اداريو
ملڪ جو مستقبل خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو؟
مفتي محمد رحيم سڪندري
شعبان المعظم جو مهينو رسول ڪريمﷺ جن جو مهينو، جنهن ۾ پاڻ تمام گھڻي انداز ۾ روزا رکندا هئا. رات جو قيام معمول کان وڌيڪ فرمائيندا هئا. جڏهن شعبان جي آخري تاريخ ٿيندي هئي، ته پاڻ ڪريمﷺ جن رمضان المبارڪ جي عظمتن جو استقبالي خبطو ڏيندا هئا.
انسانو! توهان وٽ نهايت عظمتن، برڪتن ۽ سعادتن جو مهينو جلوھ افروز ٿي رهيو آهي، جنهن جي رات ۾ هڪ نفل جو ثواب ستر نفلن جي برابر ۽ فرض جي برابر هوندو آهي، جنهن ۾ هڪڙي بابرڪت رات اهڙي به آهي، ڪنهن بي نصيب قدر نه ڪيو، ته اهو هر خير ۽ نيڪيءَ کان محروم رهجي ويو. رمضان جي مهيني ۾ قدر جي رات هزار مهينن کان افضل ۽ برتر آهي. انهيءَ مهيني ۾ ڪنهن روزيدار کي سحري ڪرائڻ ۽ افطار ڪرائڻ وڌ ۾ وڌ بابرڪت ڪم آهي.
رمضان جو مهينو همدرديءَ جومهينو آهي، جنهن ۾ مؤ من جي رزق ۾ وڌ کان وڌ برڪتون عطا ڪيون وينديون آهن. رمضان المبارڪ جنهن ۾ هر طرف قرآن ڪريم ۽ ذڪر و اذڪار جو دلڪش ۽ دلنواز آواز هر مسجد شريف مان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. رمضان المبارڪ جنهن ۾ مئل دليون ۽ قومون نئين زندگي حاصل ڪنديون آهن. ٻئي طرف اکين آڏو خوفناڪ اونداهي، قتل، خون خرابو، ظلم، سفاڪي جو دور دورا آهي. عزت، جان ۽ مال جي حفاظت جو نالو نشان ڪونهي. جن ماڻهن کي قوم پنهنجو اڳواڻ ڪري عوام جي خدمتن لاءِ چونڊيو اهي پاڻ بدديانتي ۽ بربادي جا سمورا ليڪا لتاڙي چڪا آهن. ڪا اٿارٽي ڪانهي جيڪا کين لغام ڏي، نه فوج! نه عدليه! نه وري ميڊيا.
عوام مهانگائي ۽ بدامني، ظلم ۽ بربريت جي ڪري پاڻ جان به لب آهي. شايد اڃا تائين عوام کي پنهنجي ۽ پرائي، محافظ ۽ رهزن جي به خبر ڪانه آهي. اهڙي صورت ۾ ملڪ جو مستقبل خداڄاڻي ڇا ٿيندو؟ اسان کي امن پسندن، قانون جي محافظن، ظالمن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرجي.
رمضان شريف ۾ تلاوت، ذڪر، درود شريف، روزا ۽ توبه گھڻي انداز ۾ ڪري رب کي ٻاڏائڻ گھرجي ۽ پنهنجي وطن عزيز جي ترقي، خوشحالي ۽ پائدار امن واسطي پڻ ڌڻيءَ در دعائون گھرڻ گھرجن.
اَسْتَغْفِرُاللھِ الَّذِیْ لَا اِلٰھَ اِلَّا ھُوَا لْحَیُّ الْقَیُّوْمُ وَاَتُوْبُ اِلَیْھِ
0 comments:
Post a Comment