو نالو ڇا آهي. هڪ ساٿيءَ عرض ڪيو، ته هن جاءِ کي ڪربلا چون ٿا. فرمايائون، ها اها ئي جڳهه ڪرب و بلا آهي. اهو ڏينهن 2 محرم سنه 61 هجري هو. ٻئي ڏينهن عمرو بن سعد ڪوفي جي 4000 فوج وٺي اچي لٿو، جنهن امام سائين کي ابنِ زياد جو اهو پيغام ڏنو، ته پاڻ يزيد جي بيعت ڪن. حضرت امام سائين فرمايو، ته آءٌ پهريان به اهو چئي چڪو آهيان ۽ هاڻي به منهنجو اهو ئي جواب آهي. هڪ گنهگار، ظالم ۽ غير مستحق جي بيعت ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي. پر عمرو بن سعد جي طرفان بيعت لاءِ دٻاءُ وڌندو ئي ويو. امام سائين تمام سختيءَسان انڪار فرمائيندا رهيا. ستن ڏينهن تائين مسلسل اهو اصرار ۽ انڪار جو سلسلو جاري رهيو. ان وچ ۾ امام عالي مقام هر نماز کان پوءِهڪ باقائدھ خطبو ڏيندا هئا جنهن ۾ پنهنجي ساٿين کي حق و صداقت جي تعليم ۽تلقين ڪندا هئا ۽ تمام تفصيل سان بيان ڪندا رهيا، ته يزيد جي بيعت ڇا جي ڪري صحيح نه آهي ۽ ڪهڙي طرح طرح يزيدي حڪومت هلندي هلندي املتِ اسلاميه کي ڪيئن بد اعمالن ۽ مسلم معاشري کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي ۽ پڻ خلافتِ اسلاميه جي خاتمي سبب مسلمانن کي اڳتي هلي ڪهڙيون مصيبتون برداشت ڪرڻيون پونديون. پوري تفصيل سان امام سائين جن انهن خيالن جو اظهار ڪندا رهيا. روايت آهي، ته 9 محرم عصر جي وقت شمر ذي الجوشن جي ذريعي عمرو بن سعد کي ابنِ زياد جو پيغام مليو، ته درياه جو پهرو تمام سخت ڪيو وڃي، ته جيئن امام حسين ۽ سندس ساٿي پاڻي حاصل نه ڪري سگھن. ڪربلا ۾ امام حسين ۽ سندس ساٿي رات ڏينهن  خدا جي عبادت ۾ مصروف رهندا هئا. 9 محرم تي عمرو بن سعد آخري مهلت ڏني، ته سڀاڻي صبح تائين يزيد جي بيعت ڪريو يا لڙائيءَ لاءِ تيار رهو.
صبر جي تلقين:
 امام زين العابدين فرمائين ٿا، ته جنهن صبح تي شهادت جو ميدان گرم ٿيڻو هو، ان رات جو واقعو آهي، ته آءٌ بيمار پيو هوس. منهنجي پڦي حضرت زينب رضي الله عنها منهنجي ٽهل ٽڪور ۾ مصروف هئي ايتري ۾ امام حسين اندر آيا ۽ ڪجھ شعر پڙهي رهيا هئا. آءُ سمجھي ويس، ته هاڻي سندن ارادو ڇا آهي؟ منهنجي اکين مان بي اختيار لڙڪ وهي آيا ۽ مون کي يقين ٿي ويو، ته بس اسان تي خدا جي آزمائش اچي وئي آهي. مگر حضرت زينب سهي نه سگھي ۽ رڙيون ڪندي چئي رهي هئي، واه حسرتا واه مصيبتا اليوم ماتت فاطمه و علي والحسن بن علي. حضرت امام سائين سندن اها حالت ڏسي کين تلقين ڪيائون، ته صبر ڪريو، دانهون ۽ رڙيون نه ڪريو موت يقيناً اچڻ واري شيءِ آهي جنهن کان ڪير به بچي نه ٿو سگهي. ليڪن حضرت زينب سانئڻ تمام گھڻي غم ۽ درد ۾ ورتل هئي ۽ غم جي تمام شدت ۾ پنهنجي منهن تي ڌڪ هڻي رني ۽ هاءِ هاءِ ڪندي بي هوش ٿي امام سائين جي پيرن تي ڪري پئي. آخر جڏهن هوش ۾ آئي، ته امام سائين جن فرمايس، ته اي ڀيڻ! هي ڪهڙو غم ۽ ڏک آهي، جيڪو تون ڪري رهي آهين. توکي گهرجي، ته الله جي حڪم ۽ فرمان مطابق جيڪو غم ۽ حزن جو طريقو آهي اختيار ڪيو جو منهنجي لاءِ ۽ هر مسلمان لاءِ رسول اللهﷺ جي زندگي سندس اعمال ۽ افعال تابعداري پيرويءَ جي لاءِ بهترين نمونو آهن. هڪ اهلِ تشيع جي مشهور ڪتاب ”زندگاني سيد الشهداء“ ۾به ارشادِ مفيدﷺ612 جي حوالي سان امام حسين عالي مقام جا هي الفاظ آندل آهن. آخري جملو هي آهي، ”جان بردبار مان توکي قسم ٿو ڏيان، ته مون کان پوءِ طريقي عزاداري ۾ رسول اللهﷺ جي طريقي تي عمل ڪندينءَ. منهنجي شهادت جي غم ۾ گريبان نه ڦاڙجانءِ، ماتم ۽ آه و فرياد نه ڪجانءِ“
ڏهين محرم جو صبح:
ڏهين محرم جو سج اڀريو، ته امام عالي مقام﷦ڪوفي فوج سامھون آخري تقرير مبارڪ هن طرح ڪئي.
”حق جي معاملي ۾ وقت جي بادشاه کان به ڊڄڻ وارا نه آهيون. جنهن رستي تي اسان هلون ٿا ان تي هلڻ وارا سڀ کان افضل آهن. ان جي مخالفت ڪندڙ قيامت جي ڏينهن وڏي نقصان ۽ خساري ۾ هوندا.“
حر پهريان به امام سائين جا خطبات ٻڌي چڪو هو. هن خطاب کي ٻڌي فوراً ڪوفين جي صف مان نڪتو ۽ اعلان ڪيائين ته آءُ امام حسين جي طرفان وڙهندس. پوءِسڀ کان اول اهو ڪوفين سان وڙهيو ۽ شهادت جو جام پيتائين. جمعي جو ڏينهن هو لڙائي زور شور سان جاري هئي. نماز جمعي جو وقت آيو. امام سائين آواز ڏنو، ته نماز لاءِ لڙائي روڪي وڃي. مگر ڪوفين لڙائي نه روڪي، ته پاڻ پنهنجي ساٿين سان نمازخوف جي طريقي تي نماز ادا فرمائي. امام سائين جا ساٿي تمام وڏي دليري ۽ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريندي ڪوفين کي جهنم رسيد ڪندي شهادت جو پيالو پيئندا ويا. جڏهن سندن صاحبزادو امام علي اڪبر شهيد ٿيو، ته پاڻ فرمايائون، ”الحمدلله مولى تنهنجو شڪر آهي جو منهنجي ٻچي دين جي خاطر پنهنجو فرض پورو ڪيو. اي علي اڪبر! تون نانا سائين جون سڪون لاهيندو هئين. تنهنجي صورت هوبهو نانا سائين جهڙي هئي.“ جڏهن ڪو ساٿي نه رهيو، ته امام سائين جن خيمي اندر آيا ۽ الله جي رسولﷺ جو عمامه، پڳ مبارڪ مٿي تي رکيائون. حضرت علي المرتضى جو پٽڪو مبارڪ چيلهه سان ٻڌائون. حيدري تلوار ذوالفقار ڪلهي ۾ وڌي ان سان گڏ انهن خطن جو هڪ وڏو ٿيلهو به ساڻ کنيائون جيڪي ڪوفي وارن کين گھرائڻ لاءِ لکيا هئا. حضرت امام سائين يزيدي فوج تي جيئن جو نظر وڌي، ته اهي شخص اڳيان نظر آيا، جن ڪوفي کان کين خط لکيا هئا. حضرت امام عالي مقام رضي الله تعالى عنه جڏهن ميدانِ جنگ ۾ لٿا، ته عمرو بن سعد مقابلي جي لاءِ سامهون آيو. پاڻ کيس فرمايائون، منهنجي اکين کان پري ٿي وڃ. عمرو بن سعد کي ڏڪڻي اچي ورتو ۽ پوئتي هٽي بيهي رهيو. شمر پيدل فوج کي اشارو ڪيو. جيڪي چئني طرفن کان اچي امام سائين تي ٽٽا. ايسيتائين جو کين 45 زخم تلوارن ۽ بڙڇين ۽ ڀالن جا لڳا ۽ 35 زخم تيرن جا لڳا، تڏهن به پاڻ بهادر شينهن وانگر وڏي دليريءَ سان ڪوفين جي صفن کي چيريندا سامهون ايندڙ مٿان تلوار وهائيندي هڪ ئي وار سان کين جهنم رسيد ڪندا وڙهندا رهيا. آخر شمر سندن گھيرو تنگ ڪيو ۽ ضرار بن شريف نالي پليت سندن کاٻي هٿ تي تلوار اهڙي ريت هلائي جو سندن هٿ مبارڪ ڪٽجي هيٺ وڃي ڪريو. سنان بن انس لعنتي ڇاتي مبارڪ ۾ اهڙو نيزو هنيو جو پٺيءَ کان پار نڪري ويو. امام سائين انهيءَ ڌڪ کان پاڻ سنڀالي نه سگھيا ۽ اهڙي طرح زمين کين پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪري ورتو. ”خولي ابن يزيد“ نالي هڪ پليت سندن پاڪ ۽ مبارڪ سيني تي چڙهي سر مبارڪ جسم اطهر کان ڌار ڪري ڇڏيو. انالله وانا اليہ راجعون.
اتر جو امة قتلت حسينا،
شفاعة جدھ يوم الحساب.
شهادت جي وقت واقعات:ترمذي سلمى کان روايت ڪئي آهي، جنھن ٻڌايو، ته مان حضرت امِ سلمى رضي الله عنهاوٽ ويس ته رني ويٺي. پڇيومانس ته ٻڌايائين، ته مون رسول اللهﷺ جن کي هينئر خواب ۾ ڏٺو. سندن وار مبارڪ ۽ سونهاري مبارڪ مٽيءَ  ڀريل هئا. مون عرض ڪيو، ته يا رسول اللهﷺ مان اوهان کي هي ڪهڙي حالت ۾ ڏسي رهي آهيان؟ پاڻﷺ جواب ڏنائون، ته مون هينئر هينئر حسين کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي. بيهقي حضرت ابنِ عباس جي حوالي سان بيان ڪيو، ته مون ٻنپهرن جي وقت رسول اللهﷺ جو ديدار ڪيو. مان ڏسان پيو، ته پاڻ مٽيءَ ۾ ڀريل وڃي رهيا هئا. سندن دست مبارڪ ۾ هڪ شيشي آهي، جيڪا خون سان ڀريل هئي. مون عرض ڪيو يارسول اللهﷺ منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تان قربان هجن هي ڇا آهي؟ اوهان جا هي حال ڇو آهن؟ فرمايائون، ته هي حسين ۽ ان جي ساٿين جو رت آهي. جو اڄ مون سڄو ڏينهن گڏ ڪيو اٿم. ماڻهن جڏهن ان خواب واري ڏينهن جو حساب ڪيو، ته اهو امام صاحب جي شهادت وارو ڏينهن هو. سندن شهادت کان پوءِ ستن ڏينهن تائين اونده ٿي وئي. ڀتين تي اس جو رنگ پيلو پوڻ لڳو. ڪيترائي تارا ٽٽا ان ڏينهن سج گرهڻ ۾ آيو ۽ مسلسل ڇهن مهينن تائين آسمان جا ڪنارا ڳاڙها رهيا ۽ پوءِ آهسته آهسته اها ڳاڙهاڻ ختم ٿي وئي. يزيدي لشڪرن جڏهن اٺ ذبح ڪيا، ته انهن جو رنگ باه جهڙو ٿي ويو. پڇيائون، ته ڪوڙو زهر ٿي ويو. هر سائو گاه سڪي خاڪ بڻجي ويو. بيت المقدس ۾ موجود هر پٿر جي هيٺان تازو رت ٿي نظر آيو. ابو ياله پنهنجي مسند ۾ ابوعبيدھ کان روايت آندي آهي، ته رسول اللهﷺ جن ارشاد فرمايو، ته منهنجي امت هميشه عدل و انصاف تي قائم رهندي.  بنو اميه مان هڪ شخص يزيد نالي ٿيندو جيڪو ان عدل ۽ انصاف کي پائمال ڪندو. مسند روياني ۾ حضرت ابو درداء کان روايت آهي، ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، ته منهنجي سنت کي تبديل ڪندڙ بنو اميه جو هڪ شخص يزيد نالي هوندو. نوفل بن ابو فرات جو چوڻ آهي، ته آءٌ هڪ ڀيري حضرت عمر بن عبدالعزيز وٽ ويٺل هئس. يزيد جو ذڪر نڪتو، هڪ شخص يزيد کي اميرالمؤمنن چئي نالو ورتو. عمر بن عبدالعزيز ان تي سخت غصي ۾ آيو ۽ ان سزا ۾ کيس 20 ڪوڙا لڳايا.  

  • Blogger Comments
  • Facebook Comments

0 comments:

Post a Comment

Item Reviewed: Description: Rating: 5 Reviewed By: سکندری
Scroll to Top